مڪاشفو 15
15
1۽ مون آسمان ۾ ٻيو وڏو ۽ عجب جهڙو نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ ڏٺم، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي پڇاڙيءَ جون آهن، ڇالاءِ جو اُنهن ۾ خدا جو غضب پورو ٿيو.
2۽ مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي؛ ۽ جيڪي اُنهي حيوان، ۽ اُنهي جي بُت، ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انهي شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا. 3۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن. 4اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.
5۽ انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ جا شاهديءَ جي خيمي جي پاڪ جاءِ آهي سا کولي ويئي؛ 6۽ پاڪ جاءِ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون، ۽ اُهي صاف ۽ چمڪندڙ ڪتاني ڪپڙي سان ڍڪيل هئا، ۽ سندن ڇاتين جي چوڌاري سونا سينابند ٻَڌل هئا. 7۽ انهن چئن جاندارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا، ابدي زندہ خدا جي قهر سان ڀريل ڏنا. 8۽ اُها پاڪ جاءِ خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي؛ ۽ جيسين اُنهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيسين ڪوبہ انهيءَ پاڪ جاءِ ۾ گهڙي نہ سگهيو.
Currently Selected:
مڪاشفو 15: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.