ڳاڻاٽو 11
11
1پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين. 2تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون، ۽ موسيٰ خداوند کان دعا گهري، ۽ باهہ وسامي ويئي. 3۽ انهيءَ هنڌ جو نالو تبعيرہ رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي باهہ منجهن ٻرڻ لڳي هئي.
4۽ انهن ۾ جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو گڏيل هئا، سي اجايون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ بني اسرائيل بہ روئي چوڻ لڳا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ 5اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي، جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين، ۽ اتي جا ونگا، ۽ گدرا، ۽ تازو ۽ سڪو بصر، ۽ ٿوم، اهي سڀ اسان کي ياد ٿا پون: 6پر هاڻ اسان جو ساهہ پيو سڪي؛ هتي تہ ڪجهہ بہ نہ آهي: اسين هن من کان سواءِ ٻيو ڪي بہ نٿا ڏسون. 7اها من سڪل ڌاڻن جهڙي هئي، ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي: 8ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها گڏ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا، يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا، ۽ ديڳڙن ۾ ٿورو ٻاڦي، پوءِ انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا؛ انهيءَ جو سواد تازي تيل جهڙو هو. 9رات جو جڏهن منزلگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ من بہ ڪرندي هئي. 10۽ موسيٰ ٻڌو تہ اُمت جي گهراڻن مان سڀڪو پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيٺو روئي: ۽ خداوند کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي؛ ۽ موسيٰ کي بہ اها ڳالهہ نہ وڻي. 11تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو تنهنجي رحم جي نظر مون تي ڪانہ ٿي، جو تو هنن سڀني ماڻهن جو بار مون تي رکيو آهي. 12هي سڀ ماڻهو منهنجي ئي پيٽ ۾ پيل هئا ڇا؟ جو تون مون کي چوين ٿو تہ جيئن ڪو پيءُ پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کڻندو آهي، تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟ 13هو مون کي روئي روئي چون ٿا تہ اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون، پر آءٌ هيترن ماڻهن کي گوشت ڪٿان آڻي ڏيان؟ 14آءٌ هنن سڀني ماڻهن جو بار کڻي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اهو مون لاءِ نهايت ڳرو آهي. 15جيڪڏهن تون مون سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، تہ پوءِ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جي مون تي تنهنجي رحم جي نظر آهي تہ مون کي ماري ڇڏ، تہ آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.
16تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن. 17۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين. 18۽ تون ماڻهن کي چئُہ تہ اوهين سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪريو، جو اوهين گوشت کائيندا؛ ڇالاءِ جو اوهان جو روئڻ، خداوند جي ڪنن تائين پهتو آهي: جو چئو ٿا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ جو مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو: تنهنڪري خداوند اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ اوهين کائجو. 19۽ اوهين نہ رڳو هڪڙو ڏينهن، يا ٻہ ڏينهن، يا ڏهہ ڏينهن، يا ويهہ ڏينهن کائيندا، 20پر سڄو مهينو کائيندا، جيسين ڪ اهو اوهانجين ناسن مان نڪري، ۽ اوهين انهي مان ڪڪ ٿي پئو؛ ڇالاءِ جو اوهان انهي خداوند جي حقارت ڪئي آهي، جو اوهان منجهہ آهي، ۽ انهي جي اڳيان روئي چيو اٿوَ تہ اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين. 21تڏهن موسيٰ چيو تہ هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن، ۽ تون چوين ٿو تہ آءٌ اُنهن کي ايترو گوشت ڏيندس، جو هو سڄو مهينو کائيندا. 22هنن جي پورائيءَ لاءِ ڌڻ ۽ ڍور ذبح ڪيا ويندا ڇا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کين پوري پوي؟
23تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي ڇا؟ هاڻي تون ڏسندين تہ منهنجو چوڻ تنهنجي نسبت ۾ پورو ٿئي ٿو يا نہ. 24تڏهن موسيٰ ٻاهر نڪري ماڻهن کي خداوند جون ڳالهيون ٻڌايون، ۽ اُمت جي بزرگن مان ستر ڄڻا گڏ ڪري، انهن کي تنبوءَ جي چوڌاري بيهاريائين. 25پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون. 26پر انهن مان ٻہ ڄڻا منزلگاهہ ۾ رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو، ۽ ٻئي جو ميداد هو، ۽ انهن تي بہ روح نازل ٿيو؛ ۽ هي بہ انهن مان هئا جن جا نالا لکيا ويا هئا، پر اهي تنبوءَ ڏانهن ڪونہ ويا هئا: ۽ اهي منزلگاهہ ۾ ئي نبوت ڪرڻ لڳا. 27تڏهن هڪڙي جوان ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي موسيٰ کي چيو تہ الداد ۽ ميداد، منزلگاهہ ۾ نبوت پيا ڪن. 28تنهن تي نون جو پٽ يشوع، جو موسيٰ جو خادم هو، ۽ چونڊيل ماڻهن مان هڪڙو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اي منهنجا سائين موسيٰ، انهن کي منع ڪر. 29پر موسيٰ چيس تہ توکي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ خدا ڪري تہ شل خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون، ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي نازل ڪري! 30۽ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا بزرگ منزلگاهہ ۾ اچي گڏ ٿيا. 31۽ خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا، ۽ منزلگاهہ تي، ۽ منزلگاهہ جي ٻنهي پاسي، هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تائين آڻي ڪيرايائين، ۽ اهي زمين کان مٿي ٻہ هٿ عمق ۾ ڍير ٿي ويا. 32تڏهن ماڻهو اُٿيا، ۽ سارو ڏينهن ۽ ساري رات، ۽ ورندو سارو ڏينهن ٻٽيرا گڏ ڪيائون. جنهن تمام ٿورا گڏ ڪيا تنهن بہ اڌ مڻ جيترا گڏ ڪيا، ۽ پوءِ اهي پنهنجي لاءِ منزلگاهہ جي آس پاس پکيڙي ڇڏيائون. 33اهو گوشت اڃا سندن ڏندن جي وچ ۾ هو، ۽ اڃا اهو چٻيو ئي ڪين هئائون، تہ خداوند کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ خداوند ماڻهن کي وڏي طاعون سان ماريو؛ 34۽ انهي هنڌ جو نالو قبروت هتاوہ رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون، جن اجائي سَڌ ڪئي. 35پوءِ ماڻهو قبروت هتاوہ مان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ آيا، ۽ حصيرات ۾ منزل ڪري رهي پيا.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 11: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.