YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 20

20
1هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي. 2تنهن تي اُٿي ڊوڙي، ۽ شمعون پطرس ۽ اُنهي ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن تي يسوع جو پيار هو، ۽ چيائين، تہ خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس. 3تنهن تي پطرس ۽ اُهو ٻيو شاگرد اُٿي قبر ڏانهن روانا ٿيا. 4۽ اُهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، ۽ اُهو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو، ۽ قبر تي پهرين اچي پهتو؛ 5۽ نِوڙي اندر نهاريائين ۽ ڏسي تہ اُهي سنها ڪپڙا پيا آهن؛ تہ بہ اندر ڪين گهڙيو. 6پوءِ شمعون پطرس جو هن جي پٺيان هو سو بہ آيو، ۽ گهڙي اندر قبر ۾ ويو، ۽ ڏٺائين تہ سنها ڪپڙا پيا آهن، 7۽ اُهو رومال جو مٿي تي هوس، سو اُنهن سنهن ڪپڙن سان پيل ڪونهي، پر جدا هڪڙي هنڌ ويڙهيو رکيو آهي. 8تنهن کانپوءِ اُهو ٻيو شاگرد بہ اندر گهڙي ويو، جو پهريائين قبر تي آيو هو، ۽ ڏٺائين ۽ ايمان آندائين. 9ڇالاءِ تہ اڃا تائين اها پاڪ لکيت تہ ”هو ضرور مُردن مان جي اُٿندو،“ سا ڪانہ سمجهي هئائون. 10پوءِ شاگرد موٽي پنهنجي گهر هليا ويا.
11پر مريم قبر تي ئي ٻاهر بيٺي رُنو: ۽ روئندي روئندي نِوڙي قبر ۾ نهاريائين 12تہ ڏسي تہ جتي يسوع جو لاش پيل هو، اُتي ٻہ ملائڪ اڇن ڪپڙن سان ويٺا آهن، هڪڙو سيرانديءَ ۽ ٻيو پيرانديءَ. 13تن کيس چيو تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ هن چين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانهي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس. 14ائين چئي اڃا پٺيان ڦري، تہ ڏسي تہ يسوع بيٺو آهي، پر سڃاتائين ڪين تہ ڪو يسوع آهي. 15يسوع چيس، تہ اي مائي، روئين ڇو ٿي؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟ هن ڀانئيو تہ باغ جو مالي آهي، تنهنڪري چيائينس، تہ سائين جيڪڏهن تون هتان کڻي ويو هجينس تہ ٻڌائينم تہ ڪٿي رکيو اٿئيس تہ آئون کڻي وڃانس. 16يسوع چيس، مريم. هن ڦري عبرانيءَ ۾ چيس، ربوني؛ يعني اي اُستاد. 17يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ. 18مريم مگدليني اچي شاگردن سان ڳالهہ ڪئي تہ مون خداوند کي ڏٺو آهي، ۽ مون سان هي هي ڳالهيون ڪيون اٿس.
19پوءِ اُنهي ڏينهن، يعني هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن سانجهي ٿي، ۽ اُها جاءِ جتي شاگرد هئا، تنهن جا دروازا يهودين جي خوف کان بند هئا، تڏهن يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 20۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجي پاسري ڏيکاريائين. تنهن تي شاگرد خداوند کي ڏسي خوش ٿيا. 21تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان. 22۽ ائين چئي مٿن ڦوڪيائين، ۽ چيائين تہ اوهين پاڪ روح وٺو: 23جن جا گناهہ اوهين معاف ڪندا تن کي معاف ٿيا، ۽ جن جا اوهين قائم رکندا تن جا قائم رهيا.
24پر توما، اُنهن ٻارهن مان هڪڙو، جنهن کي جاڙو ڪري سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل ساڻن ڪونہ هو. 25تڏهن ٻيا شاگرد چوڻ لڳس تہ اسان خداوند کي ڏٺو آهي. پر هن چين تہ جيسين آئون سندس هٿن ۾ ڪلين جا نشان نہ ڏسان، ۽ ڪلين جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجهان، ۽ سندس پاسريءَ ۾ هٿ نہ وجهان، تيسين آئون اصل ڪين مڃيندس.
26۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 27تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ. 28توما جواب ڏيئي چيس، تہ اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا! 29يسوع چيس تہ تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي: پر مبارڪ آهن اُهي، جن بنا ڏٺي ايمان آندو آهي.
30۽ ٻيا بہ گهڻيئي معجزا يسوع شاگردن جي روبرو ڪيا، جي هن ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن: 31پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.

Currently Selected:

يوحنا 20: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy