13
برنباس ۽ سائول جو مخصوص ٿيڻ
1انطاڪيا جي ڪليسيا ۾ خدا جو پيغام ڏيندڙن ۽ استادن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو بادشاهہ هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول. 2هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“ 3سو جڏهن هو روزي سان دعا گھري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.
پولس جو پهريون تبليغي سفر
(13:4–14:28)
(قبرص ٻيٽ ۾)
4سو پاڪ روح جي حڪم موجب برنباس ۽ سائول روانا ٿيا. هو سلوڪيا جي بندرگاهہ تي وڃي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن ويا. 5جڏهن هو اتي سلميس شهر ۾ پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخانن ۾ مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳا. يوحنا عرف مرقس جيڪو انهن سان گڏ هو، تنهن هن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.
6جڏهن هو سڄو ٻيٽ لتاڙي پافس شهر ۾ پهتا تہ هنن اتي نبي سڏائيندڙ هڪڙو يهودي جادوگر ڏٺو، جنهن جو نالو بريسوع هو. 7هو ٻيٽ جي رومي گورنر سرگيس پولس، جيڪو هڪڙو ذهين شخص هو تنهن جو درٻاري هو. انهيءَ گورنر برنباس ۽ سائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي انهيءَ پيغام کي ٻڌڻ لاءِ سندس دل پئي چاهيو. 8پر بريسوع عرف اليماس، جنهن جي معنيٰ آهي ”جادوگر،“ تنهن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي. 9پوءِ سائول، جنهن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آهن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانهن چتائي نهاريو 10۽ چيائينس تہ ”اي ابليس جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون خداوند جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟ 11سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي. 12جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ خداوند عيسيٰ بابت تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس ايمان آندائين.
(پسديا واري انطاڪيا شهر ۾)
13 پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي پمفيليا علائقي جي پرگا شهر ۾ آيا. پوءِ يوحنا عرف مرقس هنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانهن موٽي ويو. 14پولس ۽ برنباس وارا پرگا مان پسديا علائقي واري انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ #13:14 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص عبادت جو ڏينهن هوندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن يهودين جي عبادتخاني ۾ وڃي ويٺا. 15جڏهن اتي توريت ۽ پاڪ ڪلام جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن عبادتخانن جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“
16تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو. 17#خر 1:7، 12:51 بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ جڏهن هو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهندا هئا، تڏهن انهن کي وڏي قوم بڻايائين. پوءِ خدا پنهنجي عظيم قوت سان انهن کي مصر مان ڪڍي آندو 18#ڳا 14:34، شر 1:31 ۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو. 19#شر 7:1، يش 14:1 تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو. 20#ره 2:16، 1.سم 3:20 اهڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا.
ان کان پوءِ خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انهن لاءِ رهبر مقرر ڪندو رهيو. 21#1.سم 8:5، 10:21 تڏهن هنن بادشاهہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن بادشاهہ مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي. 22#1.سم 13:14، 16:12، زب 89:20 پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘
23هاڻي جيئن خدا واعدو ڪيو هو، تيئن ئي هن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيندڙ موڪليو، يعني عيسيٰ. 24#مر 1:4، لو 3:3 عيسيٰ جي اچڻ کان اڳ ۾ يحيٰ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ منادي ڪئي تہ توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو. 25#مت 3:11، مر 1:7، لو 3:16، يو 1:20،27 جڏهن يحيٰ پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ تي هو تہ هن ماڻهن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڏسو، آءٌ اهو نہ آهيان جنهن جو اوهين انتظار ڪري رهيا آهيو، پر اهو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙيان.‘
26اي ابراهيم جو اولاد، منهنجا همقوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! انهيءَ ڇوٽڪاري وارو پيغام اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي. 27پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن عيسيٰ کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن نبين جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پاڪ ڪلام مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح نبين جون لکتون سچيون ثابت ٿيون. 28#مت 27:22-23، مر 15:13-14، لو 23:21-23، يو 19:15 هائو، جيتوڻيڪ انهن کي عيسيٰ جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنهن هوندي بہ هنن گورنر پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏي. 29#مت 27:57-61، مر 15:42-47، لو 23:50-56، يو 19:38-42 پوءِ جڏهن انهن جي هٿان پاڪ ڪلام ۾ هن بابت لکيل اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، تڏهن انهن سندس لاش کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکي ڇڏيو. 30پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو 31#رس 1:3 ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي ڏيکاري ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن.
32سو خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو تنهن جي خوشخبري اسين ٻڌايون ٿا. 33#زب 2:7 خدا انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ عيسيٰ کي جيئرو ڪري اهو واعدو پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ
’تون منهنجو پٽ آهين،
هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان.‘
34 #
يس 55:3
باقي اها ڳالهہ تہ خدا انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو هو وري ٻيهر ڪڏهن بہ نہ مرندو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل
پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘
35 #
زب 16:10
وري هڪڙي زبور ۾ خدا لاءِ لکيل آهي تہ
’تون پنهنجي پاڪ ٻانهي کي
ڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘
36خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو. 37پر جنهن کي خدا مئلن مان وري جيئرو ڪيو، تنهن تي ڳرڻ سڙڻ واري تہ حالت ئي ڪين آئي. 38تنهنڪري اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ عيسيٰ جي طرفان اوهان اڳيان گناهن جي معافيءَ جو اعلان ڪجي ٿو. 39هاڻ جيڪو بہ هن تي ايمان آڻي ٿو سو خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو، جڏهن تہ موسيٰ جي شريعت جي وسيلي هو سچار بڻجي نہ سگھي ها. 40خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو آهي سو اوهان سان نہ ٿئي تہ
41 #
حبق 1:5
’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا،
سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا
۽ برباد ٿي ويندا،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾
هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس،
جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي
تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“
42جڏهن برنباس ۽ پولس يهودين جي عبادتخاني مان ٻاهر نڪتا تہ ماڻهن کين منٿون پئي ڪيون تہ اهي وري ٻئي سبت جي ڏينهن تي اچي کين انهن ڳالهين بابت وڌيڪ ٻڌائين. 43مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل خداپرست ماڻهو انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”خدا جي انهيءَ فضل تي قائم رهندا اچو.“
44ٻئي سبت جي ڏينهن تي اٽڪل پورو شهر مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو. 45جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس بيعزتي ڪرڻ لڳا. 46پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا، 47#يس 42:6، 49:6 ڇاڪاڻ تہ خداوند جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ
’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي،
تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“
48جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي انهيءَ پيغام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. 49ائين مسيح بابت خداوند جو پيغام انهيءَ علائقي ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي ويو.
50تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون. 51#مت 10:14، مر 6:11، لو 9:5، 10:11 تڏهن پولس ۽ برنباس انهن جي خلاف پنهنجي #13:51 پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي انهيءَ دور جي هڪ رسم، جنهن مان مراد ڪنهن ڳالهہ کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي ذميواري سندن مٿان هجڻ جو اظهار ڪرڻ هو.پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي اڪونيم شهر ڏانهن هليا ويا. 52تنهن هوندي بہ انطاڪيا جا ايمان وارا خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رهيا.