رومين 1
1
1پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، 2جنهن خوشخبريءَ جو واعدو هن اڳيئي پاڪ لکيتن ۾ پنهنجن نبين جي معرفت، 3پنهنجي فرزند اسان جي خداوند يسوع مسيح جي بابت ڪيو، جو جسم جي ڪري دائود جي نسل مان پيدا ٿيو هو، 4پر پاڪيزگيءَ جي روح جي ڪري، مُئلن مان جي اُٿڻ جي سببان قدرت سان خدا جو فرزند ثابت ٿيو؛ 5جنهن جي معرفت اسان کي فضل ۽ رسالت ملي، انهي لاءِ تہ سندس نالي جي خاطر سڀني قومن مان ماڻهو ايمان جا تابعدار ٿين، 6جن ۾ اوهين بہ سڏيا ويا آهيو، تہ يسوع مسيح جا پوئلڳ ٿيو: 7تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.
8پهريائين، تہ اوهان سڀني جي حق ۾ يسوع مسيح جي وسيلي پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جي ساريءَ دنيا ۾ پڌرائي ٿي ويئي آهي. 9ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان، 10۽ هميشہ اهو سوال پيو ڪريان، تہ نيٺ ڪنهن نہ ڪنهن رستي خدا جي مرضيءَ موجب اوهان وٽ اچڻ جو شل مون کي ڪو وجهہ ملي. 11ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انهي لاءِ تہ اوهان کي ڪا روحاني بخشش پهچايان، جنهن جي ڪري اوهين قائم ٿيو: 12يعني تہ پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٻئي جي انهي ايمان جي ڪري تسلي حاصل ڪريون، جو اوهان ۾ بہ آهي ۽ مون ۾ بہ. 13۽ اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان بي خبر رهو تہ ڪيترائي ڀيرا مون اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، انهي لاءِ تہ جهڙيءَ طرح ٻين قومن مان مون کي ڦل مليو آهي، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪو ڦل مليم، پر هيستائين روڪ پئي ٿي اٿم. 14آئون يونانين توڙي غير يونانين، ڏاهن توڙي بي عقلن، ٻنهي جو قرضدار آهيان. 15سو آئون پنهنجي وس آهر اوهان روما وارن کي بہ خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ تيار آهيان. 16ڇالاءِ جو مون کي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڪري شرم نٿو اچي: انهي لاءِ تہ جيڪو بہ اُن تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي واسطي، يعني پهرين يهوديءَ جي واسطي، پوءِ يونانيءَ جي واسطي، نجات جي لاءِ اها خدا جي قدرت آهي. 17ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ خدا جي راستبازي ايمان جي وسيلي ايمان لاءِ ظاهر ٿي ٿئي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”راستباز ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.“
18ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو پنهنجيءَ ناراستيءَ جي ڪري سچ کي لڪايو ڇڏين، تن جي هر طرح جي بي دينيءَ ۽ ناراستيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب ظاهر ٿو ٿئي. 19هن ڪري جو جيڪي خدا جي بابت معلوم ٿي ٿو سگهي، سو هنن جي اندر ۾ ظاهر آهي؛ جو خدا مٿن اهو ظاهر ڪيو. 20ڇالاءِ تہ هن جون ناديدني صفتون، يعني سندس ازلي قدرت ۽ الوهيت، اهي دنيا جي پيدائش کان وٺي خلقيل شين مان معلوم ٿيڻ ڪري ظاهر ظهور پيون ڏسجن، انهي لاءِ تہ هنن کي ڪو عذر نہ رهي. 21ڇالاءِ جو خدا کي سڃاڻي، هنن سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي نہ ڪئي، ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪئي، پر پنهنجن اجاين خيالن ڪري مُنجهي پيا، ۽ سندن بي سمجهہ دلين تي اوندهہ ڇانئجي ويئي. 22۽ پاڻ کي ڏاهو چوائي بي عقل ٿي پيا، 23۽ غير فاني خدا جي جلال کي فاني انسان، ۽ پکين، ۽ چوپاين، ۽ سُرندڙ جانورن جي شڪل جهڙيءَ صورت ۾ آندائون.
24انهي ڪري خدا اُنهن جي دلين جي خواهش موجب کين ناپاڪيءَ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ اُنهن جا بدن پاڻ ۾ بي آبرو ڪيا وڃن: 25ڇالاءِ جو اُنهن خدا جي سچ جي بدران ڪوڙ کي قبوليو، ۽ مخلوقات جي عبادت ۽ بندگي ڪيائون، ۽ اُنهي خالق کي ڇڏي ڏنائون جو هميشہ جلال وارو آهي. آمين.
26انهي سبب ڪري خدا هنن کي گندين خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي زالن پنهنجو طبعي ڪم مٽائي اُهو ڪيو جو طبع جي برخلاف آهي. 27۽ ساڳيءَ طرح مردن زالن سان طبعي ڪم ڇڏي، هڪ ٻئي جي شهوت ۾ مست ٿي ويا، ۽ مردن، مردن سان ڪارو منهن ڪري پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجي گمراهيءَ جوڳو بدلو پاتو.
28۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛ 29۽ هو هر طرح جي ناراستيءَ، بدي، لالچ، بدخواهيءَ، ريس، خون، جهيڙي، ٺڳي، ۽ بغض سان ڀرجي ويا، ۽ چغلخور، 30گلاخور، خدا جي نظر ۾ نفرتي، بي ادب، مغرور، ٻٽاڪي، خراب ڳالهيون بنائيندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان، 31بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا: 32۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.
Currently Selected:
رومين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: