لاوي سرشتو 7
7
1۽ خطا جي قرباني جو قاعدو هن ريت آهي: اها تمام پاڪ آهي. 2جنهن هنڌ اهي سوختني قرباني ذبح ڪندا آهن، انهي هنڌ خطا جي قرباني بہ ذبح ڪن: ۽ هو انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري. 3۽ هو انهي جي سڀ چرٻي پيش ڪري؛ يعني دنب ۽ اها چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن. 4۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي: 5۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ڪيل قربانيءَ طور ساڙي: اها خطا جي قرباني آهي. 6۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي. 7جهڙي گناهہ جي قرباني آهي، تهڙي خطا جي قرباني آهي، انهي جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي: جيڪو ڪاهن انهيءَ سان ڪفارو ڪري، تنهن کي ئي اها ملي. 8جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهو جي سوختني قرباني چاڙهي، سو ئي پنهنجي چاڙهيل سوختني قربانيءَ جي کل پاڻ کڻي. 9۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تيل ۾ تريل، يا تئي تي پڪل هوندي، سا انهي ڪاهن جي ٿيندي جو انهيءَ کي پيش ڪندو. 10۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، تيل سان گڏيل، يا خشڪ، هارون جي سڀني پٽن جي ٿيندي، ۽ سڀني کي برابر حصو ملندو.
11۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي، تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي. 12جي هو اها شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري، تہ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل فطيري مانيون، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ تيل ۾ ڳوهيل پڪل ڍوڍا پيش ڪري. 13انهن کان سواءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ، شڪرگذاريءَ لاءِ، فطيري مانيون قرباني طور پيش ڪري. 14۽ انهن مان هرهڪ قربانيءَ منجهان هڪڙي هڪڙي ماني هو کڻڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي اڳيان پيش ڪري: اها انهي ڪاهن جي ٿيندي، جو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ڇاٽاريندو. 15۽ شڪرگذاريءَ جي لاءِ ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت انهي ڏينهن کائڻ ۾ اچي، جنهن ڏينهن اها قرباني پيش ڪئي وڃي؛ ۽ هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ ڇڏي. 16پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي: 17پر قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو باهہ ۾ ساڙيو وڃي. 18جيڪڏهن هن جي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪجهہ گوشت ٽئين ڏينهن تائين کائبو، تہ اها قبول نہ پوندي، نڪي اها ڏيڻ واري جي بِلي شمار ٿيندي: اهو گوشت مڪروهہ آهي، ۽ جيڪو انهي مان کائيندو تنهن تي انهي جي گناهہ جو بار پوندو. 19جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي، سو کائڻ ۾ نہ اچي، اهو باهہ سان ساڙي ڇڏڻ گهرجي، ۽ باقي جيڪو گوشت آهي، سو هرڪو پاڪ ماڻهو ڀلي کائي: 20جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو. 21۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.
22۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 23بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ اوهين وهڙي، يا گهٽي، يا ٻڪريءَ جي چرٻي نہ کائجو. 24۽ جيڪو جانور پاڻيهي مري، تنهن جي چرٻي، ۽ جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جي چرٻي، ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو: پر کائجو اصل نہ. 25ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو. 26اوهين پنهنجن گهرن ۾ ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو، پوءِ اهو پکي جو هجي، توڙي جانور جو هجي. 27جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، سو ڪير بہ هوندو، تہ بہ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.
28۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 29بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري، سو پاڻ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ قرباني آڻي: 30هو پاڻ پنهنجن هٿن سان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آڻي؛ يعني چرٻي، سيني سميت کڻي اچي، تہ سينو لوڏيل قربانيءَ جي لاءِ لوڏيو وڃي. 31۽ ڪاهن اها چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: پر سينو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو. 32۽ اوهين پنهنجيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ساڄي ران، کڻڻ واري قرباني ڪري ڪاهن کي ڏجو. 33هارون جي پٽن مان، جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ۽ چرٻي پيش ڪري، تنهن کي ساڄي ران حصي ۾ ملي. 34ڇالاءِ جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان، لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن، ۽ اهو هنن جو حق بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ رهندو.
35اهو آهي هارون ۽ سندس پٽن جي مسح ٿيڻ جو حصو، جو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان، انهي ڏينهن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏينهن هو ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ڪيا ويا: 36يعني جنهن ڏينهن خداوند انهن کي مسح ڪرايو، تنهن ڏينهن انهي بابت حڪم ڏنائين، تہ بني اسرائيل کان اهو حصو کين ملندو رهي. اهو هنن جي سڀني پيڙهين ۾ سندن هميشہ جو حق آهي. 37اهو آهي سوختني قربانيءَ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ، مخصوصيت، ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جو قاعدو؛ 38جنهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهي ڏينهن فرمايو، ۽ هن بني اسرائيل کي حڪم ڏنو، تہ سينا جي بيابان ۾ خداوند جي لاءِ پنهنجون قربانيون پيش ڪن.
Currently Selected:
لاوي سرشتو 7: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.