YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 10

10
پطرس ۽ ڪُرنيليس
1قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو. 2هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ديندار ۽ خدا جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو هو. 3هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ خدا جي هڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“ 4هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس. 5هاڻي تون ڪي ماڻهو يافا شهر ڏانهن موڪل، جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچن جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. 6هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.“ 7اهو چئي ملائڪ وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ديندار سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو. 8هن انهن کي سڄي ڳالهہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانهن موڪليائين.
9ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙهيو. 10هن کي بک لڳي ۽ چاهيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ سو جڏهن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ هن کي رويا ڏيکاري ويئي. 11هن ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو آهي ۽ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي ڌرتيءَ طرف هيٺ لهي رهي آهي. 12ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت‌جڻا ۽ پکي هئا. 13تڏهن هڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.“ 14پر پطرس چيو تہ ”اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“ 15وري آواز آيس تہ ”جنهن کي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي پليت نہ چئُہ.“ 16ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اها شيءِ هڪدم وري آسمان ڏانهن کڄي ويئي.
17 پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪا رويا مون کي ڏيکاري ويئي آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا. 18هنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آهي، سو هن گھر ۾ رهيل آهي ڇا؟“ 19پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ رويا جو مطلب ڇا آهي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن. 20سو اُٿ ۽ هيٺ لهي وڃ. انهن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇو تہ مون ئي انهن کي موڪليو آهي.“ 21تنهن تي پطرس هيٺ لهي ويو ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ ”آءٌ اهو آهيان، جنهن کي اوهين ڳولي رهيا آهيو. اوهين ڪيئن آيا آهيو؟“ 22انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ خداپرست ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي خدا جي هڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“ 23پطرس انهن ماڻهن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي رهايائين.
ٻئي ڏينهن تي هو تيار ٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ يافا مان ڪي ايمان وارا بہ هن سان گڏ هليا. 24ٽئين ڏينهن تي هو قيصريہ ۾ پهتو، جتي ڪُرنيليس پنهنجي مٽن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن سميت هنن جو انتظار ڪري رهيو هو. 25جڏهن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪُرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سجدو ڪيائينس. 26پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اُٿو، آءٌ پاڻ بہ هڪ انسان آهيان.“ 27پطرس ڪُرنيليس سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن. 28پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان. 29اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“
30ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي دعا گھري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو. 31هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! خدا تنهنجيون دعائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجيون خيراتون قبول ڪيون ويون آهن. 32سو ڪنهن ماڻهوءَ کي يافا ڏانهن موڪلي شمعون نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ جنهن کي پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.‘ 33تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“
پطرس جو پيغام
34 # شر 10‏:17 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري، 35بلڪ جيڪو خدا جو خوف رکي ٿو ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو سو ئي وٽس قبول پوي ٿو، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن بہ قوم مان هجي.
36خدا جي خوشخبريءَ جو پيغام جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ عيسيٰ مسيح جيڪو سڀني جو خداوند آهي، تنهن جي وسيلي خدا سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي. 37اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي. 38اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو. 39اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو. 40پر خدا ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ظاهر ڪيو. 41#لو 24‏:41‏-43خدا سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيئرو ٿي اٿيو. 42عيسيٰ مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي خدا مئل ۽ جيئرن ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي. 43انهيءَ بابت سڀني نبين جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنهن جا گناهہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“
غير قومن کي پاڪ روح جو ملڻ
44 پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پاڪ روح نازل ٿيو، جيڪي پيغام ٻڌي رهيا هئا. 45‏-46مسيح تي ايمان رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ خدا پنهنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ 47”هنن ماڻهن کي اسان وانگر ئي پاڪ روح مليو آهي. هاڻي انهن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“ 48سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 10: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in