طيطس 1
1
1پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي، 2هميشہ جي زندگيءَ جي اُميد تي، جنهن جو واعدو خدا ازل کان ڪيو آهي، ۽ خدا ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگهي، 3پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛ 4اسان جي ايمان جي شراڪت موجب منهنجي سچي فرزند طيطس ڏانهن: خدا پيءُ ۽ اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جو فضل ۽ اطمينان تو تي ٿيندو رهي.
5مون تو کي ڪريتي ۾ انهي لاءِ ڇڏيو تہ جيڪي ڳالهيون باقي رهيون آهن، سي تون درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو هو، تيئن هر ڪنهن شهر ۾ اهڙا بزرگ مقرر ڪرين، 6جي بي الزام هجن، ۽ هڪڙي ئي زال هجينِ، ۽ سندن ٻار ايمان وارا هجن، ۽ مٿن بدچاليءَ يا سرڪشيءَ جي تهمت نہ آيل هجي. 7ڇالاءِ جو نگهبان (بشپ) جو خدا جو خدمتگار آهي، سو بي الزام هئڻ گهرجي، نہ خود راءِ، نہ چيڙاڪ، نہ نشي ۾ جهيڙا ڪندڙ، نہ مارڪٽ ڪندڙ، نہ ناجائز نفعي جو لالچي؛ 8پر مهمان نواز، نيڪيءَ جو طالب، سالم دل وارو، منصف مزاج، پاڪ، پرهيزگار؛ 9۽ ايمان جو ڪلام، جو تعليم موجب آهي، تنهن تي قائم هجي، انهي لاءِ تہ صحيح تعليم سان نصيحت ڪري ۽ مخالفن کي قائل ڪري سگهي.
10ڇالاءِ جو گهڻا ماڻهو سرڪش، اجائي بَڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن، خاص ڪري مختونن مان، 11جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين. 12انهن مان هڪڙو، جو سندن نبي هو، تنهن چيو آهي تہ ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، جهنگلي جانورن جهڙا ۽ سست پيٽوري آهن. 13اِها شاهدي سچي آهي. انهي ڪري انهن جي سخت ملامت ڪندو رهہ، تان تہ سندن ايمان درست ٿئي، 14۽ يهودين جي آکاڻين ۽ گمراهہ ٿيل ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين. 15پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن. 16هو چون ٿا تہ اسان کي خدا جي پروڙ آهي؛ پر پنهنجن ڪمن سان هو انهي جو انڪار ٿا ڪن، جو هو نفرتي ۽ نافرمان آهن، ۽ ڪنهن بہ نيڪ ڪم ڪرڻ جا لائق نہ آهن.
Currently Selected:
طيطس 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.