لاوي سرشتو 18
18
1۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 3مصر جو ملڪ جنهن ۾ اوهين رهندا هئا، انهن جهڙا ڪم اوهين متان ڪريو: ۽ ڪنعان جو ملڪ، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان، انهن جهڙا ڪم بہ اوهين متان ڪريو: نڪي اوهين انهن جي قانونن تي هلجو. 4اوهين منهنجن حڪمن تي هلجو، ۽ اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ انهن تي هلجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 5تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان.
6اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ويجهيءَ مائٽياڻيءَ جو ننگ کولڻ لاءِ انهي جي ويجهو نہ وڃي: آءٌ خداوند آهيان. 7تون پنهنجي پيءُ جو ننگ، يعني پنهنجيءَ ماءُ جو ننگ نہ کولج: هوءَ تنهنجي ماءُ آهي؛ تون انهيءَ جو ننگ نہ کولج. 8تون پنهنجي پيءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اهو تنهنجي پيءُ جو ننگ آهي. 9نڪي تون پنهنجي ڀيڻ جو، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجيءَ ماءُ جي ڌيءَ جو ننگ کولج، پوءِ اها گهر ۾ ڄائي هجي، يا ڪٿي ٻاهر ڄائي هجي. 10تون پنهنجي پٽ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو انهن جو ننگ خود تنهنجو ننگ آهي. 11تنهنجي پيءُ جي زال جي ڌيءَ، جا تنهنجي پيءُ مان ڄائي هجي؛ اها تنهنجي ڀيڻ آهي، تنهن جو بہ ننگ تون نہ کولج. 12تون پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي پيءُ جي ويجهي مائٽياڻي آهي. 13تون پنهنجي ماءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو اها تنهنجيءَ ماءُ جي ويجهي مائٽياڻي آهي. 14تون پنهنجي پيءُ جي ڀاءُ جو ننگ نہ کولج، نڪي هن جي زال جي ويجهو وڃج: اها تنهنجي چاچي آهي. 15تون پنهنجيءَ ننهن جو ننگ نہ کولج، اها تنهنجي پٽ جي زال آهي: تون انهيءَ جو ننگ متان کولين. 16تون پنهنجي ڀاءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي ڀاءُ جو ننگ آهي. 17تون ڪنهن بہ زال ۽ سندس ڌيءَ ٻنهي جو ننگ نہ کولج؛ تون انهيءَ زال جي پٽ جي ڌيءَ، يا سندس ڌيءَ جي ڌيءَ کي ننگ کولڻ لاءِ متان وٺين؛ اهي ويجهيون مائٽياڻيون آهن: اها وڏي بدڪاري آهي. 18تون هڪڙيءَ زال جي جيئري هوندي، انهيءَ جي ڀيڻ کي سندس پهاڄ ٿيڻ لاءِ، ۽ انهيءَ جو ننگ کولڻ لاءِ، نہ وٺج. 19جيڪا زال پنهنجيءَ ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جو ننگ کولڻ لاءِ، سندس ويجهو نہ وڃج. 20تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪري، پاڻ کي انهيءَ سان پليت نہ ڪج. 21تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان. 22تون ڪنهن مرد سان زال وانگر نہ سمهج: ڇالاءِ جو اهو مڪروهہ آهي. 23۽ تون ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪج: ۽ نہ ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي انهي جي هيٺان سمهي: اها اونڌي ڳالهہ آهي.
24اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري پليت ٿيون آهن: 25۽ اها زمين بہ پليت ٿيل آهي: تنهنڪري آءٌ انهن کي سندن بدڪاري جي سزا ڏيندس، اهڙي جو زمين پنهنجن رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي. 26تنهنڪري اوهين قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو، ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو؛ نڪي گهرو، نڪي پرديسي جيڪي اوهان منجهہ رهندا هجن، انهن مان ڪو ڪم ڪن: 27(ڇالاءِ تہ جيڪي اوهان کان اڳي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، تن اهي سڀ مڪروهہ ڪم ڪيا آهن، ۽ اها زمين پليت آهي؛) 28سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قوم کي ڪڍي ڇڏيائين. 29ڇالاءِ تہ جيڪو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪندو، تہ اهڙا ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا. 30تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
Currently Selected:
لاوي سرشتو 18: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.