YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 26

26
1۽ طاعون کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ، ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو، ۽ چيائين تہ 2بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت مان، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ تي وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪريو. 3تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدان ۾، يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي، انهن کي چيو تہ 4جيئن خداوند موسيٰ کي، ۽ جيڪي بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا هئا، تن کي حڪم ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ اوهان مان جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تن جو شمار ڪريو.
5روبن، جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو، تنهن جا پٽ هي آهن؛ حنوڪ، جنهن کان حنوڪين جو گهراڻو شروع ٿيو: فلو، جنهن کان فلوئين جو گهراڻو شروع ٿيو: 6حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: ڪرمي، جنهن کان ڪرمين جو گهراڻو شروع ٿيو. 7اهي آهن بني روبن جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيتاليهہ هزار، ست سؤ ۽ ٽيهہ ٿيا. 8۽ فلو جو پٽ؛ الياب. 9۽ الياب جا پٽ؛ نموئيل، ۽ داتن، ۽ ابيرام هئا. هي اهي داتن ۽ ابيرام آهن، جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جڏهن قورح جي ٽوليءَ خداوند سان جهيڙو ڪيو، تڏهن هي بہ انهيءَ ٽوليءَ سان گڏجي، موسيٰ ۽ هارون سان وڙهيا هئا: 10۽ جڏهن باهہ اڍائي سؤ ماڻهن کي ڀسم ڪري ڇڏيو، ۽ اها ٽولي مري ويئي، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي قورح سميت ڳهي ويئي، ۽ اُهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيا. 11تہ بہ قورح جا پٽ ڪين مئا.
12شمعون جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: نموايل، جنهن کان نموئيل جو گهراڻو شروع ٿيو: يمين، جنهن کان يمينين جو گهراڻو شروع ٿيو: يڪين، جنهن کان يڪينن جو گهراڻو شروع ٿيو: 13زارح، جنهن کان زارحين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ سائول، جنهن کان سائولين جو گهراڻو شروع ٿيو. 14اهي آهن بني شمعون جا گهراڻا، ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ.
15جد جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: صفون، جنهن کان صفونين جو گهراڻو شروع ٿيو: حجي، جنهن کان حجين جو گهراڻو شروع ٿيو: سوني، جنهن کان سونين جو گهراڻو شروع ٿيو: 16اُزني، جنهن کان اُزنين جو گهراڻو شروع ٿيو: عيري، جنهن کان عيرين جو گهراڻو شروع ٿيو: 17اُرود جنهن کان اُرودين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ اريلي، جنهن کان اريلين جو گهراڻو شروع ٿيو. 18اهي آهن بني جد جا گهراڻا، جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ ٿيا.
19يهوداهہ جا پٽ عير ۽ اونان: ۽ عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا. 20۽ يهوداهہ جا ٻيا پٽ ۽ سندن گهراڻا؛ سيلہ، جنهن کان سيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: فارص، جنهن کان فارصين جو گهراڻو شروع ٿيو: زارح، جنهن کان زارحين جو گهراڻو شروع ٿيو. 21فارص جا پٽ هي آهن؛ حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: حمول، جنهن کان حمولين جو گهراڻو شروع ٿيو. 22اهي آهن بني يهوداهہ جا گهراڻا. انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇاهتر هزار ۽ پنج سؤ ٿيا.
23اشڪار جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: تولع، جنهن کان تولعين جو گهراڻو شروع ٿيو: فواہ، جنهن کان فواهين جو گهراڻو شروع ٿيو: 24يسوب، جنهن کان يسوبين جو گهراڻو شروع ٿيو: سمرون، جنهن کان سمرونين جو گهراڻو شروع ٿيو. 25اهي آهن بني اشڪار جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهٺ هزار ٽي سؤ ٿيا.
26زبولون جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: سرد، جنهن کان سردين جو گهراڻو شروع ٿيو: ايلون جنهن کان ايلونين جو گهراڻو شروع ٿيو: يهلي ايل، جنهن کان يهلي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو. 27اهي آهن بني زبولون جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سٺ هزار پنج سؤ ٿيا.
28يوسف جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: منسي ۽ افرائيم. 29منسيءَ جا پٽ: مڪير، جنهن کان مڪيرين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ مڪير مان جلعاد پيدا ٿيو: جلعاد، جنهن کان جلعادين جو گهراڻو شروع ٿيو. 30جلعاد جا پٽ هي آهن: ايعزر، جنهن کان ايعزرين جو گهراڻو شروع ٿيو: خلق، جنهن کان خلقين جو گهراڻو شروع ٿيو: 31اسري ايل، جنهن کان اسري ايلين جو گهراڻو شروع ٿيو: سڪم، جنهن کان سڪمين جو گهراڻو شروع ٿيو: 32سميدع، جنهن کان سميعين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ حضر، جنهن کان حضرين جو گهراڻو شروع ٿيو. 33حفر جي پٽ صلافحاد کي پٽ ڪونہ هو، پر ڌيون هيس: ۽ صلافحاد جي ڌيئرن جا نالا هي آهن، محلاہ ۽ نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ، ۽ ترضاہ. 34اهي آهن بني منسيءَ جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاونجاهہ هزار ست سؤ ٿيا.
35افرائيم جا پٽ ۽ سندن گهراڻا هي آهن: سوتلح، جنهن کان سوتلحين جو گهراڻو شروع ٿيو: بڪر، جنهن کان بڪرين جو گهراڻو شروع ٿيو: تحن، جنهن کان تحنين جو گهراڻو شروع ٿيو. 36۽ سوتلح جا پٽ اهي آهن: عيران جنهن کان عيرانين جو گهراڻو شروع ٿيو. 37اهي آهن بني افرائيم جا گهراڻا. انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار پنج سؤ ٿيا. يوسف جي پٽن جا گهراڻا اهي آهن.
38بنيمين جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: بلع، جنهن کان بلعين جو گهراڻو شروع ٿيو: اشبيل، جنهن کان اشبيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: اخيرام، جنهن کان اخيرامين جو گهراڻو شروع ٿيو: 39سوفام، جنهن کان سوفامين جو گهراڻو شروع ٿيو: حوفام، جنهن کان حوفامين جو گهراڻو شروع ٿيو. 40بالاع جا ٻہ پٽ هئا: هڪڙو ارد، جنهن کان اردين جو گهراڻو شروع ٿيو: ٻيو نعمان، جنهن کان نعمانين جو گهراڻو شروع ٿيو. 41اهي آهن بني بنيمين جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ ٿيا.
42دان جو پٽ، جنهن کان سندس گهراڻو شروع ٿيو، سو آهي سوحام، جنهن کان سوحامين جو گهراڻو شروع ٿيو. اهو آهي دان جو گهراڻو. 43سوحامين جي گهراڻي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهٺ هزار چار سؤ ٿيا.
44آشر جا پٽ، جن مان سندن گهراڻا شروع ٿيا، سي هي آهن: يمنہ، جنهن کان يمنين جو گهراڻو شروع ٿيو: اسوي، جنهن کان اسوين جو گهراڻو شروع ٿيو: بريعاہ، جنهن کان بريعاهين جو گهراڻو شروع ٿيو. 45بريعاہ جا پٽ: حبر جنهن کان حبرين جو گهراڻو شروع ٿيو: ملڪي ايل، جنهن کان ملڪي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو. 46آشر جي ڌيءَ جو نالو سارہ هو. 47اهي آهن بني آشر جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار چار سؤ ٿيا.
48نفتاليءَ جا پٽ، جن مان سندن گهراڻا شروع ٿيا، سي هي آهن: يحصي ايل، جنهن کان يحصي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو: جوني، جنهن کان جونين جو گهراڻو شروع ٿيو: 49يصر، جنهن کان يصرين جو گهراڻو شروع ٿيو: سليم، جنهن کان سليمين جو گهراڻو شروع ٿيو. 50اهي آهن نفتاليءَ جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار چار سؤ ٿيا.
51سو بني اسرائيل مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سڀ ڇهہ لک هڪ هزار ست سؤ ۽ ٽيهہ ٿيا. 52پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 53انهن کي ئي سندن نالن جي شمار موجب اها زمين ورثي طور ورهائجي ملي. 54جنهن قبيلي ۾ گهڻا ماڻهو هجن، تنهن کي گهڻو ورثو ملي، ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن، تنهن کي ٿورو ورثو ملي: هرهڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب ورثو ملي. 55انهي هوندي بہ پُکا وجهي زمين ورهائجي: انهن کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب ورثو ملي. 56گهڻن ماڻهن جو قبيلو هجي توڙي ٿورن ماڻهن جو، پر پُکا وجهي سندن ورثو ورهائڻ گهرجي.
57۽ لاوين مان جن جو سندن گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي هي آهن: جيرسون، جنهن کان جيرسونين جو گهراڻو شروع ٿيو: قهات، جنهن کان قهاتين جو گهراڻو شروع ٿيو: مراري، جنهن کان مرارين جو گهراڻو شروع ٿيو. 58انهي کان سواءِ هي بہ لاوين جا گهراڻا آهن، يعني لبنين جو گهراڻو، خبرونين جو گهراڻو، محلين جو گهراڻو، موشين جو گهراڻو، قورحين جو گهراڻو. ۽ قهات مان عمرام پيدا ٿيو. 59۽ عمرام جي زال جو نالو يوڪبد هو، جا لاويءَ جي ڌيءَ هئي، ۽ مصر ۾ لاويءَ جي پيٽان ڄائي هئي: انهي مان عمرام کي ٻہ پٽ، يعني هارون ۽ موسيٰ، ۽ سندن ڀيڻ مريم پيدا ٿيا. 60۽ هارون جا پٽ هئا، ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر. 61پر ندب ۽ ابيهو تہ انهي ڏينهن مري ويا، جنهن ڏينهن انهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي. 62باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو.
63هي اهي بني اسرائيل آهن، جن جو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدانن ۾، يريحو جي سامهون، يردن نديءَ جي ڪناري تي شمار ڪيو. 64پر سينا جي بيابان ۾ جن اسرائيلين جو موسيٰ ۽ هارون ڪاهن شمار ڪيو هو، تن مان هڪڙو ماڻهو بہ هنن ۾ ڪونہ هو. 65ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 26: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 26