يشوع 11
11
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حصور جي بادشاهہ يابين اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن مدون جي بادشاهہ يوبات، ۽ سمرون جي بادشاهہ، ۽ اڪشاف جي بادشاهہ ڏي، 2۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ڪوهستان جي اُتر ڏي، ۽ ڪنرٿ جي ڏکڻ وارن ميدانن ۾، ۽ واديءَ ۾، ۽ اُلهندي ڏي دور جي چوٽين تي هئا، 3۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو. 4۽ اُهي سڀئي پاڻ سان پنهنجا لشڪر وٺي نڪتا، ۽ اُهي ايترا بيشمار ماڻهو هئا، جو گهڻائيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جيترا هئا، ۽ ساڻن گهڻا ئي گهوڙا، ۽ جنگي گاڏيون هيون. 5۽ جڏهن اهي سڀ بادشاهہ اچي گڏ ٿيا؛ تڏهن هو اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ، ميروم جي پاڻين تي، هڪ هنڌ تنبو هڻي لهي پيا. 6تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ هنن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو سڀاڻي هن وقت آءٌ انهن سڀني کي اسرائيل جي اڳيان ماري سندن حوالي ڪندس: تون هنن جا گهوڙا گُڏيندين ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙيندين. 7انهيءَ موجب يشوع سڀ جنگي مرد پاڻ سان وٺي انهن سان وڙهڻ لاءِ اوچتو ميروم جي پاڻين وٽ آيو؛ ۽ انهن تي ڪاهي اچي پيو. 8۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛ 9۽ يشوع انهن سان ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هوس: هن انهن جا گهوڙا گڏيا، ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙي ڇڏيائين.
10انهي وقت يشوع پٺتي موٽي حصور ورتو، ۽ انهي جي بادشاهہ کي ترار سان ماريائين: ڇالاءِ جو اڳئين وقت ۾ حصور انهن سڀني بادشاهن جو سردار هو. 11۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائون: هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون: ۽ هن حصور کي باهہ سان ساڙي ڇڏيو. 12۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو. 13باقي جيڪي شهر ٽڪر تي مضبوط بيٺا هئا، تن مان ڪنهن کي بہ اسرائيل نہ ساڙيو، سواءِ انهي هڪڙي حصور کي جنهن کي يشوع ساڙي ڇڏيو. 14۽ انهن شهرن جو سڀ لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال، بني اسرائيل غنيمت ڄاڻي پنهنجي لاءِ رکيو؛ پر سڀ ماڻهو هنن ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏيا، ۽ انهن کي اهڙو ناس ڪيائون جو هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون. 15جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو هو: ۽ يشوع بہ ائين ئي ڪيو؛ جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ پورو ڪيائين.
16انهي طرح يشوع اُهو سڄو ملڪ ورتو، يعني ڪوهستان ۽ سڄو ڏکڻ وارو ملڪ، ۽ جشن جو ملڪ، ۽ وادي، ۽ ميدان، ۽ اسرائيل وارو جابلو ملڪ، ۽ انهي جي وادي؛ 17يعني خلق جبل، جو سعير ڏانهن آهي، تنهن کان وٺي، حرمون جبل هيٺان، لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد تائين: ۽ هن انهن جا سڀ بادشاهہ ماري چٽ ڪري ڇڏيا. 18يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گهڻي وقت تائين جنگ پئي ڪئي. 19هڪڙو بہ شهر نہ هو جنهن بني اسرائيل سان صلح ڪيو، سواءِ حوين جي، جي جبعون ۾ رهندا هئا: ٻيا سڀ هنن جنگ ۾ ورتا. 20ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
21۽ انهي وقت يشوع آيو ۽ عناقيم کي ڪوهستان مان، ۽ حبرون مان، ۽ دبير مان، ۽ عناب مان، ۽ يهوداہ جي ۽ اسرائيل جي جابلو ملڪ مان، ناس ڪري ڇڏيو: يشوع انهن سڀني کي سندن شهرن سميت صفا ناس ڪري ڇڏيو. 22عناقيم مان ڪوبہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ ڇڏيائون: فقط غزہ ۾، ۽ جات ۾، ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا. 23انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.
Currently Selected:
يشوع 11: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.