YouVersion Logo
Search Icon

رومين 9

9
1آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري، 2تہ مون کي ڏاڍو رنج آهي، ۽ منهنجي دل ۾ سدائين درد ٿو رهي. 3ڇالاءِ جو آئون جيڪر ڀانيان تہ منهنجا ڀائر جي جسم جي ڪري منهنجا مائٽ آهن، تن جي خاطر آئون پاڻ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان. 4اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛ 5۽ جسم جي لاڳاپي ڪري مسيح بہ اُنهن ئي جو آهي، جو سڀني جي مٿان هميشہ تائين سڳورو خدا آهي. آمين.
6پر ائين نہ آهي تہ ڄڻ خدا جو ڪلام اجايو ويو، ڇالاءِ جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آهن سي سڀ اسرائيلي نہ آهن: 7نڪي ابراهيم جي نسل مان هئڻ سبب اهي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آهن: پر لکيل آهي تہ ”اسحاق کان ئي تنهنجو نسل سڏيو ويندو.“ 8مطلب تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار ناهن؛ پر جيڪي واعدي جا ٻار آهن، سي ئي نسل ٿا ليکجن. 9ڇالاءِ جو واعدي جو ڪلام هي آهي تہ ”آئون هن وقت ڌاري موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“ 10۽ نہ رڳو ايترو؛ پر ربقہ بہ هڪڙي شخص مان، يعني اسان جي ابي اسحاق مان، حاملہ ٿي، 11۽ جڏهن ٻار اڃا ڄاوا ئي ڪين هئا، ۽ نہ اُنهن ڪو چڱو يا مَٺو ڪم ڪيو هو، تہ بہ انهي لاءِ تہ خدا جو ارادو سڏڻ واري جي مرضيءَ موجب چونڊ تي منحصر هجي، ۽ نہ عملن تي، 12تڏهن اُنهي کي چيو ويو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“ 13جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”يعقوب کي مون پيار ڪيو، پر عيسو کي ڌڪاريم.“
14تڏهن اسين ڇا چئون؟ خدا وٽ بي انصافي آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! 15ڇالاءِ جو هو موسيٰ کي چوي ٿو تہ ”جنهن تي رحم ڪرڻو اٿم، تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ترس ڪرڻو اٿم، تنهن تي ترس ڪندس.“ 16تنهنڪري اهو نہ خواهش ڪندڙ تي منحصر آهي، نڪي ڊوڙ ڊڪ تي، پر خدا تي منحصر آهي، جو رحم ڪندڙ آهي. 17ڇالاءِ جو پاڪ لکيت ۾ فرعون کي فرمايل آهي تہ ”اُنهي ئي لاءِ مون توکي کڙو ڪيو، تہ آئون تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان، ۽ منهنجو نالو ساريءَ زمين تي پڌرو ٿي وڃي.“ 18تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري.
19تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟ 20اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟ 21يا ڪنڀار کي مٽيءَ تي اهو اختيار نہ آهي ڇا، تہ هڪڙي ئي پنوڙي مان هڪڙو ٿانءُ عزت جي لاءِ جوڙي، ۽ ٻيو ٿانءُ بي عزتيءَ جي لاءِ؟ 22ڪهڙو عجب آهي جي خدا پنهنجو غضب ڏيکارڻ ۽ پنهنجي قدرت ظاهر ڪرڻ جي ارادي سان جيڪي غضب جا ٿانوَ ڀڃي چٽ ڪرڻ جي لائق هئا، تن سان ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان پيش آيو: 23۽ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ هن جلال جي واسطي اڳيئي تيار ڪيا هئا، تن تي پنهنجي جلال جي نعمت ظاهر ڪري، 24يعني اسان تي، جن کي هن نہ فقط يهودين مان، پر غير قومن مان بہ سڏيو آهي. 25جيئن تہ هو هوسيع نبيءَ جي ڪتاب ۾ بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪا منهنجي اُمت نہ هئي، تنهن کي پنهنجي اُمت سڏيندس، ۽ جا پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“ 26”۽ ائين ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي ائين چيو ويو هو، تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هو جيئري خدا جا فرزند سڏبا.“ 27۽ يسعياہ، اسرائيل جي نسبت ۾ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو هوندو، تہ بہ اُنهن مان ڪي ٿورا ئي بچندا. 28ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي ڪلام کي زمين تي قطعي طور پورو ڪري، انهي موجب عمل ڪندو.“ 29۽ جيئن يسعياہ نبي اڳيئي چئي ويو آهي تہ ”جي لشڪرن جو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسين سدوم ۽ عموراہ وانگر ٿيون ها.“
30تڏهن اسين ڇا چئون؟ هي، تہ جن غير قومن راستبازيءَ جي ڳولا نہ ڪئي، تن کي اُها ملي، يعني اها راستبازي جا ايمان جي ڪري آهي. 31پر اسرائيل، جو راستبازيءَ جي شريعت جي ڳولا ۾ هو، سو انهيءَ شريعت تائين ڪونہ پهتو. 32سو ڇو؟ هن ڪري تہ هنن اُنهيءَ کي ايمان سان نہ ڳوليو، پر ڄڻ تہ عملن سان. هنن ٿاٻڙائڻ واري پهڻ تي ٿاٻو کاڌو؛ 33جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“

Currently Selected:

رومين 9: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in