5
ايمان وارن سان سلوڪ
(5:1–6:2)
1ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ. 2وڏي عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پاڪيزگيءَ سان سمجھاءِ.
(رننزالن بابت نصيحت)
3انهن رننزالن جي پوريءَ طرح عزت ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن. 4پر جيڪڏهن ڪنهن رنزال کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ خدا کي اهو پسند آهي. 5اهڙي رنزال جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رهي. 6پر جيڪا رنزال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آهي. 7انهن ڳالهين لاءِ سڀني کي تاڪيد ڪر تہ جيئن ڪنهن تي بہ ڪا تهمت نہ لڳي. 8جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مائٽن ۽ خاص ڪري پنهنجي گھر ٻار جي سار سنڀال نہ ٿو ڪري، تہ اهو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انهيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آهي جنهن جو ڪو ايمان ڪونهي.
9رننزالن جي فهرست ۾ انهيءَ رنزال جو نالو داخل ڪيو وڃي، جنهن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ هجي ۽ پنهنجي مڙس سان وفادار ٿي رهي هجي. 10اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهماننوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.
11-12پر جوان رننزالن کي انهيءَ فهرست ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪي پنهنجي نفساني خواهشن جي تابع ٿي شادي ڪرڻ گھرن ٿيون، تڏهن فهرست ۾ داخلا وقت مسيح سان ڪيل واعدو ٽوڙي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو سبب ٿيون بڻجن. 13انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن. 14تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنونزالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين. 15آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چاهيان جو هن کان اڳ ڪي رنونزالون گمراهہ ٿي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آهن.
16جيڪڏهن ڪنهن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ ڪي رنونزالون هجن، تہ اها ئي سندن پرگھور لهي. ڪليسيا تي انهن جو بار نہ پوڻ کپي، تہ جيئن ڪليسيا انهن رننزالن جي پرگھور لهي سگھي جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.
(اڳواڻن بابت نصيحت)
17جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن. 18#شر 25:4، مت 10:10، لو 10:7 پاڪ ڪلام ۾ بہ ائين ئي لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ اهو بہ لکيل آهي تہ ”مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.“ 19#شر 17:6، 19:15 ڪنهن اڳواڻ تي ڪا تهمت لڳي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کان سواءِ نہ ٻڌجانءِ. 20پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ملامت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي.
21آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، عيسيٰ مسيح ۽ خاص ملائڪن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن تعصب جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ. 22ڪنهن ماڻهوءَ کي خدمت لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پاڪ رکجانءِ.
23معدي ۾ تڪليف ۽ اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري هاڻي رڳو پاڻي ئي نہ پيئندو ڪر، بلڪ ٿوري مئي بہ استعمال ڪندو ڪر.
24هيءَ ڳالهہ ياد رک تہ ڪن ماڻهن جا گناهہ سندن عدالت ۾ پهچڻ کان اڳي ئي صاف ظاهر ٿا ٿين، پر ڪن جا گناهہ بعد ۾ ظاهر ٿيو پون. 25ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.