1
1 #
رس 19:29، رو 16:23، 1.ڪر 1:14 آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط تو پياري گيُس ڏانهن لکان ٿو جنهن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان.
گيُس جي ساراهہ
2اي پيارا! منهنجي اها دعا آهي تہ شل تون هر حال ۾ خوش رهين ۽ جسماني لحاظ کان ائين تندرست هجين، جيئن روحاني لحاظ کان آهين. 3اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو تہ جڏهن خوشخبريءَ جي ڪن تبليغ ڪرڻ وارن اچي اها شاهدي ڏني تہ تون #1:3 سچ يعني خداوند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري. ڏسو هن خط جو تعارف.سچ تي قائم رهندي سچائيءَ سان زندگي گذاري رهيو آهين، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.
5اي منهنجا پيارا! جيڪي تبليغ ڪرڻ وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنهنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آهن، تڏهن بہ تون سچائيءَ سان انهن جي خدمت ڪرين ٿو. 6هتان جي ڪليسيا جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن خدا کي پسند آهي، 7ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير ايمان وارن جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون. 8سو اسان جو فرض آهي تہ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪريون، تہ جيئن اسين هن سچ واري ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.
مخالفت ڪندڙ ديترفيس
9مون تنهنجي ڪليسيا ڏانهن ڪجھہ لکيو هو. پر ديترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو منهنجي اختياري نہ ٿو مڃي. 10سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر تبليغ ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو.
ديميتريُس جي ساراهہ
11منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي راهہ تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو خدا جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن خدا کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي. 12ديميتريُس جي چڱائيءَ جي هر ڪو، بلڪ خود سچ بہ شاهدي ڏئي ٿو. اسين بہ سندس شاهدي ڏيون ٿا ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان جي شاهدي سچي آهي.
آخر ۾ دعا سلام
13مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون تو کي ٻڌائڻيون هيون، پر آءٌ اهي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. 14اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالهائينداسين.
15شل تو تي سلامتي هجي.
هتان جا دوست تو کي سلام چون ٿا. تون ايڏانهن وارن دوستن کي نالي وار اسان جا سلام چئجانءِ.