رومين 3
3
1تڏهن يهوديءَ کي ڪهڙو نفعو آهي؟ يا ختني مان ڪهڙو فائدو آهي؟ 2هر ڪنهن طرح گهڻو: پهرين تہ خدا جو ڪلام انهن کي سونپيو ويو. 3۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟ 4بلڪل نہ، پر ڀلي تہ خدا سچو ليکجي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ڪوڙو ليکجڻ ۾ اچي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجن ڳالهين ۾ سچو ٺهرين، پنهنجي مقدمي ۾ فتحياب ٿين.“ 5پر جيڪڏهن اسان جي ناراستيءَ جي ڪري خدا جي خوبي ظاهر ٿي ٿئي، تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ خدا بي انصاف آهي ڇا، جو غضب نازل ٿو ڪري؟ (هي آئون انساني طور ٿو چوان.) 6بلڪل نہ، تڏهن خدا ڪهڙيءَ طرح جهان جو انصاف ڪندو؟ 7پر جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايترو وڌيڪ پڌري ٿي، جو سندس جلال ظاهر ٿيو، تڏهن مون تي گنهگار وانگر ڪيئن ٿي فتويٰ جاري ڪرڻ ۾ اچي؟ 8(۽ جيئن ڪ اسان تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائين ۽ سيکارين ٿا، تہ اسان جو چوڻ آهي) تہ ڇو نہ اسين برائي ڪريون، تہ انهيءَ مان ڀلائي نڪري؟ پر اهڙن جو ڏوهاري ليکجڻ انصاف آهي.
9تڏهن ڇا ٿيو؟ اسان جي حالت کانئن بري آهي ڇا؟ اصل ئي نہ: ڇالاءِ جو اسان اڳي بہ ڏيکاريو آهي، تہ يهودي توڙي يوناني سڀيئي گناهہ ۾ ڦاٿل آهن، 10جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ڪوبہ راستباز ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ ڪونهي؛ 11سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛ 12اُهي سڀ گمراهہ ٿي ويا آهن، مڙيئي نڪما ٿي پيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ نہ: 13هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي: 14هنن جو وات لعنت ۽ ڪراهت سان ڀريل آهي: 15سندن پير رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن؛ 16سندن واٽن ۾ تباهي ۽ مصيبت آهي؛ 17۽ سلامتيءَ جي رستي کان ناواقف آهن: 18هنن جي اکين ۾ خدا جو خوف ڪونهي.“
19هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي. 20ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو سندس نظر ۾ راستباز ڪين ٺهرندو: ڇالاءِ جو شريعت جي وسيلي ئي گناهہ جي خبر ٿي پوي. 21پر هاڻي خدا جي راستبازي ظاهر ٿي آهي، جنهن جو شريعت سان ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي، جنهن جي شاهدي شريعت ۽ نبين ڀري آهي؛ 22يعني خدا جي اُها راستبازي جا يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري سڀني ايماندارن کي حاصل ٿي ٿئي، ڇالاءِ جو ڪوبہ فرق ڪونهي، 23انهي لاءِ تہ سڀني گناهہ ڪيو آهي، ۽ خدا جي جلال کان محروم آهن؛ 24۽ اُهي سندس فضل جي ڪري، جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي تنهن جي وسيلي، مفت راستباز ٿا ليکجن. 25انهي (يسوع مسيح) کي خدا سندس رت جي ڪري، هڪڙو اهڙو ڪفارو ٺهرايو، جو ايمان آڻڻ ڪري فائدي وارو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ جيڪي گناهہ اڳي ٿيا آهن، ۽ جن بابت خدا تحمل ڪري گذر ڪيو هو، تن بابت پنهنجي راستبازي ظاهر ڪري؛ 26هائو، هينئر ئي هو پنهنجي راستبازي ظاهر ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ هو پاڻ بہ راستباز رهي ۽ جيڪو يسوع تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي بہ راستباز ٺهرائي. 27تڏهن فخر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪوبہ نہ، ڪهڙي قسم جي شريعت ڪري؟ ڇا عملن جي شريعت جي ڪري؟ نہ، پر ايمان جي شريعت جي ڪري. 28تنهنڪري اسين ائين ٿا سمجهون تہ ماڻهو شريعت جي عملن کانسواءِ رڳو ايمان جي ئي ڪري راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. 29يا خدا رڳو يهودين جو ئي خدا آهي؟ هو غير قومن جو بہ خدا ناهي ڇا؟ هائو، غير قومن جو بہ آهي: 30جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري. 31تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.
Currently Selected:
رومين 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: