YouVersion Logo
Search Icon

رومين 4

4
ابرهام جو مثال
1هاڻ آءٌ ابرهام جو مثال ڏيندس، جيڪو شرير جي لحاظ کان اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن ايشور ڏانهن سچار بڻيو. 2جيڪڏهن ابرهام پنهنجي عملن جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر ايشور جي شرڻ ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو، 3#پيد 15‏:6، گل 3‏:6 ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ 4جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي. 5جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر ايشور تي وشواس آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو وشواس سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي. 6جنهن ماڻهوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ هيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ
7 # زب 32‏:1‏-2 ”سڀاڳا آهن اهي، جن جا ڏوهہ ايشور معاف ڪيا آهن،
۽ جن جا پاپ بخشي ڇڏيا اٿائين.
8هائو، سڀاڳا آهن اهي جن جا پاپ
پرميشور ليکي ۾ ڪين ٿو آڻي.“
9ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جن جو ختنو ٿيل آهي؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابرهام جي وشواس رکڻ جي ڪري ئي ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. 10ابرهام جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس ختني ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابرهام جي ختني ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي. 11#پيد 17‏:10 ابرهام جو ختنو پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ ايشور سندس وشواس رکڻ جي ڪري ئي کيس ختني کان سواءِ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابرهام انهن سڀني جو پتا آهي، جيڪي ختني کان سواءِ ايشور تي وشواس آڻين ٿا ۽ ايشور کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو. 12ان سان گڏوگڏ هو انهن ختنو ٿيلن جو بہ پتا آهي، جيڪي نہ رڳو ختنو ٿيل آهن پر وشواس وارو اهڙو جيون گذارين ٿا جهڙو اسان جي پتا ابرهام ختني کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاريو.
ايشور جو وچن وشواس جي وسيلي
13 # پيد 17‏:4‏-6، 22‏:17‏-18، گل 3‏:29 ابرهام ۽ سندس اولاد سان ايشور اهو وچن ڪيو هو تہ هو کين سنسار جو وارث بڻائيندو. پر اهو وچن انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابرهام نيم تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن وشواس آندو ۽ ائين ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو. 14#گل 3‏:18 جيڪڏهن سنسار جي وارث بڻائڻ جو وچن ايشور انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي نيم تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ ايشور تي وشواس آڻڻ اجايو ۽ سندس وچن بيڪار ٿي پوي ها. 15ڳالهہ اها آهي تہ نيم تہ ايشور جو ڏمر پيدا ڪري ٿو، پر جتي نيم ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟
16 # گل 3‏:7 تنهنڪري اهو وچن وشواس رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو ايشور جي ڪرپا جي بخشش هجي، جيڪو ابرهام جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ نيم آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابرهام وانگر وشواس آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابرهام اسان سڀني جو پتا آهي، 17#پيد 17‏:5 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن. 18#پيد 15‏:5 ابرهام نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي ايشور تي وشواس رکيو ۽ گھڻين قومن جو پتا بڻيو، جيئن ايشور وچن ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“ 19#پيد 17‏:17 جيتوڻيڪ سندس عمر اٽڪل هڪ سؤ سال هئي ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ هئي، تنهن هوندي بہ ابرهام جو وشواس ڪمزور نہ ٿيو 20۽ ايشور جي وچن تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو وشواس ۾ وڌيڪ پڪو ٿي ايشور جي مهما ڪندو رهيو. 21هائو، هن کي پورو يقين هو تہ ايشور جيڪو وچن ڪيو آهي تنهن کي پوري ڪرڻ جي شڪتي بہ رکي ٿو. 22اهو ئي سبب هو جو ايشور ابرهام کي سندس وشواس رکڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. 23اهي لفظ تہ ”پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو،“ رڳو ابرهام لاءِ لکيل نہ آهن، 24پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ ايشور تي وشواس آڻيون ٿا جنهن اسان جي پرڀو يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو. 25#يس 53‏:4‏-5 اسان جي پاپن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيوت ڪيو ويو.

Currently Selected:

رومين 4: HSB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in