YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 21

21
1۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ، هارون جا پٽ جي ڪاهن آهن، تن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهان جي قوم مان ڪو مري وڃي، تڏهن انهي جي لاءِ اوهين پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪريو: 2سواءِ انهي مائٽ جي لاءِ جو ويجهو هجي، يعني پنهنجي ماءُ، پيءُ، پٽ، ڌيءَ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ؛ 3۽ پنهنجي ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ، جا پرڻيل نہ هجي، ۽ جا کيس ويجهي آهي، انهن جي لاءِ هو ڀلي پاڻ کي ٻين کان ڌار ڪري. 4۽ ڇالاءِ جو هو قوم جو سردار آهي تنهن ڪري هو پاڻ کي اهڙو ناپاڪ نہ ڪري جو بي حرمتي ٿئي. 5هو پنهنجو مٿو نہ ڪوڙائين، نڪي هو پنهنجي ڏاڙهيءَ جي ڪنڊ ڪوڙائين، نڪي پنهنجي بت تي وڍ وجهن. 6هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ رهن، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: ڇالاءِ جو هو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون ٿا چاڙهين، جي سندن خدا جي خوراڪ آهن: تنهنڪري هو پاڪ رهن. 7هو اهڙي زال نہ ويهارين، جا ڪسبياڻي يا خراب هجي؛ يا جنهن کي سندس مڙس ڇڏي ڏنو هجي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ آهي. 8تنهنڪري تون انهي کي پاڪ ڄاڻ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ٿو ڪري: اهو تنهنجي لاءِ پاڪ رهندو: ڇوتہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان. 9۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي پليت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي باهہ سان ساڙيو وڃي.
10۽ جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، يعني جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل اوتيل هجي، ۽ جو پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيل هجي، سو پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي؛ 11۽ هو ڪنهن بہ مردي جي ويجهو نہ وڃي، نڪي پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ جي لاءِ پاڻ کي ناپاڪ ڪري؛ 12۽ هو پاڪ مڪان کان ٻاهر نہ نڪري، نڪي پنهنجي خدا جي پاڪ مڪان جي بي حرمتي ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تي سندس خدا جي مسح ڪرڻ واري تيل جو تاج آهي: آءٌ خداوند آهيان. 13هو ڪنواري زال سان شادي ڪري. 14بيوہ، يا طلاق ڏنل، يا خراب زال، يا ڪسبياڻيءَ سان هو شادي نہ ڪري: پر پنهنجي قوم مان ڪنهن ڪنواريءَ زال سان شادي ڪري. 15۽ هو پنهنجي تخم کي پنهنجي قوم ۾ بي آبرو نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو هن کي پاڪ ٿو ڪريان.
16۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 17هارون کي چئُہ تہ تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جنهن ۾ ڪوبہ عيب هجي، سو پنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ڪرڻ لاءِ ويجهو نہ اچي. 18ڇالاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو ويجهو نہ اچي: يعني انڌو، يا منڊو، يا چٻي نڪ وارو، يا جنهن جو ڪو عضوو وڌيل هجي، 19يا جنهن جو پير يا هٿ ڀڳل هجي، 20يا جيڪو گڪو يا بندرو هجي، يا جنهن کي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڏڍ يا خارش هجي، يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن؛ 21مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي، سو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون چاڙهڻ واسطي ويجهو نہ اچي. ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ عيب آهي؛ هو خدا جي کاڌي جي قرباني چاڙهڻ لاءِ ويجهو نہ اچي. 22هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي. 23فقط ايترو جو هو پردي جي اندر نہ وڃي، نڪي قربانگاهہ جي ويجهو وڃي، ڇالاءِ جو هن ۾ عيب آهي: متان هو منهنجي پاڪ مڪانن جي بي حرمتي ڪري: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو انهي کي پاڪ ٿو ڪريان. 24تڏهن موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي اهي سڀ ڳالهيون چئي ٻڌايون.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 21: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for لاوي سرشتو 21