YouVersion Logo
Search Icon

رومين 2

2
1اي انسان، تون کڻي ڪير بہ هجين، پر تون جو ٻين تي ڏوهہ ٿو رٿين، تنهن لاءِ توکي ڪو عذر ڪونهي: ڇالاءِ جو جنهن ڳالهہ بابت تون ٻئي تي ڏوهہ ٿو رکين، تنهن جو تون پاڻ کي ڏوهاري ٿو ٺهرائين، هن ڪري تہ تون جو ڏوهہ ٿو رکين، سو پاڻ اُهي ڪم ٿو ڪرين. 2۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو انصاف خدا جي طرفان حق موجب ٿو ٿئي. 3اي انسان، تون جو اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوهہ ٿو رکين، ۽ پاڻ اُهي ئي ساڳيا ڪم ٿو ڪرين، سو ائين سمجهين ٿو ڇا، تہ خدا جي عدالت کان بچي ويندين؟ 4يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟ 5پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛ 6اُهو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجن پنهنجن ڪمن موجب بدلو ڏيندو: 7جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو: 8پر جيڪي خلل ٿا وجهن ۽ سچ کي نٿا مڃين، پر ناراستيءَ کي ٿا مڃين، تن تي غضب ۽ قهر پوندو؛ 9۽ مصيبت ۽ لوڇ، سڀ ڪنهن بدڪار ماڻهوءَ جي جان تي ايندي، پهرين يهوديءَ تي، ۽ پوءِ يوناني تي: 10پر وڏائي ۽ عزت ۽ سلامتي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ڪندڙ کي ملندي، پهرين يهوديءَ کي، ۽ پوءِ يونانيءَ کي؛ 11ڇالاءِ جو خدا وٽ ڪنهن جي بہ پاسخاطري ڪانهي. 12جن شريعت ملڻ کانسواءِ گناهہ ڪيو، سي سڀ شريعت کانسواءِ چٽ ٿيندا: ۽ جن شريعت هيٺ گناهہ ڪيو، تن جو انصاف بہ شريعت موجب ٿيندو؛ 13ڇالاءِ جو شريعت جي ٻُڌڻ وارا خدا جي اڳيان سچا ناهن، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارا سچا ٺهربا. 14ڇالاءِ جو غير قومون، جن وٽ شريعت ڪانهي، سي جڏهن طبيعت موجب شريعت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تڏهن جيتوڻيڪ هنن وٽ شريعت نہ آهي، تہ بہ هو پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن، 15هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛ 16انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.
17پر جيڪڏهن تون پاڻ کي يهودي ٿو ڪوٺائين، ۽ شريعت تي اعتقاد ٿو رکين، ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين، 18۽ سُڌ اٿيئي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ شريعت جي تعليم حاصل ڪري، جيڪي ڳالهيون تمام چڱيون آهن، سي پسند ٿو ڪرين، 19۽ اها پڪ اٿيئي تہ تون پاڻ انڌن جو سونهون آهين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن، تن جو سوجهرو آهين؛ 20بي عقلن جو سڌاريندڙ، ۽ ٻارن جو سيکاريندڙ آهين، ۽ علم ۽ سچ جي صورت شريعت ۾ تو وٽ موجود آهي؛ 21تنهنڪري تون جو ٻين کي سيکارين ٿو، سو پنهنجو پاڻ کي نٿو سيکارين ڇا؟ تون جو وعظ ڪري ٿو چئين تہ چوري نہ ڪر، سو تون پاڻ چوري ٿو ڪرين ڇا؟ 22تون جو چوين ٿو، تہ زنا نہ ڪر، سو پاڻ زنا ٿو ڪرين ڇا؟ تون جو بُتن کان نفرت ٿو ڪرين، سو مندرن کي ڦرين ٿو ڇا؟ 23تون جو شريعت تي فخر ٿو ڪرين، سو شريعت کي ڀڃي خدا جي بي عزتي ٿو ڪرين ڇا؟ 24جيئن لکيل بہ آهي، تہ ”اوهان جي ئي ڪري غير قومن وارا خدا جي نالي ڪفر ٿا بڪن.“ 25ڇالاءِ جو ختني مان بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن تون شريعت تي عمل ڪندين، پر جي شريعت تي نٿو هلين، تہ پوءِ تنهنجو ختنو جهڙو آهي، تهڙو ناهي. 26تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟ 27۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟ 28ڇالاءِ تہ اُهو يهودي نہ آهي جو نالي ڪري آهي، ۽ نڪي اُهو ختنو آهي جو ظاهري ۽ جسماني آهي. 29پر يهودي اُهو آهي، جو اندر ۾ يهودي آهي، ۽ ختنو اُهو آهي، جو دل جو ۽ روحاني آهي، نہ نالي جو: اهڙي جي تعريف ماڻهن کان نہ، پر خدا جي طرفان ٿي ٿئي.

Currently Selected:

رومين 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in