YouVersion Logo
Search Icon

متي 26

26
1۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ 2اوهان کي خبر آهي تہ ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح جي عيد ايندي، ۽ ابن آدم کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ جهلائيندا. 3تڏهن سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جا بزرگ قائفا نالي سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اچي گڏ ٿيا؛ 4۽ انهن پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ يسوع کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون. 5پر هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ ڪو گوڙ پيدا ٿئي.
6هاڻي جڏهن يسوع بيت عنياہ ۾ شمعون ڪوڙهيءَ جي گهر ۾ هو، ۽ ماني ويٺي کاڌائين، 7تڏهن هڪڙي زال سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ قيمتي عطر کڻي وٽس آئي، ۽ اهو سندس مٿي تي اوتيائين. 8پر جڏهن شاگردن اهو ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي چوڻ لڳا تہ ڪهڙي سبب ڪري هي زيان ڪيو ويو آهي؟ 9بلڪ هي عطر ڳچ پئسن تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها. 10پر يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چين تہ اوهين هن زال کي ڇو ٿا ستايو؟ ڇالاءِ جو هن مون سان ڀلائي ڪئي آهي؛ 11غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا: پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس. 12ڇالاءِ تہ هن جو منهنجي بدن تي هيءُ عطر اوتيو آهي سو منهنجي دفن جي تياريءَ واسطي ائين ڪيو اٿس. 13آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جتي ڪٿي بہ ساري دنيا ۾ هن انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي جيڪي هن زال ڪيو آهي تنهن جو ذڪر بہ سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.
14تڏهن ٻارهن ڄڻن مان هڪڙو، جنهن جو نالو يهوداهہ اسڪريوتي هو، تنهن سردار ڪاهنن وٽ وڃي چيو تہ 15جي آئون هن کي اوهان جي حوالي ڪريان تہ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟ ۽ هنن کيس ٽيهہ روپيا توري ڏنا. 16۽ انهي وقت کان وٺي هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪيئن کيس انهن جي حوالي ڪريان.
17هاڻي فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن شاگردن يسوع کي اچي چيو تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ لاءِ ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟ 18هن چيو تہ شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو، ۽ چئوس تہ اُستاد ٿو چوي، تہ منهنجو وقت ويجهو آهي؛ آئون پنهنجن شاگردن سوڌو تنهنجي گهر ۾ فسح جي عيد ڪندس. 19۽ شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن يسوع فرمايو هُئن؛ ۽ هنن فسح جي تياري ڪئي.
20هاڻي جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو ٻارهن ئي شاگردن سان گڏجي ماني کائڻ ويٺو؛ 21۽ اڃا کاڌائون ويٺي، تہ هن چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو. 22تنهن تي هو ڏاڍا غمگين ٿيا، ۽ هڪڙو هڪڙو ڪري چوڻ لڳس تہ اي خداوند آئون آهيان ڇا؟ 23۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ جنهن پنهنجو هٿ مون سان گڏ ٿالهيءَ ۾ وڌو آهي سو ئي مون کي جهلائيندو. 24ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو. 25۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اهو آئون آهيان ڇا؟ هن چيس، تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي. 26۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي تہ يسوع ماني کنئي، ۽ برڪت گهُري اُها ڀڳائين، ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، کائو، هي منهنجو بدن آهي. 27۽ پيالو کڻي، شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ چيائين، تہ اوهين سڀيئي هن مان پيئو؛ 28ڇالاءِ جو هيءُ عهد جو منهنجو اُهو رت آهي، جو گهڻن جي گناهن جي معافيءَ واسطي وهائجي ٿو. 29پر آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جنهن ڏينهن تائين آئون پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ اوهان سان گڏ اهو نئون نہ پيئان، تيسين هيءَ ڊاک جي رس وري ڪڏهن بہ نہ پيئندس.
30۽ جڏهن هو زبور ڳائي چڪا تڏهن زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.
31پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“ 32پر آئون جي اُٿندس، ۽ پوءِ اوهان کان اڳ ۾ گليل ڏانهن ويندس. 33تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ جي سڀيئي تنهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا، تہ بہ آئون ڪڏهن گمراهہ ڪين ٿيندس. 34يسوع چيس، تہ آئون توکي سچ ٿو چوان، تہ اڄوڪي رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. 35پطرس چيس، تہ جي مون کي تو سان گڏ مرڻو پوي تہ بہ آئون تنهنجو انڪار ڪين ڪندس. ۽ ٻين سڀني شاگردن بہ انهيءَ طرح چيو.
36پوءِ يسوع هنن سان گڏجي گتسمني نالي هڪڙي هنڌ آيو، ۽ پنهنجن شاگردن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهو، جيسين ڪ آئون هوڏانهن وڃي دعا گهران. 37۽ هن پطرس ۽ زبديءَ جي ٻن پٽن کي پاڻ سان کنيو، ۽ ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو. 38تڏهن هنن کي چيائين، تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳو. 39۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي. 40۽ هو شاگردن وٽ آيو، ۽ انهن کي سمهيل ڏسي پطرس کي چوڻ لڳو تہ هي ڇا، اوهين هڪڙي گهڙي بہ مون سان سجاڳ رهي نہ سگهيا؟ 41جاڳندا رهو ۽ دعا گهرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: بيشڪ روح تہ تيار آهي مگر جسم ضعيف آهي. 42وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي. 43۽ هو وري آيو ۽ ڏسي تہ اُهي سُتا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اُنهن جون اکيون ننڊاکڙيون هيون. 44۽ وري بہ اُنهن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ٽيون ڀيرو بہ دعا گهري اُهي ساڳيا لفظ چيائين. 45تنهن کانپوءِ هو شاگردن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو ۽ آرام وٺو: ڏسو اُها گهڙي ويجهي آهي جو ابن آدم کي جهلي گنهگارن جي حوالي ڪندا. 46اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو جيڪو مون کي جهلائي ٿو، سو اچي پهتو آهي.
47۽ اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، يهوداهہ جو هنن ٻارهن مان هڪڙو هو سو آيو، ۽ ساڻس هڪڙي وڏي جماعت ترارين ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن موڪليو هو. 48هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، تہ جنهن کي آئون چُمان ٿو سو اٿوَ، اُنهي کي جهلجو. 49۽ يڪدم هو يسوع وٽ اچي چوڻ لڳو تہ اي ربي، سلام: ۽ چميائينس. 50تڏهن يسوع چيس تہ ميان، جنهن ڪم لاءِ آيو آهين سو ڪر. پوءِ هنن اچي يسوع تي هٿ وڌا، ۽ قابو ڪيائونس. 51۽ ڏسو، جيڪي يسوع سان هئا، تن مان هڪڙي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، ۽ پنهنجي ترار ڪڍندي ئي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنيائين، ۽ ڪن ڪَپي ڇڏيائينس. 52تڏهن يسوع اُنهي کي چيو تہ تون پنهنجي ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: ڇالاءِ جو جيڪي ترار کڻن ٿا، سي ترار سان ئي چٽ ٿيندا. 53يا تون ڀانئين ٿو تہ آئون پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري نٿو سگهان ڇا، تہ هو هينئر جو هينئر مون ڏانهن ٻارهن فوجن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟ 54تڏهن پاڪ لکيتون ڪيئن پوريون ٿينديون، تہ ائين ضرور ٿيڻ گهرجي؟ 55اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو، 56پر هي سڀ انهي ڪري ٿيو آهي تہ نبين جون لکيتون پوريون ٿين. تڏهن سندس سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.
57۽ جن يسوع کي جهليو هو، سي هن کي سردار ڪاهن قائفا جي گهر وٺي ويا، جتي فقيهہ ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا هئا. 58پر پطرس سردار ڪاهن جي ايوان تائين پري کان هن جي پٺيان پئي آيو، ۽ اندر گهڙي سپاهين سان گڏ ويهي رهيو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ نيٺ ڇا ٿو ٿئي. 59هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس، يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف ڪوڙي شاهدي ڳولڻ لڳا، 60پر نہ ملين؛ جيتوڻيڪ گهڻا ئي ڪوڙا شاهد آيا. نيٺ هڪڙا ٻہ ڄڻا آيا، 61۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ چيو ٿي تہ آئون خدا جي هيڪل کي ڊاهي وري ٽن ڏينهن ۾ جوڙي ٿو سگهان. 62۽ سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ چيائينس، تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ هي توتي ڪهڙي شاهدي ٿا ڀرين؟ 63پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟ 64يسوع چيس تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي، بلڪ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن کان پوءِ اوهين ابن آدم کي قادر مطلق جي ساڄي هٿ تي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن تي ايندو ڏسندا. 65تڏهن سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ هن ڪفر بڪيو آهي: شاهدن جي ٻي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڏسو، اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي، 66هاڻي ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هو موت جي لائق آهي. 67تڏهن هو مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ ٺونشا هڻڻ لڳا: ۽ ڪي چماٽون هڻي چوڻ لڳس تہ 68اي مسيح، اسان کي نبوت ڪري ٻڌاءِ تہ ڪنهن توکي ڌڪ هنيو؟
69هاڻي پطرس ٻاهر ايوان ۾ ويٺو هو: ۽ هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ تون بہ هن گليل واري يسوع سان هئين. 70پر هو سڀني جي اڳيان انڪار ڪري چوڻ لڳو، تہ مون کي خبر نہ آهي تہ تون ڇا ٿي چوين؟ 71۽ جڏهن هو نڪري ڏيڍيءَ ۾ ويو، تڏهن ٻيءَ نوڪرياڻيءَ ڏٺس، ۽ جيڪي اُتي حاضر هئا تن کي چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان هو. 72۽ وري بہ هن قسم کڻي انڪار ڪري چيو تہ آئون هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪين. 73۽ ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن اچي پطرس کي چيو تہ سچ تون بہ هنن مان هڪڙو آهين؛ ڇالاءِ جو تنهنجي ڳالهائڻ مان پڌرو آهي. 74تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 75۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد آئي جا يسوع چئي هئي، تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. پوءِ هو ٻاهر وڃي زار زار روئڻ لڳو.

Currently Selected:

متي 26: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy