YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 11

11
پطرس جو پنهنجا ڪم بيان ڪرڻ
1 رسولن ۽ سڄي يهوديہ جي ايمان وارن ٻڌو تہ غير قومن بہ مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي. 2سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي طهر واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ 3”تون اڻ‌طهريلن جي گھر ۾ نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“ 4تنهن تي پطرس انهن کي شروع کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ 5”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي رويا ڏيکاري ويئي تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي. 6مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو توڙي جھنگلي جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي نظر آيا 7۽ هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن مون کي چيو تہ ’پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.‘ 8پر مون چيو تہ ’اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آهي.‘ 9تنهن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آهي تنهن کي پليت نہ چئُہ.‘ 10ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اهي سڀيئي شيون آسمان ڏانهن کڄي ويون. 11ايتري ۾ ٽي ماڻهو جن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو ويو هو، سي انهيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنهن ۾ آءٌ رهيل هئس. 12پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين. 13هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ ملائڪ کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. 14هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘ 15پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انهن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو هو. 16#رس 1‏:5 تڏهن مون کي خداوند عيسيٰ جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘ 17اهو صاف آهي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آهي، جيڪا هن اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ ڪري عطا ڪئي هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو خدا کي روڪي سگھان ها؟“ 18جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”واہ! خدا غير قومن کي بہ زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“
انطاڪيا شهر جي ڪليسيا
19 # رس 8‏:1‏-4 استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خداوند عيسيٰ بابت خدا جو پيغام نہ ٻڌائيندا هئا. 20پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا. 21جيئن تہ انهن تي خداوند جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن پيغام ٻڌي ايمان آڻيندي خداوند عيسيٰ ڏانهن ڦري آيا.
22اهي خبرون جڏهن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو. 23‏-24برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.
25پوءِ برنباس سائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو. 26جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين ڪليسيا جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي تعليم ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو ايمان وارا پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.
27انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي خدا جو پيغام ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا. 28#رس 21‏:10 انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو. 29اها اڳڪٿي ٻڌي ايمان وارن مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين. 30سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي ڪليسيا جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 11: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in