Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 20

20
1هاڻي فشحور بن امير ڪاهن، جو خداوند جي گهر ۾ مکيہ عملدار هو، تنهن يرمياہ کي انهن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪندي ٻڌو. 2تڏهن فشحور يرمياہ نبيءَ کي مار ڏني ۽ کڻي انهي ڪاٺ ۾ وڌو، جو بنيمين جي مٿئين دروازي وٽ خداوند جي گهر ۾ هو. 3۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ فشحور يرمياہ کي ڪاٺ مان ڪڍيو. تڏهن يرمياہ هن کي چيو تہ خداوند تنهنجو نالو فشحور نہ رکيو آهي پر مجور مسابيب رکيو آهي. 4ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو. 5تنهن کان سواءِ هن شهر جي سڄي دولت، ۽ ان جون سڀ پيدائشون، ۽ ان جون سڀ قيمتي شيون، هائو، يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا، آءٌ هنن جي دشمنن جي هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اُهي انهن کي لٽي بابل ڏي کڻي ويندا. 6۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.
7اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو. 8ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا آءٌ ڳالهايان ٿو اوترا ڀيرا غضب ۽ بربادي ٿو پڪاريان: ڇاڪاڻ تہ خداوند جو ڪلام سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ طعنو ۽ مهڻو ڪيو ويو آهي. 9۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان. 10ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون. 11پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي. 12پر اي لشڪرن جا خداوند، جو سچي کي آزمائين ٿو ۽ گردن ۽ دل کي ڏسين ٿو، مون کي اهو بدلو ڏيکار، جو تون هنن کان وٺندين؛ ڇالاءِ جو مون تو وٽ پنهنجو فرياد ڪيو آهي. 13خداوند جي تعريف ڳايو، اوهين خداوند جي ساراهہ ڪريو: ڇالاءِ جو هن محتاجن جي جان بدڪارن جي هٿن مان ڇڏائي آهي.
14لعنت هجي انهيءَ ڏينهن تي جنهن ۾ آءٌ ڄائس: جنهن ڏينهن منهنجي ماءُ مون کي ڄڻيو سو شل برڪت وارو نہ ٿئي. 15لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جنهن منهنجي پيءُ وٽ خوشخبري آندي ۽ چيائينس تہ توکي پٽ ڄائو آهي؛ ۽ هن کي ڏاڍو خوش ڪيائين. 16ڀلي تہ اهو ماڻهو اُنهن شهرن جهڙو ٿئي، جنهن کي خداوند اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کان پشيمان نہ ٿيو: ۽ ڀلي تہ اُهو صبح جو دانهن ۽ ٻنپهرن جو خوف جي خبر ٻڌي؛ 17ڇالاءِ جو هن مون کي پيٽ ۾ ئي ڪهي نہ ڇڏيو؛ تہ جيڪر منهنجي ماءُ منهنجي قبر ٿئي ها، ۽ سندس پيٽ هميشہ وڏو هجي ها. 18ڇالاءِ آءٌ پيٽ مان نڪتس، تہ تڪليف ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خواريءَ ۾ گذري وڃن؟

Currently Selected:

يرمياہ 20: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 20