YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 2

2
1۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي: 2۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي. 3۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.
4۽ جيڪڏهن تون تنور ۾ پڪل کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تہ اهي تيل ۾ ڳوهيل فطيري نان هجن، يا تيل مکيل فطيري ڍوڍا هجن. 5۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تئي تي پڪل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي فطيريءَ مانيءَ جي هجي. 6تون انهيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري مٿس تيل اوتج: اها کاڌي جي قرباني آهي. 7۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تريل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي هئڻ گهرجي. 8تون اِنهن شين مان ٺاهيل کاڌي جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ آڻج؛ ۽ اها ڪاهن وٽ آڻي حاضر ڪج، ۽ هو اها قربانگاهہ وٽ کڻي اچي، 9۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي. 10۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون باهہ سان ساڙيون وڃن، تن ۾ هيءَ تمام پاڪ آهي. 11جيڪا بہ کاڌي جي قرباني، اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪريو، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي: ڇالاءِ جو اوهين ڪوبہ خمير، يا ماکي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ ۾ نہ ساڙجو. 12اوهين پهريون ڦل خداوند جي حضور ۾ قربانيءَ طور پيش ڪجو: پر اهي چڱيءَ خوشبوءِ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙيا نہ وڃن. 13تون جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تنهن ۾ ضرور لوڻ وجهج؛ تون پنهنجي کاڌي جي قرباني ۾ پنهنجي خدا جي عهد جو لوڻ بند نہ ڪج: تون پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪج.
14جيڪڏهن تون پنهنجي پهرئين ڦل جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪرين، تہ پنهنجي اَن جا پهريان سنگ باهہ ۾ ڀُڃي، اُنهن سنگن مان ڪٽيل اَن ڪڍي، اهو کاڌي جي قربانيءَ وانگر پيش ڪج. 15۽ تون انهي تي تيل اوتج ۽ مٿس لوبان رکج: اها کاڌي جي قرباني ٿيندي. 16پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 2: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for لاوي سرشتو 2