YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 28

28
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 2بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو. 3تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج. 4هڪڙو گهيٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهيٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج؛ 5۽ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين حصي ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج. 6اها هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني آهي، جا سينا جبل وٽ مقرر ڪئي ويئي، تہ خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي. 7۽ پيئڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙي گهيٽي جي پٺيان مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: ۽ تون پاڪ مڪان ۾ تيز مئي جي پيئڻ واري قرباني، خداوند جي حضور ۾ اوتج. 8ٻيو گهيٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج: انهي سان گڏ بہ تون کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج، تہ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.
9۽ سبت جي ڏينهن ٻہ يڪسالا بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو تيل ۾ گڏيل، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، ۽ انهي سان گڏ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج: 10روزمرہ جي سوختني قرباني، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، هيءَ هر ڪنهن سبت جي سوختني قرباني آهي.
11۽ اوهين پنهنجي هر ڪنهن مهيني جي شروعات ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني پيش ڪجو؛ يعني ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا؛ 12۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هرهڪ وهڙي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، تيل ۾ گڏيل؛ ۽ گهٽي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، تيل ۾ گڏيل؛ 13۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هجي؛ اها وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني آهي، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي. 14۽ انهن سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ جي واسطي هڪ وهڙي جي پٺيان مئي جو اڌ هين، ۽ هڪڙي گهٽي جي پٺيان هين جو ٽيون حصو، ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: اها سال جي سڀني مهينن لاءِ، هر مهيني جي سوختني قرباني آهي. 15۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.
16۽ پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ، خداوند جي فسح جي عيد آهي. 17۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ عيد ٿيندي: ست ڏينهن بي خميري ماني کائڻ ۾ ايندي. 18پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: 19پر اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني، يعني سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو ۽ ست يڪسالا گهيٽا: اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن: 20۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هرهڪ وهڙي جي واسطي، تيل ۾ گڏيل ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، 21۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي تون هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو پيش ڪج؛ 22۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي. 23صبح واري سوختني قرباني، جا هميشہ جي سوختني قرباني آهي، تنهن کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو. 24انهيءَ طرح اوهين ست ڏينهن برابر هر روز خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا پيش ڪندا رهجو: ۽ هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ قرباني بہ پيش ڪرڻ ۾ اچي. 25۽ ستين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
26انهي کان سواءِ لاباري واري ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجيءَ هفتن واريءَ عيد تي خداوند جي حضور ۾ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: 27پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛ 28۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هرهڪ وهڙي جي واسطي، تيل ۾ گڏيل ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، 29۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو؛ 30هڪڙو ٻڪر اوهان جي ڪفاري لاءِ هئڻ گهرجي. 31هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، اوهين هي بہ پيش ڪجو. (اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن.)

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 28: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 28