YouVersion Logo
Search Icon

رومين 1

1
1هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي #1‏:1 سنتهن مان مراد ايشور جو پولس کي ڪنهن خاص اختياريءَ ۽ ڪم لاءِ مخصوص ڪرڻ آهي. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت.“سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.
2انهيءَ خوشخبريءَ جو وچن ايشور اڳي ئي پوِتر شاستر ۾ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڪيو هو. 3‏-4اها خوشخبري سندس پٽ، يعني اسان جي پرڀو يسوع مسيح بابت آهي، جيڪو شرير جي لحاظ کان تہ #1‏:3‏-4 راجا دائود جي پيڙهيءَ مان پيدا ٿيوهي اشارو وچن ڪيل مسيح ڏانهن آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”دائود جو اولاد.“راجا دائود جي پيڙهيءَ مان پيدا ٿيو، پر پنهنجي پوِترتائيءَ واري آتما جي لحاظ کان هو مئلن مان وري جيوت ٿي ايشور جي وڏي شڪتيءَ وارو پٽ ثابت ٿيو. 5انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. 6انهن ماڻهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو، جن کي ايشور يسوع مسيح جا پوئلڳ ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
7هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.
پولس جي روم وڃڻ جي تمنا
8سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ يسوع مسيح جي معرفت پنهنجي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي وشواس جون ڳالهيون سڄي سنسار ۾ ٿي رهيون آهن. 9ايشور، جنهن جي پٽ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي تن ۽ من سان سندس سيوا ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي پرارٿنائن ۾ ياد ڪندي 10اها وينتي ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور شل مون کي هاڻي جو هاڻي اوهان وٽ اچڻ ۾ ڪاميابي بخشي. 11مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا آتمڪ بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي وشواس ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو. 12آءٌ سمجھان ٿو تہ انهيءَ سان اسان ٻنهي جي حوصلہ‌افزائي ٿيندي، اوهان جي وشواس سان منهنجي ۽ منهنجي وشواس سان اوهان جي.
13 # سن 19‏:21 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي. 14مون تي سڀني جو فرض آهي، توڙي جو اهي شهري هجن يا جھنگلي، پڙهيل هجن يا اڻ‌پڙهيل. 15تنهنڪري منهنجي اها تمنا آهي تہ آءٌ پنهنجي وس آهر اوهان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.
خوشخبريءَ جي شڪتي
16 # مر 8‏:38 آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي. 17#حبق 2‏:4، گل 3‏:11 انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“
انسان جو ايشور کان منهن موڙڻ
18جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ڌرمي ۽ بڇڙائيءَ سبب آڪاش مان ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو. 19ايشور جون جيڪي ڳالهيون انسان ڄاڻي سگھي ٿو، سي سندن لاءِ صاف ظاهر آهن. ايشور پاڻ انهن تي اهي ظاهر ڪيون آهن. 20هائو، ايشور جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس امر شڪتي ۽ ذات سنسار جي شروعات کان وٺي سندس رچيل شين مان چٽيءَ طرح ظاهر پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي. 21#اف 4‏:17‏-18 پر هنن ايشور کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي. 22هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر مورک ثابت ٿيا. 23#نيم 4‏:16‏-18 هنن ابناسي ايشور کي مهانتا ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوجا ڪئي جيڪي ناس ٿيندڙ انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.
24سو ايشور انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بي‌حيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن. 25انهن ايشور جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ ايشور جي رچيل شين کي مان ڏيئي انهن جي پوجا ڪئي. هائو، رچنا ڪندڙ ايشور کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي مهما شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.
26تنهنڪري ايشور انهن کي سندن شرمناڪ خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ايتري قدر جو انهن جون ناريون پنهنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ هڪٻئي سان بدفعلي ڪرڻ لڳيون. 27اهڙيءَ طرح مرد بہ نارين سان فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ شهوت ۾ مست ٿي ويا، يعني هڪٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انهيءَ شهوت‌پرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي.
28جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن. 29سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور، 30گلاخور، ايشور کان نفرت ڪندڙ، بي‌ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماتا پتا جي نافرماني ڪندڙ، 31مورک، وچن نہ پاڙيندڙ، بي‌قربا ۽ ڪٺور ٿي پون ٿا. 32جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.

Currently Selected:

رومين 1: HSB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in