YouVersion Logo
Search Icon

روٿ 1

1
1جن ڏينهن ۾ قاضي انصاف ڪندا هئا تن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ انهي ملڪ ۾ ڏڪار پيو، ۽ بيت الحم يهوداہ جو هڪڙو ماڻهو، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن سميت موآب جي ملڪ ۾ وڃي رهڻ لڳو. 2۽ انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اليملڪ هو، ۽ سندس زال جو نالو نعومي هو، ۽ سندس ٻن پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئا، جي بيت الحم يهوداہ جا افراتي هئا. ۽ هو موآب جي ملڪ ۾ آيا ۽ اُتي رهڻ لڳا. 3۽ نعوميءَ جو مڙس اليملڪ مري ويو؛ ۽ هوءَ ۽ سندس ٻئي پٽ رهجي ويا. 4۽ اُهي موآب جي زالن سان پرڻيا؛ هڪڙيءَ جو نالو عرفہ هو، ۽ ٻيءَ جو نالو روٿ: ۽ اُهي اُتي اٽڪل ڏهہ ورهيہ رهيا. 5۽ محلون ۽ ڪليون ٻئي مري ويا، ۽ اُها زال پنهنجن ٻن پٽن ۽ پنهنجي مڙس کان سواءِ رهجي ويئي. 6تڏهن هوءَ پنهنجن ننهن سان اُٿي تہ موآب جي ملڪ مان هلي وڃي، ڇالاءِ جو هن موآب جي ملڪ ۾ ٻڌو هو تہ خداوند پنهنجي قوم تي مهرباني ڪري انهن کي ماني ڏني آهي. 7۽ جتي هوءَ هئي اُتان هوءَ پنهنجون ننهون ساڻ وٺي پنڌ پيئي، تہ يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي اچن. 8۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ وڃو، اوهان مان هرڪا پنهنجي پنهنجي ماءُ جي گهر وڃي: شل خداوند اوهان سان مهرباني ڪري، جيئن اوهان هنن فوتين سان، ۽ مون سان مهرباني ڪئي آهي. 9خدا شل ائين ڪري تہ اوهان منجهان هرڪا پنهنجي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ سکي رهي. پوءِ هن انهن کي چُميو، ۽ هنن رڙيون ڪري رُنو. 10۽ هنن انهيءَ کي چيو تہ نہ، اسين توسان گڏجي تنهنجي قوم ۾ هلنديونسين. 11۽ نعوميءَ چيو تہ اي منهنجون ڌيئرون، موٽي پئو: ڇو مون سان هلڻ ٿيون گهرو؟ هن کان پوءِ آءٌ ڪي پٽ ڄڻينديس ڇا، جي اوهان جا مڙس ٿيندا؟ 12اي منهنجون ڌيئون، موٽي پئو، ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليون وڃو؛ ڇالاءِ جو آءٌ ڪراڙي آهيان، ۽ مڙس ڪرڻ کان ٻاهر آهيان. قبول ڪجي تہ جيڪڏهن اڄوڪي رات کڻي مون کي مڙس هجي ها ۽ آءٌ اميد واري هجان ها، ۽ کڻي پٽ ئي ڄڻيان ها؛ 13تہ انهيءَ لاءِ اوهين ايترو ڪو ترسنديون جيستائين هو وڏا ٿين؟ تيستائين اوهين ڪو مڙس ڪرڻ کان رهنديون ڇا؟ نہ منهنجون ڌيئرون؛ مون کي اوهان جو ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇو جو خداوند جو هٿ منهنجي برخلاف کنيل آهي. 14۽ هو وري بہ رڙيون ڪري روئڻ لڳيون: ۽ عرفہ پنهنجي سس کي چُميو؛ پر روٿ هن کي چهٽي پيئي. 15۽ هن چيس تہ ڏس تنهنجي ڏيرياڻي پنهنجي قوم ڏانهن، ۽ پنهنجي معبود ڏانهن موٽي ويئي آهي، تون بہ پنهنجي ڏيرياڻيءَ جي پٺيان موٽي وڃ. 16۽ روٿ چيو تہ مون کي منٿ نہ ڪر تہ توکي ڇڏي هلي وڃان ۽ تنهنجي پٺيان نہ هلان ۽ موٽي وڃان: ڇالاءِ جو جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ هلنديس؛ ۽ جتي تون رهندينءَ اُتي آءٌ بہ رهنديس: تنهنجي قوم منهنجي قوم ٿيندي، ۽ تنهنجو خدا منهنجو خدا ٿيندو: 17جتي تون مرندينءَ اُتي آءٌ بہ مرنديس: جيڪڏهن موت کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ توکي ۽ مون کي ڌار ڪري، تہ خداوند مون سان بہ ائين ڪري، بلڪ وڌيڪ. 18۽ جڏهن هن ڏٺو تہ هن مون سان گڏ هلڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو آهي، تڏهن هن کي وڌيڪ چوڻ کان بس ڪيائين. 19تڏهن هو ٻئي ڄڻيون اُٿي هليون ۽ بيت الحم ۾ آيون. تڏهن سڄو شهر اچي گڏ ٿيو، ۽ زالون چوڻ لڳيون تہ هيءَ نعومي نہ آهي ڇا؟ 20۽ هن چين تہ مون کي نعومي نہ ڪوٺيو، مون کي مارہ ڪوٺيو: ڇالاءِ جو قادر مطلق مون سان ڏاڍي ڪَرڙي هلت ڪئي آهي. 21آءٌ ڀريل ٻاهر ويئي هيس، ۽ خداوند مون کي خالي موٽائي گهر آندو آهي: جڏهن ڏسو ٿيون تہ خداوند منهنجي برخلاف ثابتي ڏني آهي، ۽ قادر مطلق مون تي مصيبت وڌي آهي، تہ پوءِ مون کي نعومي ڇو ٿيون ڪوٺيو؟ 22انهيءَ طرح نعومي موٽي آئي، ۽ ساڻس گڏ سندس ننهن روٿ موآبي، ۽ اُهي بيت الحم ۾ جوَن جي فصل لهڻ واريءَ موسم جي شروع ۾، موآب جي ملڪ مان موٽي اچي پهتيون.

Currently Selected:

روٿ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in