YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 16

16
1هن شاگردن کي هيئن بہ چيو تہ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ جو هڪڙو گماشتو هو؛ جنهن تي ڪنهن اچي هن وٽ دانهن ڏني، تہ هو تنهنجو مال پيو لُٽي. 2۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس. 3تڏهن هو گماشتو دل ۾ چوڻ لڳو، تہ منهنجو مالڪ تہ مون کان گماشتگيري کسي ٿو، سو آئون ڇا ڪريان؟ ڪوڏر هڻڻ جي مون ۾ وسعت ڪانهي، ۽ پنڻ کان شرم ٿو اچيم. 4هاڻي هيءَ سٽ ٿو سٽيان، تہ جڏهن گماشتگيريءَ کان نڪران، تڏهن ماڻهو مون کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ ڏين. 5تنهن تي پنهنجي مالڪ جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏي، پهرئين کي چوڻ لڳو، تہ منهنجي مالڪ کي ڪيترو قرض ڏيڻو اٿيئي؟ 6هن چيو تہ سؤ مڻ تيل جا. هن چيس تہ پنهنجو دستاويز کڻي جهٽ پنجاهہ لکي ڏي. 7پوءِ ٻئي کي چيائين، تہ توتي گهڻو قرض آهي؟ هن چيو تہ سؤ مڻ ڪڻڪ جا. اُنهي کي چيائين تہ پنهنجو دستاويز کڻي اسي مڻ لکي ڏي. 8۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن. 9۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن. 10جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي، سو گهڻي ۾ بہ ايماندار ٿيندو: ۽ جيڪو ٿوري ۾ ڪپتيو آهي، سو گهڻي ۾ بہ ڪپتيو ٿيندو. 11تنهنڪري جي اوهين ناراستيءَ جي دولت ۾ ايماندار نہ رهيا آهيو، تہ اوهان کي سچي دولت ڪير سونپيندو؟ 12۽ جڏهن اوهين پرائي مال ۾ ايماندار نہ ٿيا آهيو، تڏهن جيڪي خود اوهان جو آهي، سو ڪير ڏيندوَ؟ 13ڪوبہ نوڪر ٻن ڌڻين جي خدمت ڪري ڪين سگهندو: ڇالاءِ جو يا هو هڪڙي سان نفرت ڪندو، ۽ ٻئي کي پيار ڪندو؛ يا تہ وري هڪڙي سان ٺهندو، ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.
14۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا. 15تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي. 16شريعت ۽ نبي، يوحنا تائين هئا، تنهن وقت کان وٺي خدا جي بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي پيئي ٿئي، ۽ هرڪو زور ڪيو اچيو اندر گهڙي. 17شريعت جو هڪڙو نقطو ٽري وڃي، تنهن کان آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ سولو آهي. 18جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏيئي ٻيءَ سان شادي ٿو ڪري، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو اُنهي نڪتل زال سان شادي ٿو ڪري، سو بہ زنا ٿو ڪري.
19هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو. 20انهي جي در تي لعزر نالي هڪ فقير، جو ناسورن جي ڦٽن سان ڀريو پيو هو، تنهن کي ويهاري ويندا هئا. 21هو ڀانئيندو هو تہ شاهوڪار جي ميز جي جوٺ کائي پيٽ ڀريان؛ ۽ ڪتا پڻ اچي سندس ڦٽ چٽيندا هئا. 22۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس. 23۽ مئلن جي عالم ۾، جتي هو عذابن منجهہ هو، اُتي هن اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ پريان ابراهيم ۽ سندس هنج ۾ لعزر ڏسڻ ۾ آيس. 24۽ هن پڪاري چيو تہ اي بابا ابراهيم، مون تي رحم ڪر، ۽ لعزر کي موڪل، تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ جو آئون هن ڄر ۾ پيو لڇان. 25پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين. 26تنهن کانسواءِ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ايڏو وڏو اوڙاهہ پيل آهي، جو جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ جي ڪن، سي وڃي ڪين سگهندا؛ ۽ نہ وري ڪو اُتان اسان وٽ اچي سگهندو. 27۽ هن چيو، تہ اي بابا، منهنجو توکي سوال آهي، تہ هن کي منهنجي پيءُ جي گهر موڪل؛ 28ڇالاءِ جو مون کي پنج ڀائر آهن؛ تہ اُنهن کي وڃي چتائي، تہ متان اُهي بہ هن عذاب جي جاءِ ۾ اچن. 29پر ابراهيم چيو تہ اُنهن وٽ موسيٰ ۽ نبي آهن، اُنهن جي ٻُڌن. 30تنهن تي هن چيو تہ نہ، بابا ابراهيم، جيڪڏهن ڪو مئلن مان اُنهن وٽ ويندو، تہ اُهي توبهہ ڪندا. 31هن چيس، تہ جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ نبين جي نٿا ٻُڌن، تہ جي ڪو مئلن منجهان جي اُٿندو، تہ اُنهي جي بہ ڪين مڃيندا.

Currently Selected:

لوقا 16: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy