يرمياہ 48
48
1موآب بابت لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل هجي نبوءَ سان! ڇالاءِ جو اهو ويران ٿي ويو آهي؛ قريتائم شرمندو ڪيو ويو آهي، اُهو ورتو ويو آهي: مسجاب شرمندو ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃي ڇڏيو ويو آهي. 2موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي. 3حورونايم مان دانهن جو آواز ٿو اچي! لٽ ڦر ۽ وڏي مصيبت! 4موآب ناس ٿي ويو آهي؛ ان جي ننڍڙن ٻارن جي دانهن پئي ٻڌجي. 5ڇالاءِ جو لوحيت جي چاڙهيءَ کان هو رئندا مٿي ويندا؛ حورونايم جي لاهيءَ تي هنن موت جي دانهن جو ڏک ڀريو آواز ٻڌو آهي. 6ڀڄو، پنهنجون جانيون بچايو، ۽ بيابان جي ٻوٽن جهڙا ٿيو. 7ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو. 8۽ لٽ ڪرڻ وارو سڀ ڪنهن شهر تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪوبہ شهر بچي نہ ويندو؛ وادي ناس ٿيندي ۽ ميدان بہ چٽ ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. 9موآب کي کنڀ ڏيو تہ اُڏامي وڃي، ۽ ان جا شهر اهڙا ويران ٿيندا جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. 10لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو. 11موآب ننڍي هوندي کان آرام ۾ رهيو، ۽ اُن جي ڪٽي تري ۾ ويهي ويئي آهي، ۽ هو هڪڙي ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ نہ اوتيو ويو آهي، ۽ نہ هو قيد ٿي موڪليو ويو آهي: تنهن ڪري هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي بوءِ بدلي نہ آهي. 12تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُن ڏي اُهي موڪليندس جي اوتڻ وارا آهن، ۽ اُهي هن کي اوتي وهائي ڇڏيندا، ۽ هن جا ٿانوَ خالي ڪري ڇڏيندا، ۽ هنن جون صراحيون ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا. 13۽ موآب ڪموس جي ڪري اهڙو شرمندو ٿيندو، جهڙو اسرائيل جو گهراڻو بيت ايل جي ڪري ٿيو هو، جنهن تي هنن جو ڀروسو هو. 14اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟ 15موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي. 16موآب جي مصيبت اچي ويجهي پئي آهي، ۽ ان جي ڪمبختي تڪڙي تڪڙي پئي اچي. 17اوهين سڀ، جي اُن جي آس پاس آهيو سي اُن تي افسوس ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي ان جي نالي جا واقف آهيو سي چئو تہ اها مضبوط لٺ، اهو سهڻو ڏنڊو ڪيئن نہ ڀڄي پيو آهي. 18اي ڌيءُ، تون جا ديبون ۾ ٿي رهين، سا پنهنجي وڏائيءَ تان هيٺ لهي اچ، اُڃايل ٿي ويهہ؛ ڇالاءِ جو موآب جي لٽڻ ڦرڻ وارو توتي ڪاهي آيو آهي، هن تنهنجا مضبوط ڪوٽ ناس ڪري ڇڏيا آهن. 19اي عروعير جا رهاڪو، رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڪر: ۽ جيڪو مرد ڀڄي، ۽ جيڪا زال بچي نڪري تنهن کان پڇ تہ ڇا ٿي گذريو آهي؟ 20موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي. 21۽ ميدان واري ملڪ تي سزا نازل ٿي آهي؛ يعني حولون، ۽ يهصاہ، ۽ مفعت تي؛ 22۽ ديبون، ۽ نبو، ۽ بيت دبلتايم تي؛ 23۽ قريتايم، ۽ بيت جمول، ۽ بيت معون تي؛ 24۽ قريوت، ۽ بصراہ، ۽ موآب جي سڀني ويجهن ۽ پرانهن شهرن تي. 25موآب جو سڱ وڍجي ويو آهي، ۽ اُن جي ٻانهن ڀڄي پئي آهي؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ 26اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي. 27ڇالاءِ جو اسرائيل تنهنجي لاءِ کل ٺٺولي ڪين هو ڇا؟ اُهو چورن ۾ ڏٺو ويو هو ڇا؟ ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا تون هن جو ذڪر ٿو ڪرين اوترا ڀيرا تون پنهنجو ڪنڌ لوڏين ٿو. 28اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو. 29اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ. 30خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي ان جي ڪاوڙ جي خبر آهي تہ اها ڪي بہ ڪين آهي؛ اُن جي ٻٽاڪن مان ڪي بہ ڪين ورندو. 31تنهن ڪري آءٌ موآب جي لاءِ واڪا ڪندس؛ هائو آءٌ سڄي موآب لاءِ رڙيون ڪندس؛ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ هو ماتم ڪندا. 32اي سبماہ جي ڊاک آءٌ تنهنجي لاءِ يعزير جي روڄ کان وڌيڪ رئندس: تنهنجون ٽاريون سمنڊ جي مٿان لنگهي ويون، بلڪ اُهي يعزير جي سمنڊ تائين وڃي پهتيون: تنهنجن گرمي جي ميون تي ۽ تنهنجي ڊاک جي فصل تي ليٽندڙ اچي ڪڙڪيو آهي. 33موآب جي ملڪ مان، ڀلي ٻنيءَ مان، خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ مون شراب جي چيچڙي مان شراب بند ڪرائي ڇڏيو آهي: ڪوبہ هڪلون ڪري نہ لتاڙيندو: انهن جون هڪلون، هڪلون نہ ٿينديون. 34حسبون جي دانهن کان وٺي اليعالہ تائين، بلڪ يهض تائين، ۽ ضغر کان وٺي حورونايم، ۽ عجلت شليشياہ تائين، هنن رڙيون ڪيون آهن: ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي بہ ويران ٿي ويندا. 35تنهن کان سواءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ موآب مان انهيءَ کي نيست نابود ڪري ڇڏيندس جو مٿانهين مڪان تي قربانيون ٿو چاڙهي، ۽ جو پنهنجن معبودن لاءِ لوبان ٿو ساڙي. 36تنهن ڪري منهنجي دل موآب لاءِ، ۽ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ بانسرين وانگي ٿي وڄي: تنهن ڪري جيڪو مال هن گڏ ڪيو هو سو چٽ ٿي ويو آهي. 37ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن. 38موآب جي سڀني گهرن جي ڇتين تي ۽ ان جي گهٽين ۾ جتي ڪٿي ماتم متو پيو آهي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ مون موآب کي انهي ٿانوَ وانگي ڀڃي ڇڏيو آهي، جو نہ وڻندو آهي. 39ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو. 40ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اهو عقاب وانگي اُڏامندو ۽ موآب جي برخلاف پنهنجا پر پکيڙيندو. 41قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل. 42۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي. 43خداوند ٿو فرمائي، تہ اي موآب جا رهاڪو، ڊپ، ۽ کڏ، ۽ ڦانڌو، اهي توتي اچي پيا آهن. 44جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس. 45جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. 46اي موآب، افسوس آهي تنهنجي حال تي! ڪموس جي قوم نيست نابود ٿي ويئي: ڇالاءِ جو تنهنجا پٽ قيد ٿي ويا آهن، ۽ تنهنجون ڌيئون بند ۾ آهن. 47خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.
Currently Selected:
يرمياہ 48: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.