رومين 14
14
1جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي پاڻ وٽ وٺي اچو، پر اجايو بحث ڪرڻ جي لاءِ نہ. 2هڪڙي ماڻهوءَ جو اهو اعتقاد آهي تہ هرڪا شيءِ کائڻ روا آهي، پر جنهن جو ايمان ڪمزور آهي سو ڀاڄي ٿو کائي. 3جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي. 4تون ڪير آهين جو ٻئي جي نوڪر تي الزام ٿو آڻين؟ هن جو قائم رهڻ يا ڪِري پوڻ، سو سندس ڌڻيءَ جي هٿ ۾ آهي. هائو، هو قائم ڪيو ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند کي هن جي قائم ڪرڻ جي طاقت آهي. 5هڪڙو ماڻهو هڪڙي ڏينهن کي ٻئي کان بهتر ٿو سمجهي، ٻيو ماڻهو سڀ ڏينهن هڪجهڙا ٿو سمجهي. ڀلي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي دل ۾ پورو يقين رکي. 6جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري. 7ڇالاءِ جو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ نٿو جيئي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري. 8هن ڪري جو جي اسين چئون ٿا تہ خداوند جي لاءِ ٿا جيئون؛ يا جي اسين مرون ٿا، تہ بہ خداوند جي لاءِ ٿا مرون: تنهنڪري جي اسين جيئون توڙي مرون، تہ بہ خداوند جا ئي آهيون. 9ڇالاءِ جو مسيح انهي مطلب لاءِ مُئو ۽ وري جي اُٿيو، تہ هو مُئلن توڙي جيئرن، ٻنهي جو خداوند ٿئي. 10پر تون پنهنجي ڀاءُ تي ڇو ٿو الزام لڳائين؟ يا وري ڇو تون پنهنجي ڀاءُ کي حقير ٿو ڄاڻين؟ ڇالاءِ جو اسين سڀيئي خدا جي عدالت جي تخت جي اڳيان بيهنداسين؛ 11هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”خداوند فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم تہ سڀڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان خدا جي تعريف ڪندي.“ 12انهيءَ طرح اسان مان هرڪو پنهنجو پنهنجو حساب خدا کي ڏيندو.
13تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي. 14آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي. 15ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر. 16پنهنجي نيڪيءَ جي بدنامي ٿيڻ نہ ڏي: 17ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي. 18۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي. 19تنهنڪري اچو تہ جن ڳالهين مان صلح پيدا ٿئي تن ڳالهين جا طالب ٿيون، تہ هڪ ٻئي کي سڌاري سگهون. 20کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي نقصان نہ رسايو. سڀ شيون بيشڪ پاڪ آهن: پر انهي ماڻهوءَ جي لاءِ اها شيءِ خراب آهي جنهن جي کائڻ ڪري هو گمراهہ ٿو ٿئي. 21چڱو ائين آهي تہ تون نہ گوشت کاءُ، نہ شراب پيءُ، نڪي ڪو اهڙو ڪم ڪر جنهن جي ڪري تنهنجو ڀاءُ گمراهہ ٿئي. 22جيڪو تنهنجو اعتقاد آهي سو خدا جي اڳيان پنهنجي دل ئي ۾ رک؛ مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جو جيڪا شيءِ هن جي نظر ۾ چڱي آهي، تنهن تي شڪ شبهو نٿو ڪري. 23پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ شبهو رکي کائيندو، اُهو ڏوهاري ٺهربو، ڇالاءِ جو هو اُها اعتقاد سان نٿو کائي؛ ۽ جيڪي اعتقاد کان ناهي سو گناهہ آهي.
Currently Selected:
رومين 14: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.