ڳاڻاٽو 24
24
1جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي مرضي آهي تہ آءٌ اسرائيل کي برڪت ڏيان، تڏهن هو ٻين وقتن وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، پر بيابان ڏانهن منهن ڪري هليو ويو. 2۽ بلعام پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسرائيلين کي پنهنجن قبيلن موجب رهندو ڏٺائين؛ اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو. 3تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو:
بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو: 4جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:
5اي يعقوب، تنهنجا تنبو، ۽ اي اسرائيل، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ چڱا آهن!
6اهي اهڙا تہ پکڙيل آهن، جهڙيون ماٿريون، ۽ جهڙا ندين جي ڪنارن وارا باغ، ۽ جهڙا خداوند جا پوکيل عود جا ٻوٽا، ۽ پاڻيءَ جي ڀر وارا سرو جا وڻ.
7پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي. 8خدا هن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هن ۾ ڄڻ تہ جهنگلي سان جهڙو زور آهي: جيڪي قومون هن جي برخلاف آهن، تن کي هو کائي کپائي ڇڏيندو، ۽ انهن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجن تيرن سان انهن کي ماريندو.
9هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.
10تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هو پنهنجا هٿ ملڻ لڳو: ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي انهي لاءِ سڏايو هو تہ منهنجن دشمنن تي لعنت ڪرين، پر تو هنن کي ٽي ڀيرا نسوري برڪت ڏني آهي. 11سو هاڻي تون پنهنجي ملڪ ۾ ڀڄي وڃ: منهنجو خيال هو تہ تنهنجو مرتبو وڌايان؛ پر ڏس، خداوند توکي مرتبي کان روڪي ڇڏيو. 12تنهن تي بلعام بلق کي چيو، تہ جيڪي قاصد تو مون ڏانهن موڪليا هئا، تن کي مون ائين نہ چيو هو ڇا تہ 13جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان سواءِ، پنهنجيءَ مرضي موجب، هنن سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگهندس؛ جيڪي خداوند فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڳالهائيندس؟ 14هاڻي ڏس، آءٌ پنهنجيءَ قوم ڏانهن وڃان ٿو: تون اچ تہ تو کي اطلاع ڏيان تہ هيءَ قوم تنهنجيءَ قوم سان پوين ڏينهن ۾ ڇا ڪندي. 15تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ:
بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:
16جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌي، ۽ جيڪو خدا تعاليٰ جو علم ٿو ڄاڻي، ۽ جيڪو سجدي ۾ ليٽي کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ: 17آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو. 18هن جا دشمن، ادوم ۽ شعير، ٻئي هن جي قبضي ۾ ايندا، ۽ اسرائيل بهادري ڪندو. 19يعقوب مان هڪڙو بادشاهي ڪندو، ۽ جيڪي شهر ۾ رهجي ويندا تن کي برباد ڪندو. 20پوءِ هن عماليقين ڏانهن نهاريو، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪيائين ۽ چوڻ لڳو تہ: عماليق قومن ۾ پهريون هو؛ پر هن جي پڇاڙي نيست ٿيندي. 21پوءِ وري قينين تي نظر ڪيائين، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪري چوڻ لڳو تہ: تنهنجي رهڻ جي جاءِ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو آکيرو ٽڪر تي بنايو ويو آهي. 22انهي هوندي بہ قين ويران ڪيو ويندو، ايتري قدر جو اسور توکي قيد ڪري وٺي ويندو. 23۽ هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چيائين تہ: افسوس جڏهن خدا ائين ڪندو تڏهن ڪير جيئرو رهندو؟ 24پر ڪتيم جي ڪناري کان جهاز ايندا، ۽ اهي اسور ۽ عبر، ٻنهي کي ڏک ڏيندا: پوءِ هو پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.
25پوءِ بلعام اُٿي روانو ٿيو، ۽ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويو، ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 24: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.