YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 5

5
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر ڪنهن ڪوڙهيي کي، ۽ هر ڪنهن پرميل جي مرض واري کي، ۽ جيڪو مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍن. 3اهو مرد هجي توڙي زال، پر اوهين انهي کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍجو؛ تہ جنهن منزلگاهہ ۾ آءٌ رهان ٿو، تنهن کي پليت نہ ڪن. 4سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، يعني انهن کي منزل گاهہ کان ڪڍي ٻاهر ڪيائون: جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.
5۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 6بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا زال، ڪو اهڙو گناهہ ڪري، جهڙو ماڻهو ڪندا آهن، ۽ خداوند جي حڪم عدولي ڪري ڏوهاري ٿئي: 7تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي. 8پر جيڪڏهن انهي ماڻهوءَ جو ڪو اهڙو عزيز خويش نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهڙي ڏوهہ جو عيوضو، جيڪو خداوند جي لاءِ ڏيڻ ۾ اچي سو ڪاهن جو آهي؛ انهي کان سواءِ ڪفاري جو گهٽو، جنهن سان ڪفارو ڪيو وڃي، سو بہ ڪاهن جو آهي. 9۽ بني اسرائيل جيڪي شيون مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، تن مان هر ڪا کڻڻ واري قرباني انهي جي ٿيندي. 10۽ هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ بہ اُنهي جي ٿيندي: جيڪو بہ ماڻهو ڪا شيءِ ڪاهن کي ڏيندو سا انهي جي ٿيندي.
11۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 12بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي زال گمراهہ ٿئي، ۽ ساڻس بيوفائي ڪري، 13۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان سمهي، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي هن جي مڙس کي خبر نہ هجي، ۽ اها ڳالهہ کانئس لڪائي وڃي، ۽ هوءَ پليت ٿئي، پر هن جي برخلاف ڪو شاهد نہ هجي، ۽ نڪي ڏوهہ ڪندي پڪڙي هجي؛ 14پر ناپاڪ ٿي هجي، ۽ انهي جي مڙس کي غيرت جي ڪري جوش اچي وڃي، ۽ هو پنهنجيءَ زال جي نسبت ۾ بدگمان ٿئي: يا جي هوءَ ناپاڪ نہ ٿي هجي پر تہ بہ هن کي غيرت اچي، ۽ هو بدگمان ٿئي؛ 15تہ پوءِ اهو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي، ۽ انهيءَ جي طرفان جوَن جي اٽي جي هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو نذر طور کڻي اچي، ۽ انهي جي مٿان نڪي تيل وجهي نڪي لوبان رکي؛ ڇالاءِ جو اها غيرت جي واسطي کاڌي جي قرباني آهي، يعني يادگيريءَ جي لاءِ کاڌي جي قرباني آهي، جا گناهہ جي يادگيري ٿي ڏياري. 16پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي ويجهو آڻي، خداوند جي حضور ۾ بيهاري؛ 17۽ ڪاهن هڪڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڪ پاڻي کڻي، ۽ عبادت واري خيمي جي فرش تان مٽي کڻي انهي پاڻيءَ ۾ وجهي. 18پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛ 19۽ انهيءَ زال کي قسم کڻائي چوي تہ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو توسان نہ ستو آهي، ۽ جي تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي ناپاڪ نہ ٿي آهين؛ تہ هي ڪؤڙو پاڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري، تنهن جي اثر کان بچيل آهين. 20پر جيڪڏهن تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي آهين، ۽ ناپاڪ ٿي آهين، ۽ تنهنجي مڙس کان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو توسان ستو آهي، 21تہ ڪاهن انهيءَ زال کي لعنت جو قسم ڏئي، ۽ چويس تہ پوءِ شل خداوند تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي، ۽ تنهنجي پيٽ کي سڄائي؛ جنهن ڪري تون پنهنجيءَ قوم ۾ لعنت ۽ قسم جو مثال بڻجين؛ 22۽ هي پاڻي جو لعنت ٿو پيدا ڪري، سو تنهنجن آنڊن ۾ وڃي تنهنجو پيٽ سڄائي، ۽ تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي: ۽ اها زال چوي، آمين. 23پوءِ ڪاهن اهي لعنتون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي، انهي کي هن ڪؤڙي پاڻيءَ ۾ ڌوئي. 24پوءِ اهو پاڻي جو لعنت پيدا ٿو ڪري، سو انهيءَ زال کي پياري، ۽ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي انهيءَ زال جي پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو. 25تنهن کان پوءِ ڪاهن انهيءَ زال جي هٿ مان غيرت واري کاڌي جي قرباني وٺي، ۽ اها خداوند جي حضور ۾ لوڏي قربانگاهہ تي آڻي: 26۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري يادگيريءَ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙي، ۽ پوءِ زال کي اهو پاڻي پياري ڇڏي. 27۽ جڏهن هو کيس اهو پاڻي پياريندو، تڏهن هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هوءَ ناپاڪ ٿي هوندي، ۽ مڙس جي برخلاف ڏوهہ ڪيو هوندائين، تہ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي سندس پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو، ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو، ۽ سندس ران سڙي ڳري ڪري پوندي، ۽ اها زال پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي ٿيندي. 28پر جيڪڏهن اها زال ناپاڪ نہ ٿي هوندي ۽ پاڪ هوندي، تہ هوءَ بچي ويندي، ۽ اڳتي کيس اولاد ٿيندو. 29سو جڏهن ڪا مڙس واري زال گمراهہ ٿي ناپاڪ ٿئي تہ انهيءَ جي لاءِ اهو غيرت جو قانون آهي. 30يا جڏهن ڪنهن مرد کي غيرت جي ڪري جوش اچي وڃي، ۽ هو پنهنجيءَ زال جي نسبت ۾ بدگمان ٿئي؛ تڏهن هو پنهنجيءَ زال کي آڻي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري، ۽ ڪاهن انهيءَ تي هي سارو قانون عمل ۾ آڻي. 31پوءِ اهو ماڻهو ڏوهہ کان آزاد ٿيندو، ۽ اها زال پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندي.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 5: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 5