YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 30

30
1۽ موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن سان گفتگو ڪري، کين چيو تہ هيءَ اها ڳالهہ آهي، جنهن جو خداوند حڪم ڏنو آهي. 2تہ جڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي يا قسم کڻي، ۽ ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي، تہ پوءِ هو پنهنجو ڪيل قول نہ ڀڃي؛ پر جيڪي سندن واتان نڪتو هجي، انهي موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري. 3۽ جيڪڏهن ڪا زال خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي، ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي، ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي؛ 4۽ سندس پيءُ انهيءَ مڃتا يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو ٻڌي ماٺ ۾ رهي، ۽ ڪي بہ نہ چويس، تہ هن جون سڀ مڃتائون يا خاص فرض قائم رهندا. 5پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ پوءِ هن جي ڪابہ مڃتا، يا ڪو خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو قائم نہ رهندو: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو، ڇالاءِ جو هن جي پيءُ کيس موڪل نہ ڏني. 6۽ جي انهيءَ زال جون مڃتائون، يا خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، تنهن جي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ هن جي شادي ٿئي؛ 7۽ سندس مڙس جنهن ڏينهن اهي ٻڌي، انهي ڏينهن ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس: تہ هن جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي سڀ قائم رهندا. 8پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو. 9پر ڪنهن بيوہ زال ۽ طلاق مليل زال جي مڃتا، يا خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا. 10پر جيڪڏهن هن پنهنجي مڙس جي گهر ۾ ڪا مڃتا مڃي هوندي، يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندائين، 11۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي هوندي، ۽ کيس منع نہ ڪئي هوندائين؛ تہ پوءِ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا. 12پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو. 13هن جي هر ڪنهن مڃتا کي، يا سندس روح جي رياضت واري هر ڪنهن فرض کي، سندس مڙس چاهي تہ قائم رکي، يا چاهي تہ رد ڪري ڇڏي. 14پر جيڪڏهن هن جو مڙس روز بہ روز ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس؛ تہ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جي مٿس آهن تن کي هو قائم ٿو ڪري: هن انهن کي قائم ڪيو آهي، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن انهن جي خبر پيس، تنهن ڏينهن کيس ڪجهہ بہ ڪين چيائين. 15پر اهي ٻڌي پوءِ جڏهن هو انهن کي رد ڪندو، تہ سندس زال جو گناهہ سندس سر تي ايندو. 16هي آهن اُهي قانون، جي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾، جڏهن هوءَ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، ۽ مڙس ۽ زال جي وچ ۾ عمل ۾ اچن؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 30: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 30