YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 18

18
1۽ انهيءَ مراد سان تہ هميشہ دعا گهرڻ کپي، ۽ ڪڏهن همت نہ هارجي، هن انهن کي هڪڙو مثال ڏيئي چيو، 2تہ ڪنهن شهر ۾ هڪڙو قاضي هو، جنهن کي نہ هو خدا جو خوف، ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ. 3۽ اُنهي شهر ۾ هڪ بيوهہ زال رهندي هئي. سا بار بار وٽس اچي چوندي هئي، تہ منهنجو انصاف ڪر ۽ مدعيءَ کان بچائيم. 4۽ هن ڪجهہ وقت تہ هن جي ڪين اُنائي: پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيتوڻيڪ مون کي نڪو خدا جو ڊپ آهي نہ ڪا ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ؛ 5تہ بہ هيءَ زال مون کي ستائي ٿي، تنهنڪري آئون سندس انصاف ڪندس، تہ متان بار بار اچي منهنجي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏي. 6تڏهن خداوند چيو تہ ٻُڌو، تہ هيءُ بي انصاف قاضي ڇا ٿو چوي. 7پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟ 8آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. تہ بہ جڏهن ابن آدم ايندو، تڏهن زمين تي ايمان ڏسندو ڇا؟
9۽ ڪي شخص جن کي پاڻ تي باور هو تہ اسين راستباز آهيون، ۽ ٻين سڀني کي ڪين جهڙو ڪري ليکيندا هئا، تن کي هيءُ بہ مثال ڏنائين: 10تہ ٻہ ڄڻا هيڪل ۾ دعا گهرڻ ويا، هڪڙو فريسي هو ۽ ٻيو محصولي ٺيڪيدار. 11فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان. 12آئون هفتي ۾ ٻہ لڱا روزو ٿو رکان، ۽ ڪمائيءَ جو ڏهون حصو خيرات ٿو ڪريان. 13پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر. 14آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هو ٻيو ماڻهو نہ، پر هيءُ راستباز ٿي گهر موٽيو: ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري سو هيٺ ڪيو ويندو، پر جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري سو مٿي ڪيو ويندو.
15هاڻي هو پنهنجن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، تہ هو انهن تي هٿ رکي: پر شاگردن اهو ڏسي هنن کي ڇينڀيو. 16پر يسوع هنن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ننڍن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ کين منع نہ ڪريو، ڇالاءِ تہ خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي. 17آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهت ننڍڙي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح اُنهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.
18۽ هڪڙي سردار اچي پڇيس، تہ اي نيڪ اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟ 19يسوع چيس تہ تون مون کي نيڪ ڇو ٿو چوين؟ نيڪ تہ ڪوبہ ڪونهي، سواءِ هڪڙي جي، يعني خدا جي. 20توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ماءُ پيءُ جي عزت ڪر. 21هن چيو تہ آئون ننڍپڻ کان وٺي انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندو آيو آهيان. 22۽ جڏهن يسوع هي ٻُڌو، تڏهن چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي، جيڪي اٿيئي سو سڀ وڪڻي غريبن کي ورهائي ڏي، تہ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: پوءِ اچي منهنجي پٺيان هل. 23پر جڏهن هن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿيو؛ ڇو جو هو ڏاڍو شاهوڪار هو. 24۽ يسوع هن کي ڏسي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين! 25دولتمند ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ، تنهن کان سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ وڌيڪ سولو آهي. 26۽ جن اهو ٻُڌو تن چيو، تہ تڏهن ڪير بچي سگهندو؟ 27پر هن چيو تہ جي ڳالهيون ماڻهن کان ٿي نہ ٿيون سگهن، سي خدا کان ٿي سگهنديون. 28پطرس چيو تہ ڏس، اسين پنهنجو گهر ٻار ڇڏي تنهنجي پٺيان آيا آهيون. 29هن چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو ڪونهي جنهن خدا جي بادشاهت جي لاءِ گهر، يا زال، يا ڀائر، يا ماءُ پيءُ، يا ٻار ڇڏيا هجن، 30تہ اُنهي کي هن زماني ۾ ڳچ جيترو زيادہ نہ ملي، ۽ ايندڙ جهان ۾ هميشہ جي زندگي.
31۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون. 32ڇالاءِ جو هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ ساڻس جُٺيون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا: 33۽ چهبڪ هڻندس، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽئين ڏينهن هو وري جي اُٿندو. 34پر هنن کي انهن ڳالهين مان ڪابہ سمجهہ ۾ ڪين آئي، ۽ اها ڳالهہ کانئن ڳجهي رهي، ۽ جيڪي ڳالهيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پيئي.
35۽ هيئن ٿيو، جو جڏهن هو يريحو جي ويجهو آيو، تہ هڪڙي انڌي ماڻهوءَ رستي جي ڀر ۾ ويٺي پنيو: 36۽ ميڙاڪي جي لنگهڻ جو گوڙ ٻُڌي پڇيائين تہ هي ڇا آهي؟ 37۽ هنن چيس تہ يسوع ناصري ٿو لنگهي. 38تڏهن هن واڪو ڪري چيو، تہ اي يسوع، ابن دائود، مون تي رحم ڪر. 39۽ جيڪي اڳيان پئي ويا، تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ هيڪاري وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر. 40تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ حڪم ڏنائين تہ مون وٽ وٺي اچوس. ۽ جڏهن هو ويجهو آيو، تڏهن پڇيائينس تہ 41تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ آئون تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ هن چيو تہ اي خداوند، هيءُ تہ مون کي ديد ملي. 42يسوع چيس تہ ديد وٺ: تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو. 43۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ خدا جي وڏائي ڪندو هن جي پٺيان هلڻ لڳو: ۽ سڀيئي ماڻهو هي ڏسي خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا.

Currently Selected:

لوقا 18: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy