YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 20

20
1پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي. 2اتي جماعت جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو: ۽ ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا. 3۽ ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ جڏهن اسان جا ڀائر خداوند جي حضور ۾ مري ويا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها تہ چڱو هو! 4ڇو اوهان خداوند جي جماعت کي هن بيابان ۾ آندو آهي، تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟ 5ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ آندو آهي؟ هيءَ زمين پوک جي يا انجيرن، يا ڊاک جي، يا ڏاڙهن جي لائق آهي ڇا؟ هتي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ڪونهي. 6تڏهن موسيٰ ۽ هارون جماعت وٽان نڪري جماعت واري تنبوءَ جي در تي آيا، ۽ منهن ڀر ڪري سجدو ڪيائون: ۽ خداوند جو جلال مٿن ظاهر ٿيو. 7۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 8لٺ کڻ، ۽ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون جماعت کي گڏ ڪري، هنن جي روبرو ٽڪر کي چئو تہ اهو پنهنجو پاڻي ڏي؛ تون انهي ٽڪر مان هنن جي لاءِ پاڻي ڪڍندين: انهيءَ طرح تون جماعت ۽ سندن چوپائي مال کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيندين. 9۽ موسيٰ خداوند جي حضور مان سندس حڪم موجب اها لٺ کنئي. 10پوءِ موسيٰ ۽ هارون انهي ٽڪر جي سامهون جماعت کي گڏ ڪيو، ۽ انهن کي چيائين تہ، اي فسادي ماڻهو، هاڻي اوهين ٻڌو؛ اسين اوهان جي لاءِ هن ٽڪر مان پاڻي ڪڍون ڇا؟ 11پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگهيري ٻہ ڀيرا ٽڪر تي پنهنجي لٺ هنئي: تہ بي انداز پاڻي نڪري آيو، ۽ جماعت ۽ سندن مال پيتو. 12پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي چيو تہ، اوهان مون تي اعتقاد نہ رکيو، ۽ اوهان بني اسرائيل جي نظر ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، تنهنڪري اوهين هن جماعت کي انهي ملڪ ۾ ڪين پهچائيندا جيڪو مون هنن کي ڏنو آهي. 13اهوئي مريبا جو چشمو آهي؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل خداوند سان جهيڙو ڪيو، ۽ هو منجهن پاڪ ثابت ٿيو.
14پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي: 15تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي: 16پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي: 17آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ مان نہ لنگهنداسين، نڪي اسين کوهن جو پاڻي پيئنداسين: اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، ۽ جيستائين اسين تنهنجيءَ سرحد کان ٻاهر وينداسين، تيستائين اسين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نڪي کٻي پاسي. 18پر ادوم جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تون منهنجي ملڪ مان متان لنگهين، نہ تہ آءٌ ترار کڻي تنهنجي مقابلي لاءِ نڪرندس. 19تڏهن بني اسرائيل هن کي چيو تہ اسين سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليا وينداسين، ۽ جي اسان ۽ اسان جي مال تنهنجو پاڻي پيتو، تہ اسين انهي جو ملهہ ڏينداسين: اسين ٻيو ڪجهہ بہ نٿا گهرون، رڳو اسان کي پنهنجي پيرين لنگهي وڃڻ ڏي. 20تنهن تي هن چيو، تہ هرگز متان لنگهين. پوءِ ادوم جو بادشاهہ گهڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي هن تي ڪاهي آيو. 21انهيءَ طرح ادوم جي بادشاهہ اسرائيل کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ کان منع ڪئي: تنهنڪري اسرائيلي هن کان ڦري ٻئي پاسي ويا.
22پوءِ اهي قادس مان روانا ٿيا: ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت هور جبل وٽ آئي. 23۽ خداوند هور وٽ ادوم جي سرحد جي ڀر ۾، موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ کين چيائين، تہ 24هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. 25سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان وٺي هور جبل تي آڻ: 26۽ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪاءِ: ۽ هارون اتي مرندو ۽ وڃي پنهنجن وڏن سان گڏبو. 27سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب ڪيو: ۽ هو ساري جماعت جي ڏسندي هور جبل تي چڙهي ويا. 28۽ موسيٰ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪيا؛ ۽ هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي: ۽ موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا. 29۽ جڏهن ساريءَ جماعت ڏٺو تہ هارون مري ويو، تڏهن انهن، يعني اسرائيل جي سڄي گهراڻي هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 20: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 20