YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 6

6
سبت جي ڏينهن بابت سوال
(متي 12‏:1‏-8، مرقس 2‏:23‏-28)
1 # شر 23‏:25 سبت واري هڪ ڏينهن يسوع جڏهن پنهنجي چيلن سان گڏ اناج وارين ٻنين مان پئي لنگھيو، تہ سندس ڪي چيلا سنگ پٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا. 2تنهن تي ڪي فريسي کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ جائز نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟“ 3#1.سم 21‏:1‏-6 يسوع کين جواب ۾ چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ 4#لاو 24‏:9 هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ ڀيٽا وارا روٽ، جيڪي ڪاهنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ هئا، سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“ 5يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”ياد رکو، منش‌پتر تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“
سڪل هٿ وارو ماڻهو
(متي 12‏:9‏-14، مرقس 3‏:1‏-6)
6ڪنهن ٻئي سبت جي ڏينهن تي يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. اُتي هڪ ماڻهو هو جنهن جو ساڄو هٿ سڪل هو. 7جيئن تہ ڪي نيم شاستري ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن يسوع ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ. 8يسوع کي انهن جي نيتن جي سڌ پئجي ويئي. سو هن سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اُٿي ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ هو اُٿي اتي اچي بيٺو. 9تڏهن يسوع ماڻهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو، سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنهن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“ 10پوءِ هُن چوڌاري ماڻهن ڏانهن نهاري ان سڪل هٿ واري کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن ائين ئي ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو. 11تڏهن نيم شاستري ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”يسوع سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪرڻ
(متي 10‏:1‏-4، مرقس 3‏:13‏-19)
12هڪڙي ڏينهن يسوع جبل تي پرارٿنا ڪرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذاريائين. 13جڏهن ڏينهن ٿيو تہ پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انهن مان هي ٻارهن ڄڻا چونڊي کين خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيائين: 14شمعون، جنهن جو نالو #6‏:14 پطرس پطرس يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ٽڪر“ آهي (ڏسو متي 16‏:18 پڻ).پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي، 15متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنهن کي ”#6‏:15 قوم‌پرست يهودي قوم جو هڪ ٽولو جيڪو پنهنجي قوم جي مٿان رومي حڪمرانيءَ جو مخالف هو، تنهن کي ”قوم‌پرست“ سڏيو ويندو هو.قوم‌پرست“ ڪري چوندا هئا، 16يعقوب جو پٽ يهوداہ ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري کيس پڪڙايو.
سکيا ڏيڻ ۽ چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 4‏:23‏-25)
17يسوع هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس پوئلڳن جي وڏي ٽولي ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا. 18هو انهيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇٽي چڱا ڀلا ٿين. جيڪي ڀوتن جا ستايل هئا سي بہ آيا ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا. 19سڀني ماڻهن اها ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس هٿ لائين، ڇاڪاڻ تہ منجھانئس اهڙي شڪتي پئي نڪتي، جنهن سان سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا پئي ٿيا.
سڀاڳا ۽ مصيبت وارا
(متي 5‏:1‏-12)
20يسوع پنهنجي چيلن ڏانهن نهاري چيو تہ
”سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي غريب آهيو،
ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اوهان جو آهي.
21سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي بکايل آهيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڍءُ ڪرايو ويندو.
سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي روئو ٿا،
ڇاڪاڻ تہ اوهين کِلندا.
22 # 1.پط 4‏:14 سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو منش‌پتر جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا. 23#2.توا 36‏:16، سن 7‏:52 انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.
24پر مصيبت آهي اوهان لاءِ،
جيڪي هاڻي دولتمند آهيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهين آرام وٺي چڪا.
25مصيبت آهي اوهان لاءِ،
جيڪي هاڻي ڍاول آهيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهين بکون ڪڍندا.
مصيبت آهي اوهان لاءِ،
جيڪي هاڻي کِلو ٿا،
ڇاڪاڻ تہ اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.
26مصيبت آهي اوهان لاءِ، جڏهن ماڻهو اوهان کي ساراهين ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن جا ابا ڏاڏا بہ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارن سان ائين ئي ڪندا هئا.“
دشمنن سان پيار
(متي 5‏:38‏-48، 7‏:12)
27”پر اي منهنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوهان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. 28جيڪي اوهان کي سراپ ڏين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريو. 29جيڪو اوهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو اوهان جو ڪوٽ کسي وٺي تنهن کي قميص ڏيڻ لاءِ بہ تيار رهو. 30جيڪو اوهان کان ڪجھہ گھري تنهن کي ڏيو. جيڪو اوهان جو مال کسي وٺي تنهن کان موٽائي نہ گھرو. 31#مت 7‏:12 جهڙو سلوڪ اوهين ماڻهن کان چاهيو ٿا تهڙو ئي سلوڪ اوهين ٻين سان ڪريو.
32جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان پيار ڪيو تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ پاپي بہ تہ پنهنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا. 33جيڪي اوهان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان ڀلائي ڪئي تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ ڇاڪاڻ تہ پاپي بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 34جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آهي تن کي جيڪڏهن اوهان اڌارو ڏنو تہ ڪهڙو احسان ڪيو؟ پاپي بہ تہ پاپين کي اڌارو ڏيئي وري انهن کان موٽائي وٺندا آهن. 35پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو لاڀ ملندو ۽ اوهين پرميشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ ديالو آهي. 36تنهنڪري ديالو ٿيو، جيئن اوهان جو آڪاشي پتا ديالو آهي.“
ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو
(متي 7‏:1‏-5)
37”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ ايشور بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ ايشور بہ اوهان کي معاف ڪندو. 38ٻين کي ڏيندا رهو تہ ايشور کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، ايشور کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“
39 # مت 15‏:14 يسوع کين هڪ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڇا ڪو انڌو ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏهن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا. 40#مت 10‏:24‏-25، يو 13‏:16، 15‏:20 ڪوبہ چيلو پنهنجي گروءَ کان مٿي نہ آهي، پر هر ڪو چيلو جڏهن سکيا پوري ڪندو، تڏهن گروءَ جهڙو ٿي پوندو. 41ڇو ٿا ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟ 42اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي #6‏:42 پاکنڊيو ٻين ترجمن ۾ ”رياڪارو“ لکيو ويو آهي.پاکنڊيو! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“
جهڙو وڻ تهڙو ميوو
(متي 7‏:16‏-20، 12‏:33‏-35)
43”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو. 44#مت 12‏:33 سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آهي، ڇو تہ ماڻهو ڪَنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن. 45#مت 12‏:34 هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، #6‏:45 دل ديڳڙو زبان ڏوئي هن سنڌي چوڻي جو مطلب آيت جي اصلي مواد سان ملندڙ جلندڙ آهي.دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“
ٻن گھرن جي اڏاوت وارو مثال
(متي 7‏:24‏-27)
46”اوهين ڇو مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟ 47جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ اچي ٿو ۽ اهي ٻڌي انهن تي عمل ٿو ڪري، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڪنهن جي مثل آهي. 48اهو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن گھر اڏائڻ وقت زمين اونهي کوٽي ٽڪر تي پيڙهہ رکي. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انهيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ گھر مضبوط اڏيل هو. 49پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“

Currently Selected:

لوقا 6: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy