YouVersion Logo
Search Icon

يشوع 13

13
1هاڻي يشوع پيرسن ۽ ڪُهن سال ٿيو؛ ۽ خداوند کيس چيو تہ تون ٻڍو ٿيو آهين، ۽ اڃا گهڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي. 2۽ جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين جون سڀ سرحدون، ۽ سڀ جسوري؛ 3سيحور، جو مصر جي اڳيان آهي تنهن کان وٺي اُتر ڏي عقرون جي حد تائين، جو ڪنعانين ۾ شمار ٿيل آهي: فلستين جا پنج سردار؛ يعني غزي ۽ اشدودي، اسقلوني، جاتي، ۽ عقروني؛ 4۽ ڏکڻ ۾ عويم: ۽ ڪنعانين جي ساري زمين، ۽ مغارہ جو صيدانين جو آهي، تنهن کان وٺي افيق تائين، يعني امورين جي حدن تائين: 5۽ جبلين جو ملڪ، ۽ سارو لبنان، اُڀرندي ڏي، حرمون جبل جي هيٺان بعل جد کان وٺي حماٿ ۽ انهي جي گهڙڻ تائين: 6ڪوهستان جا سڀيئي رهاڪو، لبنان کان وٺي مسرفات المائم تائين ۽ سڀ صيداني بہ، انهن سڀني کي آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس: تون فقط انهيءَ کي ورهائي اسرائيل کي ورثو ڪري ڏي، جيئن مون توکي فرمايو آهي. 7تنهنڪري هاڻي اها زمين تون اُنهن نوَن فرقن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي ورثي ۾ ورهائي ڏي. 8انهن جي ٻئي حصي کي بني روبن، ۽ بني جد سان گڏ، اُڀرندي ڏي يردن جي هن ڀر موسيٰ جو ڏنل موروثي حصو مليو، جهڙيءَ طرح خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏنو؛ 9يعني عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جو سارو ميدان، جو ديبون تائين آهي؛ 10۽ امورين جي بادشاهہ جا سڀ شهر، سيحون، جو حسبون ۾ بني عمون جي سرحد تائين بادشاهت ڪندو هو؛ 11۽ جلعاد ۽ جسورين ۽ معڪاٿين جي سرحد، ۽ سڄو حرمون جبل، ۽ سڄو بسن سلڪہ تائين 12بسن ۾ عوج جي سڄي بادشاهت، جو رفائيم مان باقي بچيل هو، جو عستارات ۽ ادرعي ۾ بادشاهت ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو انهن کي موسيٰ ماري مات ڪري ڪڍي ڇڏيو هو. 13انهي هوندي بہ بني اسرائيل نڪي جسورين کي، نڪي معڪاٿين کي، ڪڍي ڇڏيو: پر اهي جسوري ۽ معڪاٿي، اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجهہ رهندا اچن. 14رڳو لاوي جي فرقي کي هن ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو؛ خداوند اسرائيل جي خدا جون باهہ سان ساڙڻ واريون قربانيون انهن جو ورثو آهن، جيئن هن کيس فرمايو.
15۽ موسيٰ بني روبن جي فرقي کي سندن قبيلن موجب ورثو ڏنو: 16۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛ 17حسبون ۽ ان جا جيڪي شهر ميدان ۾ آهن؛ ديبون، ۽ باماٿ بعل، ۽ بيٿ بعل معون، 18۽ يهصاہ، ۽ قديماٿ، ۽ مفعٿ، 19۽ قريٿائم، ۽ سبماہ، ۽ ضرٿ السحر، جو واديءَ جي ٽڪر تي آهي؛ 20۽ بيت فغور، ۽ پسگہ جا چشما، ۽ بيت يسيموٿ، 21۽ ميدان جا سڀ شهر، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون جي ڪل بادشاهت، جو حسبون ۾ بادشاهي ڪندو هو، ۽ جنهن کي موسيٰ مديان جي اميرن، اوي، ۽ رقم، ۽ صور، ۽ حور، ۽ ربع سان گڏ ماريو، اهي سڀ سيحون جا امير هئا، جي اُنهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا. 22۽ بلعام بن بعور، جو فالون وجهندو هو، سو بہ انهن مان هو، جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو. 23۽ بني روبن جي حد يردن ۽ ان جو ڪنارو هئي. اهو هو بني روبن جو ورثو سندن قبيلن موجب، سندن شهرن ۽ ڳوٺن سميت.
24۽ موسيٰ جد جي فرقي کي، يعني بني جد کي، سندن قبيلن موجب ورثو ڏنو. 25۽ انهن جي حد هئي يعزير ۽ جلعاد جا سڀ شهر، ۽ بني عمون جي اڌ زمين، عروعير تائين، جو ربہ جي سامهون آهي. 26۽ حسبون کان رامٿ المصفاهہ ۽ بطونيم تائين؛ ۽ محنايم کان دبير جي حد تائين؛ 27۽ واديءَ ۾ بيت هارم ۽ بيت نمرہ، ۽ سڪاٿ ۽ صفون، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت، يردن جي ڪناري تائين، ۽ ڪنرٿ جي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تائين، جو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي آهي. 28اهو آهي بني جد جو ورثو، سندن قبيلن ۽ شهرن ۽ ڳوٺن موجب.
29۽ موسيٰ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ورثو ڏنو: ۽ بني منسيءَ جي انهي اڌ فرقي کي سندن قبيلن موجب مليل ورثو هي آهي. 30انهن جي سرحد محنايم کان وٺي، سارو بسن، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت، ۽ يائير جا سڀ شهر، جي بسن ۾ آهن، ڪل سٺ شهر: 31۽ اڌ جلعاد، ۽ عستارات، ۽ ادرعي، بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر، اهي منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي ملڪيت هئا، يعني مڪير جي اڌ گهراڻي جي، سندن قبيلن موجب.
32هي اُهي حصا آهن جي يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏي، يريحو جي ڀرسان، موآب جي ميدان ۾ موسيٰ ورثو ڪري ورهائي ڏيئي ڇڏيا. 33پر لاوي جي فرقي کي موسيٰ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو: خداوند، اسرائيل جو خدا، انهن جو ورثو آهي، جيئن هن انهن کي فرمايو.

Currently Selected:

يشوع 13: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in