ڳاڻاٽو 7
7
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛ 2تنهن ڏينهن اسرائيل جا سردار جي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ قبيلن جا سردار هئا، ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان ٺهرايل هئا، تن قربانيون آنديون. 3۽ انهن پنهنجي نذراني طور ڇهہ ڍڪيل گاڏيون ۽ ٻارهن ڏاند، خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪيا؛ ٻن ٻن سردارن جي لاءِ هڪڙي گاڏي، ۽ هرهڪ لاءِ هڪڙو ڏاند. اهي هنن عبادت واري خيمي جي اڳيان آڻي حاضر ڪيا. 4۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 5تون اُهي هنن کان وٺ تہ جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ۾ ڪم اچن، ۽ لاوين مان هرهڪ ماڻهو کي سندس خدمت موجب ورهائي ڏي. 6سو موسيٰ اهي گاڏيون ۽ ڏاند وٺي لاوين کي ڏنا، 7يعني ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند، بني جيرسون کي سندن خدمت موجب ڏنائين، 8۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند، بني مراريءَ کي سندن خدمت موجب ڏنائين. هن اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا. 9پر بني قهات کي ڪجهہ بہ ڪين ڏنائين؛ ڇالاءِ جو پاڪ مڪان جي خدمت جيڪا انهن جي بِلي هئي، سا هيءَ هئي تہ هو انهي کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن. 10۽ جنهن ڏينهن قربانگاهہ مسح ڪئي ويئي، تنهن ڏينهن سردارن انهيءَ جي مخصوصيت لاءِ نذرانا پيش ڪيا: يعني سردارن قربانگاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي قرباني آندي. 11۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ سڀ ڪو سردار قربانگاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجي پنهنجي ڏينهن تي پنهنجو پنهنجو نذرانو آڻي پيش ڪري.
12پهرئين ڏينهن يهوداهہ جي قبيلي مان عميناداب جي پٽ نحسون پنهنجو نذرانو پيش ڪيو. 13۽ انهي جو نذرانو هو: چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 14۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 15۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 16۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 17۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا: اهو هو عمينداب جي پٽ نحسون جو نذرانو.
18ٻئي ڏينهن ضغر جي پٽ نتني ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني اشڪار جو سردار هو. 19هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 20۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 21۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 22۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 23۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو ضغر جي پٽ نتني ايل جو نذرانو.
24ٽئين ڏينهن حيلون جي پٽ الياب پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني زبولون جو سردار هو. 25هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي؛ ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 26۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 27۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 28۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 29۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو حيلون جي پٽ الياب جو نذرانو.
30چوٿين ڏينهن شديور جي پٽ اليصور پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني روبن جو سردار هو. 31هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 32۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 33۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 34۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 35۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهيٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو شديور جي پٽ اليصور جو نذرانو.
36پنجين ڏينهن صوري شدي جي پٽ سلومي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني شمعون جو سردار هو. 37هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادت گاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 38۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 39۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 40۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 41۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو صوري شدي جي پٽ سلومي ايل جو نذرانو.
42ڇهين ڏينهن دعوايل جي پٽ الياسف پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني جد جو سردار هو. 43هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 44۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 45۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 46۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 47۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو دعوايل جي پٽ الياسف جو نذرانو.
48ستين ڏينهن عميهود جي پٽ اليسمع پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني افرائيم جو سردار هو. 49هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 50۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 51۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 52۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 53۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عميهود جي پٽ اليسمع جو نذرانو.
54اٺين ڏينهن فداهصور جي پٽ جملي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني منسي جو سردار هو. 55هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 56۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 57۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 58۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 59۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو فداهصور جي پٽ جملي ايل جو نذرانو.
60نائين ڏينهن جدعونيءَ جي پٽ ابدان پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني بنيمين جو سردار هو. 61هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي، اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 62۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 63۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 64۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 65۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو جدعونيءَ جي پٽ ابدان جو نذرانو.
66ڏهين ڏينهن عميشديءَ جي پٽ اخيعزر پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني دان جو سردار هو. 67هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 68۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 69۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 70۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 71۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عميشديءَ جي پٽ اخيعزر جو نذرانو.
72يارهين ڏينهن عڪران جي پٽ فجعي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني آشر جو سردار هو. 73هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 74۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 75۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 76۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 77۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عڪران جي پٽ فجعي ايل جو نذرانو.
78ٻارهين ڏينهن عينان جي پٽ اخيرع پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني نفتاليءَ جو سردار هو. 79هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛ 80۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛ 81۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛ 82۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛ 83۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عينان جي پٽ اخيرع جو نذرانو.
84سو جنهن ڏينهن قربانگاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو، تنهن ڏينهن بني اسرائيل جي سردارن جيڪي نذرانا ڏنا، سي هي هئا، يعني ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ، ٻارهن چانديءَ جا پيالا، ۽ ٻارهن سونا چمچا؛ 85هرهڪ چانديءَ جي ٿالهہ جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هرهڪ پيالي جي تور ستر مشقال هئي؛ سڀني ٿانون جي چاندي ٻہ هزار ۽ چار سؤ مشقال هئي؛ 86ٻارهن سونا چمچا لوبان سان ڀريل هئا، ۽ هرهڪ چمچي جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا ڏهہ مشقال هئي، سڀني چمچن جو سون هڪ سؤ ويهہ مشقال هو؛ 87سوختني قربانيءَ لاءِ ٻارهن وهڙا، ٻارهن گهٽا، ۽ ٻارهن يڪسالا گهيٽا ۽ انهن جي کاڌي جي قرباني؛ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر؛ 88سلامتيءَ جي قربانين لاءِ چوويهہ ڏاند، سٺ گهٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ يڪسالا گهيٽا؛ اهو قربانگاهہ جي مسح ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نذرانو هو. 89۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 7: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.