Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 50

50
1اُهو ڪلام جو بابل ۽ ڪسدين جي ملڪ بابت خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت فرمايو.
2اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن. 3ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون. 4انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا. 5هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو.
6منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن. 7جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو. 8بابل جي وچ مان ڀڄي ٻاهر ٿيو، ۽ ڪسدين جي زمين منجهان نڪري وڃو ۽ ٻڪرن وانگي ٿيو جي ڌڻ جي اڳيان هلندا آهن. 9ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اُتر واري ملڪ مان وڏين قومن جي هڪڙي جماعت اُٿاري بابل تي چاڙهي ايندس: ۽ اُهي ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا؛ ۽ هو وٺجي ويندو: انهن جا تير آزمودگار پهلوان جي تيرن وانگي هوندا، ۽ انهن مان ڪوبہ خالي نہ موٽندو. 10۽ ڪسديہ لٽجي ويندو: خداوند ٿو فرمائي تہ، اُتي سڀ لٽيندڙ ڍءُ ڪندا. 11ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛ 12اوهان جي ماءُ نهايت شرمندي ٿيندي، ۽ جنهن اوهان کي ڄڻيو سا لڄي ٿيندي: ڏسو، هو قومن منجهہ سڀ کان پوئين ٿيندي؛ اها بيابان، ۽ خشڪ زمين ۽ ويران ٿيندي. 13خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو. 14۽ اوهين جي ڪمانون ڪشيو ٿا، سي سڀ بابل جي آس پاس صفون ٻڌي بيهو؛ اُنهي کي تير هڻو، ڪوبہ تير باقي نہ بچايو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. 15انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو. 16بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو.
17اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن. 18تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي سزا ڏيندس، جيئن ڪہ مون اسور جي بادشاهہ کي سزا ڏني آهي. 19۽ آءٌ اسرائيل کي وري سندس چراگاهہ ۾ وٺي ايندس، ۽ هو ڪرمل، ۽ بسن ۾ چرندو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تي ۽ جلعاد ۾ انهي جو روح راضي ٿيندو. 20خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس.
21مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر. 22جنگ جو ۽ وڏي تباهيءَ جو آواز ملڪ ۾ آهي. 23ڪيئن نہ سڄي زمين جو مترڪو وڍجي ڀڄي ڌار ٿي پيو آهي! ڪيئن نہ بابل قومن ۾ ويران ٿي ويو آهي! 24اي بابل، مون تنهنجي لاءِ دام وڌو آهي، ۽ تون ڦاٿو بہ آهين، ۽ توکي انهي جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ هو: تون لڌو آهين، ۽ پڪڙجي پيو آهيان، ڇالاءِ جون تون خداوند جي برخلاف وڙهيو آهين. 25خداوند پنهنجو صلاح خانو کوليو آهي ۽ پنهنجي ڪاوڙ جا هٿيار ڪڍي آندا اٿس: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند کي ڪسدين جي ملڪ ۾ ڪو ڪم ڪرڻو آهي. 26سڀني پاسن کان اُن تي چڙهي اچو، ان جا انبار خانا کوليو: ان کي اُڇلائي ڍير ڪريو، ۽ ان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ان جي ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي. 27اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي. 28انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن. 29ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان. 30تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جوان مرد سندس گهٽين ۾ پيا ڪرن، ۽ ان جا سڀ جنگي بهادر انهي ڏينهن ماريا ويندا. 31خداوند، لشڪرن جو خداوند، ٿو فرمائي، تہ اي مغرور، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان: ڇالاءِ جو تنهنجو ڏينهن آيو آهي، اُهو وقت، جڏهن آءٌ اچي تنهنجي خبر لهندس. 32۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس.
33لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، ٻنهي تي گڏ ظلم ٿا ٿين: ۽ جن انهن کي قيد ڪيو، سي انهن کي قابو ڪيو ويٺا آهن؛ اُهي انهن کي ڇڏي نٿا ڏين. 34انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري. 35خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪسدين ۽ بابل جي رهاڪن تي، ۽ اُن جي اميرن تي، ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن تي هڪڙي ترار آهي. 36ٻٽاڪ هڻڻ وارن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي اجائي لڪ ڪندا: اُن جي بهادر مردن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي پريشان ٿي ويندا. 37انهن جي گهوڙن تي، ۽ انهن جي گاڏين تي، ۽ انهي ۾ جيڪي گڏيل قوم جا ماڻهو آهن تن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي زالن وانگر ٿيندا: اُن جي خزانن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي ڦرجي ويندا. 38ان جي پاڻين تي خشڪ سالي آهي، ۽ اُهي سڪي ويندا: ڇالاءِ جو اها اُڪريل مورتن جي زمين آهي، ۽ هو بتن تي مست آهن. 39تنهن ڪري بر پٽ جا جانور، بگهڙن سان گڏ اُتي رهندا، ۽ اُن ۾ شترمرغ رهندا: ۽ اُهو وري ڪڏهن بہ نہ وسندو؛ نڪي پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ ڪو ماڻهو رهندو. 40خداوند ٿو فرمائي تہ جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن کي اونڌو ڪري ڪيرايو؛ تيئن ڪوبہ ماڻهو اتي نہ رهندو، ۽ نہ ڪو آدمزاد انهي ۾ اچي ٽڪندو. 41ڏس، هڪڙي قوم اُتر مان اچي ٿي؛ ۽ هڪڙي وڏي اُمت ۽ گهڻا بادشاهہ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن کان اُٿاريا ويندا. 42اُهي ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ اُهي ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم ڪونہ اٿن: انهن جو آواز سمنڊ وانگي گوڙ ٿو ڪري، ۽ اُهي گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي بابل جي ڌيءَ، سڀڪو توتي جنگي بهادر وانگي سنبريو اچي. 43بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي. 44ڏس هو يردن جي ٻيلي مان مضبوط شهر تي شينهن وانگي ڪاهي ايندو: پر آءٌ اوچتو ئي اوچتو انهن کي وٽانئس ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊي ڪڍيو ويندو، انهي کي آءٌ سندس مٿان مقرر ڪندس؛ ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟ 45تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو. 46بابل جي وٺجڻ جي هل تي زمين ڏڪي ٿي ۽ اها دانهن ملڪن ۾ پئي ٻڌجي.

Currently Selected:

يرمياہ 50: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 50