YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 15

15
مسيح جو مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ
1هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو. 2انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.
3 # يس 53‏:5‏-12 جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پاڪ ڪلام مطابق اسان جي گناهن جي واسطي پنهنجي جان ڏني. 4#زب 16‏:8‏-10، مت 12‏:40، رس 2‏:24‏-32 پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي. 5#مت 28‏:16‏-17، مر 16‏:14، لو 24‏:34‏،36، يو 20‏:19 پوءِ پطرس کي ۽ بعد ۾ ٻارهن رسول نالي ٽولي کي ڏيکاري ڏنائين. 6تنهن کان پوءِ پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي هڪ ئي وقت ڏيکاري ڏنائين، جن مان گھڻا اڃا تائين جيئرا آهن، جڏهن تہ ڪجھہ مري ويا آهن. 7پوءِ وري هن يعقوب کي ۽ بعد ۾ سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.
8 # رس 9‏:3‏-6 سڀني کان پوءِ هن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو هئس. 9#رس 8‏:3 آءٌ تہ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ رسول سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو هئم. 10هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي. 11تنهنڪري آءٌ هجان توڙي اهي هجن، اسين سڀ ساڳي پيغام جي منادي ٿا ڪريون ۽ انهيءَ تي ئي اوهان ايمان بہ آندو آهي.
مئلن جو جيئرو ٿي اٿڻ
12هاڻي جڏهن اها منادي ڪئي ٿي وڃي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، تہ اوهان مان ڪي ڪيئن ٿا چون تہ مئل جيئرا ٿي ڪين ٿا اٿن؟ 13جيڪڏهن مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي. 14هاڻ جيڪڏهن مسيح جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آهي ۽ اوهان جو ايمان رکڻ بہ اجايو آهي. 15پوءِ تہ اسين خدا جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاهد ٿي پياسين، ڇو تہ اسان شاهدي ڏني آهي تہ هن مسيح کي جيئرو ڪيو. سو جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ خدا مسيح کي بہ جيئرو ڪري نہ اٿاري ها. 16مطلب تہ جيڪڏهن مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ مسيح بہ جيئرو ڪري نہ اٿاريو ويو آهي 17۽ جيڪڏهن مسيح جيئرو ڪري نہ اٿاريو ويو آهي تہ اوهان جو ايمان رکڻ اجايو آهي ۽ اوهين اڃا تائين پنهنجن گناهن ۾ غرق آهيو. 18تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي ايمان رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا. 19جيڪڏهن اسين رڳو هن زندگيءَ لاءِ مسيح ۾ اميد ٿا رکون تہ پوءِ اسين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ قياس جي لائق آهيون.
20پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي. 21جيئن انسان جي وسيلي موت آيو، تيئن انسان جي ئي وسيلي مئلن جو جيئرو ٿي اٿڻ بہ آيو آهي. 22هائو، جيئن آدم جا هئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا آهن سي سڀ جيئرا ڪيا ويندا. 23پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيئرو ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيئرا ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن. 24انهيءَ کان پوءِ آخرت ٿيندي، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ طاقت کي ختم ڪري بادشاهي خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيندو. 25#زب 110‏:1 اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري. 26سڀني کان آخري دشمن جيڪو ختم ڪيو ويندو سو آهي موت. 27#زب 8‏:6 اهو ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي. 28ڏسو، جڏهن خدا سڀ ڪجھہ فرزند جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن فرزند پنهنجو پاڻ خدا جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون فرزند جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ هوندو.
29جيڪڏهن مئل وري جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مئل واقعي ئي جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ انهن جي حق ۾ ماڻهن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟ 30يا وري اسين هر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟ 31اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي. 32#يس 22‏:13 جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي زندگيءَ لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.
33تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“ 34صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.
روحاني جسم
35هاڻي شايد ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن جيئرا ڪري اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اهي وري ڪهڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟ 36اي بي‌سمجھہ! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو. 37اهڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اهو جسم نہ آهي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آهي پر رڳو داڻو آهي، پوءِ اهو ڪڻڪ جو هجي يا ڪنهن ٻي جنس جو. 38خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انهيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ هر هڪ ٻج کي پنهنجو پنهنجو جسم عطا ڪري ٿو.
39سڀني جو جسم هڪجهڙو نہ ٿيندو آهي. انسانن جو جسم هڪ قسم جو آهي تہ چوپاين جو ٻئي قسم جو، پکين جو هڪڙو تہ مڇين جو ٻيو. 40آسماني جسم بہ آهن ۽ زميني بہ. پر آسمان وارن جو جلوو هڪڙو آهي تہ زمين وارن جو وري ٻيو. 41سج جو جلوو هڪڙو آهي تہ چنڊ جو وري ٻيو ۽ تارن جو اڃا وري ٻيو. هر هڪ تارو وري ٻئي تاري کان جلوي ۾ جدا آهي.
42اهو ئي حال آهي مئلن جي جيئرو ٿي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فاني حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا واري حالت ۾ جيئرو ٿئي ٿو. 43اهو بي‌قدريءَ سان پورجي ٿو، پر شان وَ شوڪت سان جيئرو ٿئي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ٿي جيئرو ٿئي ٿو. 44دنياوي جسم پورجي ٿو پر روحاني جسم ٿي جيئرو ٿئي ٿو. جيڪڏهن دنياوي جسم آهي تہ پوءِ روحاني جسم بہ آهي، 45#پيد 2‏:7 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح روحاني جسم ٿي زندگي بخشيندڙ بڻيو. 46انهيءَ هوندي بہ پهريائين روحاني جسم واري نہ، پر دنياوي جسم واري حالت ٿئي ٿي ۽ پوءِ روحاني جسم واري. 47پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آسمان مان آيو. 48مٽيءَ وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ آسمان وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو آسمان مان آيو. 49يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جي صورت ملي آهي، تهڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ضرور ملندي.
50اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي جسم وارو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو فاني آهي سو بقا وارين شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي. 51‏-52#1.ٿس 4‏:15‏-17 ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ راز ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين ايمان وارا سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري صور جي ڦوڪ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيئرا سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اها صور جڏهن ڦوڪي ويندي، تڏهن مري ويلن کي بقا واري حالت ۾ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين. 53سو اهو لازمي آهي تہ هي فاني جسم بقا جي پوشاڪ پائي. هائو، مرڻ وارو جسم دائمي زندگيءَ جي پوشاڪ پائي. 54#يس 25‏:8 پوءِ جڏهن فاني ۽ مرڻ وارو جسم غير فاني ۽ دائمي زندگيءَ واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پاڪ ڪلام ۾ ڪيل هي قول پورو ٿيندو تہ
”موت نابود ٿي ويو، مڪمل فتح ٿي آهي.
55 # هوس 13‏:14 اي موت! ڪيڏانهن ويئي تنهنجي فتح؟
اي موت! ڪيڏانهن ويو تنهنجو ڏنگ؟“
56ڏسو، موت جو ڏنگ گناهہ آهي ۽ گناهہ جي طاقت شريعت آهي. 57پر خدا جو شڪر آهي جو هو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي فتح بخشي ٿو.
58تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 15: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in