YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 22

22
1پوءِ بني اسرائيل اڳتي هليا ۽ يردن جي پرئين ڀر، موآب جي ميدان ۾، يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون.
2هاڻي اسرائيلين جيڪي امورين سان ڪيو هو، سو سڀ صفور جي پٽ بلق ڏٺو هو. 3۽ موآبي هنن ماڻهن کان ڏاڍا ڊنا، ڇالاءِ جو هو گهڻا هئا: سو موآبي، بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا پريشان ٿيڻ لڳا. 4تڏهن موآبين، مديان جي بزرگن کي چيو تہ هيءَ جماعت، جيڪي بہ اسان جي آس پاس آهي، سو ائين کائي ويندي، جيئن ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي ويندو آهي. ۽ صفور جو پٽ بلق انهي وقت موآب جو بادشاهہ هو. 5۽ هن بعور جي پٽ بلعام ڏانهن فتور ۾ قاصد موڪليا، جو نديءَ جي ڪناري تي سندس قوم جو ملڪ آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي هيئن چئي سڏي اچن، تہ ڏس، هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي: هنن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي سامهون اچي منزل ڪئي اٿن: 6هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي. 7سو موآب ۽ مديان جا بزرگ غيب گوئيءَ جا انعام پاڻ سان کڻي روانا ٿيا؛ ۽ بلعام وٽ اچي کيس بلق جو پيغام پهچايائون. 8۽ هن کين چيو تہ اوهين اڄ رات هتي ٽڪي پئو، پوءِ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو انهي موجب آءٌ اوهان کي جواب ڏيندس. سو موآب جا سردار بلعام وٽ ٽڪي پيا. 9۽ خدا بلعام وٽ اچي چيو تہ تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟ 10۽ بلعام خدا کي چيو، تہ صفور جي پٽ بلق، موآب جي بادشاهہ مون کي چوائي موڪليو آهي تہ 11ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان. 12تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن. 13سو بلعام صبح جو اُٿي بلق جي سردارن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃو: ڇالاءِ جو خداوند مون کي اوهان سان هلڻ لاءِ موڪل نٿو ڏئي. 14تڏهن موآب جا سردار روانا ٿيا ۽ بلق وٽ اچي چيائونس، تہ بلعام اسان سان اچڻ کان انڪار ٿو ڪري. 15تنهن تي بلق وري ٻيا سردار موڪليا، جي اڳين کان گهڻا ۽ وڌيڪ آبرودار هئا. 16انهن بلعام وٽ اچي کيس چيو، تہ صفور جو پٽ بلق هيئن ٿو چوي، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون ڪنهن بہ سبب ڪري مون وٽ اچڻ کان روڪجي نہ ويهہ؛ 17ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجو مرتبو وڌائيندس، ۽ جيئن تون مون کي چوندين تيئن ڪندس: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اچي هنن ماڻهن کي لعنت ڪر. 18تڏهن بلعام بلق جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر، چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگهندس، ۽ نڪي انهي کان گهٽ يا وڌ ڪندس. 19سو هاڻي اوهين بہ ڀلائي ڪري اڄوڪي رات هتي ٽڪي پئو، تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي. 20پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج. 21سو بلعام صبح جو اُٿيو ۽ پنهنجيءَ گڏهہ تي زين رکي، موآب جي سردارن سان گڏجي روانو ٿيو.
22۽ هن جي وڃڻ ڪري خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي: ۽ خداوند جو فرشتو هن جي مخالفت لاءِ اچي رستي تي بيٺو. هاڻي هو گڏهہ تي چڙهيل هو، ۽ سندس ٻہ نوڪر ساڻس گڏ هئا. 23۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي هٿ ۾ ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو: تڏهن گڏهہ رستي کان مُڙي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لڳي، پر بلعام گڏهہ کي ڦيرائي رستي تي آڻڻ لاءِ مارڻ لڳو. 24تنهن تي خداوند جو فرشتو ڊاک جي منهہ جي وچ ۾، هڪڙي هيٺانهين رستي تي اچي بيٺو، جتي هن جي ٻنهي پاسن کان واڙ هئي. 25۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي واڙ سان وڃي لڳي، ۽ بلعام جو پير واڙ سان ڇلي ڇڏيائين: تنهن تي هن وري بہ گڏهہ کي ماريو. 26پوءِ خداوند جو فرشتو وري اڳڀرو وڃي، هڪڙي سوڙهي هنڌ بيٺو، جتي نہ ساڄي پاسي مُڙڻ جي جاءِ هئي نہ کٻي پاسي. 27۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي، بلعام سوڌو ويهي رهي: تنهن تي بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن گڏهہ کي پنهنجيءَ لٺ سان ماريو. 28تڏهن خداوند گڏهہ جو وات کوليو، ۽ هن بلعام کي چيو، تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، جو تو ٽي ڀيرا مون کي ماريو آهي؟ 29۽ بلعام گڏهہ کي چيو، تہ هن ڪري تہ تو مون سان چرچو ڪيو آهي: جي منهنجي هٿ ۾ ترار هجي ها، تہ جيڪر هتي جو هتي تو کي ماري وجهان ها. 30تڏهن گڏهہ بلعام کي چيو، تہ آءٌ تنهنجي گڏهہ ناهيان ڇا جنهن تي تو پنهنجي سڄي ڄمار اڄ ڏينهن تائين سواري ڪئي آهي؟ ڪڏهن اڳي بہ مون تو سان ائين ڪيو آهي؟ هن چيو تہ نہ. 31تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو. 32۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو، تہ ڇو تو پنهنجيءَ گڏهہ کي ٽي ڀيرا ماريو؟ ڏس، آءٌ تنهنجي مخالفت لاءِ آيو آهيان، ڇالاءِ جو تنهنجي هلت منهنجيءَ نظر ۾ ڏنگي آهي: 33۽ گڏهہ مون کي ڏسي ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مُڙي ويئي: ۽ جي هوءَ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي نہ وڃي ها، تہ ضرور آءٌ تو کي ماري وجهان ها، ۽ هن کي جيئرو ڇڏيان ها. 34تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس. 35پر خداوند جي فرشتي بلعام کي چيو، تہ تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ: پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان سا ئي تون ٻڌائج. سو بلعام بلق جي سردارن سان گڏجي ويو. 36۽ جڏهن بلق ٻڌو تہ بلعام آيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب جي انهي شهر تائين ويو، جو ارنون جي حد تي، هن جي سرحد جي ڏورانهين ڀاڱي ۾ آهي. 37۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي تاڪيد سان نہ گهرايو هو ڇا؟ پوءِ ڇو تون مون وٽ هليو نہ آئين؟ آءٌ سچ پچ تنهنجو مرتبو وڌائي نٿو سگهان ڇا؟ 38تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ آيو آهيان: پر مون کي ايتري مجال نہ آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ جيڪا ڳالهہ خدا مون کي چوندو، سا ئي آءٌ ٻڌائيندس. 39پوءِ بلعام بلق سان گڏ روانو ٿيو، ۽ اهي قريت حصات ۾ آيا. 40۽ بلق ڍڳن ۽ رڍن جي قرباني ڪئي، ۽ اها بلعام وٽ، ۽ هن سان گڏ جيڪي سردار هئا تن وٽ موڪليائين. 41۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 22: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 22