لاوي سرشتو 25
25
1پوءِ خداوند سينا جبل تي موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ پهچو، جو آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تڏهن زمين کي خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي. 3ڇهہ ورهيہ تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪج، ۽ ڇهہ ورهيہ تون پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج، ۽ انهيءَ جو ڦل گڏ ڪج؛ 4پر ستون ورهيہ انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ سبت ٿيڻ گهرجي: انهي ۾ نڪي تون پنهنجي ٻني پوکج، نڪي پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج. 5جيڪي تنهنجي ٻنيءَ ۾ لاباري کان پوءِ پاڻيهي ڄمي، سو تون نہ لڻج، ۽ جنهن ڊاک جي ڇانگ تو ڪئي هجي، تنهن جا داڻا تون گڏ نہ ڪج: اهو ورهيہ زمين جي لاءِ پوري آرام جو ورهيہ ٿيندو. 6۽ زمين جي سبت جي پيدائش اوهان جي کاڌي لاءِ رهندي؛ يعني تنهنجي لاءِ، تنهنجي نوڪر ۽ ٻانهيءَ جي لاءِ، ۽ تنهنجي پورهيت جي لاءِ، ۽ جيڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي تنهن جي لاءِ؛ 7۽ تنهنجي، چوپائي مال جي لاءِ، ۽ انهن جانورن جي لاءِ جي تنهنجي ملڪ ۾ هوندا، انهيءَ جي سموري پيدائش انهن جي کاڌي لاءِ ٿيندي.
8۽ تون پنهنجي لاءِ ورهين جا ست سبت شمار ڪج، يعني ستن ورهين جا ستوڻا؛ ۽ ورهين جي ستن سبتن جو شمار اوڻونجاهہ ورهيہ ٿيندو. 9تنهن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين ڏينهن تون پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائي پڌرائي ڪج؛ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائجو. 10۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو. 11۽ اهو پنجاهون ورهيہ اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو: انهي ۾ اوهين ڪي بہ نہ پوکجو، نڪي جيڪي پاڻيهي ڄمي سو لڻجو، ۽ نڪي منهہ مان ڊاک جا داڻا گڏ ڪجو. 12ڇالاءِ جو اهو جشن جو سال آهي؛ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ ليکجڻ ۾ اچي: ٻنيءَ ۾ جيڪا پيدائش ٿئي سا اوهين کائجو: 13انهي جشن واري سال ۾ اوهان مان سڀ ڪو پنهنجيءَ ملڪيت جو خود مالڪ ٿئي. 14۽ جڏهن تون ڪا شيءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کي وڪڻين، يا پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريد ڪرين، تہ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو: 15جشن واري سال کان پوءِ جيترا ورهيہ گذريا هجن، تن موجب تون پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريداري ڪج، ۽ باقي ورهين جي فصل جي شمار موجب، هو توکي وڪرو ڪري ڏئي. 16جيترا وڌيڪ سال هجن، تن موجب تون انهيءَ جي قيمت وڌائج، ۽ جيترا ٿورا سال هجن، تن موجب تون انهيءَ جي قيمت گهٽائج؛ ڇالاءِ جو هو فصلن جي شمار موجب انهيءَ جي پيدائش توکي وڪڻي ٿو ڏئي. 17۽ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو؛ پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان. 18تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ منهنجن حڪمن کي ياد ڪري انهن تي هلجو؛ تہ اوهين انهي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا. 19۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو. 20۽ جيڪڏهن اوهين چوندا تہ، ڏسو، جي اسين ستين ورهيہ ۾ نہ پوکينداسين، ۽ نہ پيدائش گڏ ڪنداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟ 21تہ آءٌ ڇهين ورهيہ ۾ اوهان تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس، ۽ زمين ٽن سالن جيترو ڦل ڏيندي، 22۽ اٺين سال اوهين پوک ڪجو، ۽ اڳيون رکيل ڦل پيا کائجو؛ جيسين ڪ نائين سال زمين جو نئون ڦل پيدا ٿئي، تيسين اڳيون ڦل پيا کائجو. 23۽ زمين هميشہ جي لاءِ وڪڻڻ ۾ نہ اچي؛ ڇالاءِ جو زمين منهنجي آهي: ۽ اوهين مون وٽ مسافر ۽ مهمان آهيو. 24سو اوهين پنهنجي ملڪيت واري ملڪ ۾ زمين جو ڇڏائڻ منظور ڪجو.
25جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي ويو هجي، ۽ ملڪيت مان ڪجهہ کڻي وڪڻي، تہ هن جو ويجهو مائٽ اچي، ۽ جيڪي سندس ڀاءُ وڪيو هجي سو ڇڏائي. 26پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪوبہ اهڙو مائٽ نہ هجي جو اها ڇڏائي، ۽ جي هو پاڻ اهڙو وسعت وارو ٿي ويو هجي جو اها ڇڏائي سگهي؛ 27تہ هو انهيءَ جي وڪري جا ورهيہ شمار ڪري، ۽ باقي رهيل ورهين جي لاءِ جيڪي واجب هجي سو انهي ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي، جنهن کي هن اها ملڪيت وڪي هجي؛ پوءِ هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي. 28پر جيڪڏهن هو اها پنهنجي لاءِ موٽي هٿ ڪري نہ سگهي، تہ پوءِ جيڪي هن وڪيو هجي، سو ڀلي خريدار جي قبضي ۾ رهي، جيسين ڪ جشن وارو سال اچي: ۽ انهي جشن واري سال ۾ هن جي ملڪيت ڇٽي ويندي، پوءِ ڀلي هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي.
29۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شهر پناهہ ۾ پنهنجو گهر وڪڻي، تہ انهي جي وڪري کان پوءِ هڪڙي سال جي اندر، هو انهي کي وري ڇڏائي سگهي ٿو؛ هڪڙي پوري سال جي اندر هن کي انهي جي ڇڏائڻ جو حق رهندو. 30پر جيڪڏهن هڪڙي پوري سال جي اندر اهو ڇڏايو نہ وڃي، تہ پوءِ اُهو گهر، جو شهر پناهہ جي اندر هوندو، سو هميشہ جي لاءِ خريدار جي قبضي ۾، سندس پيڙهين تائين پڪيءَ طرح رهندو: اهو جشن واري سال ۾ ڇٽي ڪين سگهندو. 31پر جن ڳوٺن جي چوڌاري شهر پناهہ اڏيل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گهر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا: اهي ڇڏائي سگهبا، ۽ جشن واري سال ۾ پاڻهي ڇٽي ويندا. 32انهي هوندي بہ لاوين جا شهر، ۽ انهن شهرن جا گهر، جي سندين ملڪيت هجن، سي لاوي ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگهندا. 33جيڪڏهن ڪو ٻيو لاوي انهي کي ڇڏائيندو، تہ اهو گهر، ۽ ملڪيت واري شهر جو حصو انهي وٽ رهندو، ۽ جشن واري سال ۾ ڇٽي ويندو: ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۾ لاوين جي شهرن جا گهر سندين ملڪيت آهن. 34پر سندن شهر جي پسگردائيءَ واري ٻني ڪانہ وڪڻي سگهبي؛ ڇوتہ اها هنن جي مدامي ملڪيت آهي.
35۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي وڃي، ۽ تو ڏانهن پنهنجو فرض پورو ڪري نہ سگهي؛ تہ تون انهي جي مدد ڪج: هو پرديسي يا مسافر وانگي توسان گڏ رهي. 36تون انهيءَ کان وياج يا نفعو نہ وٺج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: تہ ڀلي تنهنجو ڀاءُ تو سان گڏ رهندو اچي. 37تون پنهنجا پئسا هن کي وياج تي نہ ڏج، نڪي نفعي جي لاءِ هن کي کاڌو کارائج. 38آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا ٿيان.
39۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، جو توسان گڏ رهندو هجي، سو غريب ٿي وڃي، ۽ پاڻ کي تو وٽ وڪڻي ڇڏي، تہ تون انهيءَ کان غلامن وانگي پورهيو نہ ڪرائج: 40هو تو وٽ مزور يا مسافر وانگي رهي؛ هو جشن واري سال تائين تنهنجي خدمت ڪندو: 41تنهن کان پوءِ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار تو وٽان هليا ويندا، ۽ پنهنجي خاندان، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهر ڏانهن موٽي ويندا. 42ڇالاءِ جو اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو: اهي غلامن وانگي وڪيا نہ وڃن. 43تون انهي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج. 44باقي جيڪڏهن اوهين غلام ۽ ٻانهيون رکو، تہ جيڪي قومون اوهان جي آس پاس رهن ٿيون، تن مان اوهين غلام ۽ ٻانهيون خريد ڪجو. 45انهي کان سواءِ جيڪي ڌاريا ماڻهو اوهان منجهہ رهندا هجن، تن جي ٻارن مان يا انهن جي خاندانن مان، جي اوهان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا هجن، تن مان اوهين خريد ڪري ٿا سگهو: اهي اوهان جي ملڪيت ٿيندا. 46۽ اوهين انهن کي پاڻ کان پوءِ پنهنجن ٻارن جي لاءِ ورثو ڪري ڇڏجو، تہ انهن جي ملڪيت ٿين؛ اوهين انهن مان هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگهندا: پر پنهنجن ڀائرن، يعني بني اسرائيل ۾، اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.
47۽ جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو پرديسي يا مسافر شاهوڪار ٿئي، ۽ تنهنجو ڀاءُ جو انهيءَ سان گڏ رهندو هجي سو غريب ٿي پوي، ۽ اوهان ۾ رهندڙ انهي پرديسي يا مسافر وٽ، يا انهي جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ پاڻ کي وڪڻي؛ 48تہ انهي جي وڪامڻ کان پوءِ سندس ڀائرن مان ڪوبہ انهي کي ڇڏائي ٿو سگهي؛ 49هن جو چاچو، يا هن جو سوٽ، يا هن جي خاندان مان ڪوبہ ويجهو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگهي؛ يا جي هو پاڻ شاهوڪار ٿئي، تہ پاڻ کي ڇڏائي سگهندو. 50۽ جنهن سال ۾ هن پاڻ کي وڪيو هجي، تنهن کان وٺي جشن جي سال تائين هو پنهنجي خريدار سان حساب ڪري: هن جي قيمت ورهين جي شمار موجب ٿيندي؛ يعني مزور جي ڏينهن جي حساب موجب هو انهي وٽ رهندو. 51پر جي اڃا گهڻا ورهيہ باقي هجن، تہ پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت اوترن ورهين جي حساب موجب، انهن پيسن مان موٽائي ڏئي، جن ۾ هو وڪاڻو هجي. 52پر جي جشن جي سال تائين باقي ٿورا ورهيہ هجن، تہ پوءِ هو انهي سان حساب ڪري؛ ۽ اوترن ورهين موجب پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت موٽائي ڏئي. 53هو نوڪر وانگي هر ڪنهن سال جي حساب موجب هن وٽ رهندو اچي؛ هو انهيءَ تي اهڙي طرح حڪم نہ هلائي، جو تنهنجي نظر ۾ سختي هجي. 54۽ جيڪڏهن هو انهيءَ ريت ڇڏايو نہ وڃي، تہ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽي ويندا. 55ڇالاءِ جو بني اسرائيل منهنجا ٻانها آهن؛ اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.
Currently Selected:
لاوي سرشتو 25: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.