YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 22

22
1”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! ٻڌو، هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجھہ چوان ٿو.“ 2جڏهن انهن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنهنجو بيان جاري رکندي چيو تہ 3#سن 5‏:34‏-39 ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان سکيا حاصل ڪئي اٿم. هن مون کي وڏن جي نيم جي بہ مڪمل سکيا ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ ايشور جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس. 4#سن 8‏:3، 26‏:9‏-11 انهيءَ ڪري آءٌ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن ڪيترن ئي مردن توڙي نارين کي ٻڌرائي جيلن ۾ وجھرائيندو هئس. مون کين ايتري قدر ستايو جو ڪن کي مارائي بہ ڇڏيو هو. 5وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“
پولس جو پنهنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ
(سنتن جا ڪم 9‏:1‏-19، 26‏:12‏-18)
6”جڏهن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏهن منجھند ڌاري اوچتو ئي اوچتو آڪاش مان هڪڙي تجليدار روشني منهنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي. 7تنهن تي آءٌ زمين تي ڪري پيس ۽ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘ 8مون جواب ڏيندي چيو تہ ’اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟‘ هن مون کي چيو تہ ’آءٌ يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.‘ 9جيڪي ماڻهو مون سان گڏ هئا تن اها روشني تہ ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻڌائون. 10مون کانئس پڇيو تہ ’اي پرڀو! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنهن تي پرڀوءَ مون کي چيو تہ ’اُٿي دمشق ڏانهن وڃ. اتي تو کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو تنهنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.‘ 11آءٌ انهيءَ روشنيءَ جي چمڪ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منهنجا سنگتي ساٿي مون کي هٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا.
12اتي حننياہ نالي هڪڙو ماڻهو هو، جيڪو دمشق جي سڀني يهودين ۾ وڏي مانوارو ۽ موسيٰ جي نيم موجب ڌرمچاري هو. 13هو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيهي چيائين تہ ’ادا سائول! ديد وٺ.‘ انهيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو. 14پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين. 15پوءِ جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو، تنهن بابت تون سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين. 16تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا پاپ ڌوپي وڃن.‘
17پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏهن هيڪل ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو، 18جنهن ۾ مون پرڀو يسوع کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘ 19تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي پرڀو! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي وشواس آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس. 20#سن 7‏:58 جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘ 21پوءِ پرڀو يسوع مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“
22ايستائين تہ ميڙ وارا پولس جي ڳالهہ ٻڌندا رهيا، پر هاڻ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن ماڻهوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو! اهڙو ماڻهو سنسار ۾ رهڻ جي لائق نہ آهي!“ 23جڏهن هو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا، 24تڏهن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”هن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چهبڪ هڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اهي ڇو هن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“ 25جڏهن اهي کيس ٻڌي چهبڪ هڻڻ تي هئا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوهان لاءِ اهو جائز آهي جو ڏوهہ ثابت ٿيڻ کان سواءِ اوهين ڪنهن روميءَ کي چهبڪ هڻايو؟“ 26اهو ٻڌي صوبيدار سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوهين هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.“ 27تنهن تي ڪپتان پولس وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ، تون رومي آهين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”هائو.“ 28تنهن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آهن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آهيان.“ 29پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا هئا، سي کيس هڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏهن اها خبر پيئي تہ هو رومي آهي تہ هو ڏاڍو ڊڄي ويو جو هن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو هو.
پولس يهودي پئنچائت جي اڳيان
30تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 22: HSB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in