Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 23

23
1خداوند ٿو فرمائي تہ افسوس انهن تي جي منهنجي چراگاهہ جي رڍن کي ماري ڇڙ وڇڙ ڪري ٿا ڇڏين: 2تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس. 3۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا. 4۽ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي ڌنار مقرر ڪندس، جي انهن کي چاريندا: ۽ هو وري اڳتي نڪي ڊڄندا نڪي خوف ڪندا، ۽ نہ ڪو ڪو انهن مان گهٽ ٿيندو.
5خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو. 6انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي. 7تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري ڪوبہ ڪڏهن نہ چوندو تہ انهي خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ 8پر چوندا تہ انهيءَ خداوند جو قسم، جنهن اسرائيل جي گهراڻي جي نسل کي اُتر واري ملڪ مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو هو، اُتان هنن کي ڪڍي وٺي آيو؛ پوءِ هو خود پنهنجي ملڪ ۾ رهندا.
9نبين جي بابت منهنجي دل منهنجي اندر ۾ سست ٿي پيئي آهي ۽ منهنجا سڀ هڏا پيا ڏڪن؛ آءٌ نشئي ماڻهوءَ جهڙو آهيان ۽ اُنهيءَ ماڻهو جهڙو، جنهن تي شراب غالب ٿيو هجي؛ اهو سڀ خداوند ۽ سندس پاڪ ڪلام جي ڪري. 10ڇالاءِ جو زمين زناڪارن سان ڀرجي ويئي آهي؛ لعنت جي ڪري ملڪ ۾ ماتم آهي؛ بيابان جا چراگاهہ سڪي ويا آهن؛ ۽ هنن جو رستو خراب آهي، ۽ هنن جو زور حقي ناهي. 11ڇالاءِ جو نبي توڙي ڪاهن ٻئي ناپاڪ آهن؛ هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي گهر ۾ هنن جي شرارت ڏٺي آهي. 12جنهن ڪري هنن جو رستو سندن لاءِ اهڙو ٿيندو جهڙيون اونداهيءَ ۾ ترڪڻيون جايون، هو اڳتي هڪاليا ويندا ۽ انهي ۾ ڪري پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني انهن جي سزا جو سال. 13۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن. 14يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.
15تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند بنيمين بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي ناگدؤن کارائيندس ۽ پت جو پاڻي پياريندس: ڇالاءِ جو يروشلم جي نبين مان ئي ناپاڪي نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙي وئي آهي. 16لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي اوهان وٽ نبوت ڪن ٿا تن جي ڳالهين ڏي ڪن نہ ڏيو؛ اُهي اوهان کي باطل ڳالهيون سيکارين ٿا؛ هو پنهنجي دل جا خيال خواب ٻڌائين ٿا، نہ جيڪي خداوند جي وات مان آهي. 17جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي. 18ڇالاءِ جو ڪير خداوند جي صلاح مصلحت ۾ قائم رهيو آهي تہ ان جو ڪلام معلوم ڪري ٻڌي؟ ۽ ڪنهن منهنجي ڪلام ڏي ڌيان ڏنو ۽ اُهو ٻڌو آهي؟ 19ڏس، خداوند جو طوفان، يعني سندس غضب ٻاهر نڪتو آهي، هائو واچوڙي جهڙو طوفان: اُهو شريرن جي مٿي تي ڪڙڪي پوندو. 20خداوند جي ڪاوڙ تيسين نہ موٽندي جيسين انهي جي پورائي نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جو ارادو پورو نہ ڪندو: پوئين ڏينهن ۾ اوهين اُهو پوريءَ طرح سمجهندا. 21مون اُنهن نبين کي نہ موڪليو، تہ بہ هو پئي ڊوڙيا: مون انهن سان ڪلام ڪين ڪيو، تہ بہ انهن نبوت پئي ڪئي. 22پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها. 23خداوند ٿو فرمائي، تہ ڇا آءٌ فقط ويجهو خدا آهيان ۽ نہ پري جو خدا؟ 24خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟ 25جي نبي منهنجي نالي سان ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا ۽ چون ٿا تہ مون خواب لڌو آهي مون خواب لڌو آهي، تن جون سڀ ڳالهيون مون ٻڌيون آهن. 26جيڪي نبي ڪوڙيون پيشنگوئيون ٿا ڪن تن جي دل ۾ ڪيستائين اهي رهنديون؛ يعني جي پنهنجي دل جي ٺڳيءَ جا نبي آهن. 27اُهي سمجهن ٿا تہ هرڪو پنهنجا خواب پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻڌائي منهنجي قوم کان منهنجو نالو وسارائين، جيئن ڪ سندن ابن ڏاڏن بعل جي خاطر منهنجو نالو وساريو. 28خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟
29خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو ڪلام باهہ جي مثل ناهي ڇا؟ ۽ انهي مترڪي جي مثل جو ٽڪر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي؟
30تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جنهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ وٽان منهنجون ڳالهيون چورائي ٿو. 31خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جي پنهنجون زبانون هلائين ٿا ۽ چون ٿا تہ اهو ڪلام آهي. 32خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو. 33۽ جيڪڏهن اها قوم، يا اُهو نبي، يا ڪو ڪاهن تو کان پڇي ۽ چوي تہ خداوند جو ڪلام ڪهڙو آهي؟ تہ تون انهن کي چئج تہ ڪهڙو ڪلام؟ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي اُڇلائي ڇڏيندس. 34جيڪو نبي يا ڪاهن، يا قوم مان چوندو تہ خداوند جو ڪلام، تنهن ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي کي آءٌ سزا ڏيندس. 35اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي، ۽ هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي ائين چوندو تہ خداوند ڪهڙو جواب ڏنو، ۽ خداوند ڇا فرمايو آهي؟ 36۽ خداوند جي ڪلام جو ذڪر اوهين وري متان ڪريو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪلام سندس بار ٿيندو، جو اوهان جيئري خدا جون، يعني اسان جي خدا، لشڪرن جي خداوند، جون ڳالهيون بگاڙي ڇڏيون آهن. 37تون نبيءَ کي هيئن چئج تہ توکي خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟ ۽ خداوند ڇا فرمايو آهي؟ 38پر جي اوهين چوندا تہ خداوند جو ڪلام؛ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ اوهين هيءَ ڳالهہ ٿا ڪريو، يعني خداوند جو ڪلام، ۽ مون اوهان کي چوائي موڪليو آهي تہ اوهين نہ چئجو تہ خداوند جو ڪلام؛ 39تنهن ڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي بلڪل وساري ڇڏيندس، ۽ اوهان کي پنهنجي حضور مان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ شهر کي بہ جو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. 40۽ آءٌ اوهان تي هميشہ جي خواري آڻيندس، ۽ مدامي شرم، جو وسري نہ ويندو.

Currently Selected:

يرمياہ 23: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 23