1
1آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري عورت ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي #1:1 سچ يعني خداوند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري. ڏسو هن خط جو تعارف.سچ کي ڄاڻين ٿا. 2اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو ۽ هميشہ اسان سان گڏ رهندو.
3اسين جيڪي سچائيءَ ۽ پيار ۾ رهون ٿا، تن تي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي ٿيندي رهي ٿي.
پيار جو حڪم
4آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آهي. 5#يو 13:34، 15:12،17، 1.يو 2:7 سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي. 6#1.يو 5:3پيار جو مطلب هي آهي تہ اسين اهي عمل ڪريون جن جو خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي. هي اهو ئي حڪم آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اوهين پيار سان زندگي گذاريو.
مسيح جا مخالف
7 #
1.يو 4:2-3
اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ دنيا ۾ ڪيترائي گمراهہ ڪندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو گمراهہ ڪندڙ ۽ #7 مسيح جا مخالفمسيح جا دشمن جيڪي پاڻ کي مسيح ٿا سڏائين.مسيح جا مخالف آهن. 8سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو اجر حاصل ڪجو. 9#1.يو 2:23جيڪو بہ مسيح جي تعليم تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي ۽ فرزند بہ. 10جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس سلام ڪجو. 11ياد رکو، جيڪو اهڙي ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو.
پڄاڻي
12مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. 13مسيح ۾ چونڊيل تنهنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي سلام ڏين ٿا.