YouVersion Logo
Search Icon

متي 3

3
1انهن ڏينهن ۾ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ پٽ ۾ منادي ڪندو آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ 2اوهين توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي. 3هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“. 4هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي. 5تڏهن يروشلم، ۽ ساري يهوديہ، ۽ يردن جي آس پاس واري ملڪ جا سڀ رهاڪو وٽس هلي آيا؛ 6۽ انهن پنهنجا گناهہ باسي، يردن نديءَ ۾ هن کان بپتسما ورتي. 7پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟ 8تنهن ڪري اهڙا ڦل پيدا ڪريو جي توبهہ جي لائق هجن: 9۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي. 10بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو. 11آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. 12جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي. 13تنهن کان پوءِ يسوع بپتسما وٺڻ لاءِ گليل مان نڪري يردن ڏانهن يوحنا وٽ آيو. 14پر يوحنا منع ڪرڻ لڳس، تہ مون کي تہ پاڻ توکان بپتسما وٺڻ گهرجي، ۽ تون مون وٽ ٿو اچين؟ 15مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي. 16۽ جڏهن يسوع بپتسما وٺي رهيو، تڏهن يڪدم پاڻيءَ مان نڪري ٻاهر آيو، ۽ ڏسو تہ آسمان سندس لاءِ کُلي پيو، ۽ هن خدا جو روح ڪبوتر وانگر لهندو ۽ پاڻ تي ايندو ڏٺو. 17۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.

Currently Selected:

متي 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy