قاضين 16
16
1پوءِ سمسون غزہ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙي ڪسبياڻي ڏٺائين، ۽ هو وٽس ويو. 2۽ غزہ جي ماڻهن کي خبر پيئي تہ سمسون اتي آيو آهي. تڏهن هو چوڌاري ڦري آيس، ۽ سڄي رات شهر جي دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسيا رهيا، ۽ ماٺ ڪري ويٺا رهيا، ۽ چيائون تہ ڀلي صبح جي روشني ٿئي تہ پوءِ هن کي ماريون. 3۽ سمسون اڌ رات تائين ليٽيو پيو هو، ۽ اڌ رات جو اُٿي شهر جي دروازي جا طاق، ۽ ٻئي ٻانهون جهلي، گزن سميت اُکيڙي کڻي پنهنجن ڪلهن تي رکيائين، ۽ حبرون جي اڳيان جيڪو جبل آهي انهيءَ جي چوٽيءَ تائين اُهي کڻي ويو.
4۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ سورق جي واديءَ ۾، هڪڙي زال تي هو عاشق ٿيو جنهن جو نالو دليلہ هو. 5۽ فلستين جا سردار انهيءَ زال وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ تون هن کان ڌتاري پڇ تہ هن کي جو هيترو زور آهي سو ڇا ۾ اٿس، ۽ ڪهڙي طرح اسين هن تي غالب پئون، تہ هن کي ٻڌي ايذاءَ رسايون، ۽ اسان مان هڪڙو هڪڙو توکي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو. 6تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ تنهنجو زور ڪهڙي شيءِ ۾ آهي، ۽ ڪهڙي طرح توکي ٻڌي ايذاءُ رسائي ٿو سگهجي. 7۽ سمسون چيس تہ جيڪڏهن مون کي ستن ساين لئي جي سنهڙين ٽارين سان ٻڌندا، جي اڃا آليون هجن، تہ پوءِ آءٌ هيڻو ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس. 8تڏهن فلستين جي سردارن هن وٽ ست سايون لئي جون ٽاريون آنديون، جي اڃا آليون هيون، ۽ هن انهن سان هن کي ٻڌو. 9هاڻي هن اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا، ۽ هن انهي کي چيو تہ اي سمسون، فلستي توتي آيا آهن. ۽ هن اُهي ٽاريون ائين ڇني ڇڏيون جيئن سڻيءَ جو ڌاڳو باهہ لڳڻ ڪري ڇڄي پوندو آهي. انهيءَ طرح هن جو زور معلوم ٿي نہ سگهيو. 10۽ دليلہ سمسون کي چيو تہ ڏس تو مون سان ٺٺولي ڪئي آهي، ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايا اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو. 11تڏهن هن چيس تہ جيڪڏهن مون کي نوان رسا ٻڌندا جي اڳي ڪم آيل نہ هوندا، تہ آءٌ هيڻو ٿي ويندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس. 12تنهن تي دليلہ نوان رسا وٺي انهن سان ٻڌس، ۽ پوءِ چيائينس، تہ اي سمسون، فلستي توتي ڪاهي آيا آهن. ۽ اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪا ويٺا هئا. تڏهن هن اُهي رسا پنهنجن ٻانهن سان ڌاڳي وانگر ڇني ڇڏيا. 13تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ هيستائين تو مون سان چرچا پئي ڪيا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهايا آهن. مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو؟ ۽ هن چيس تہ جي تون منهنجي مٿي جي وارن جون ست چڳون تاڃيءَ سان اُڻي ڇڏيندينءَ. 14۽ هن اُهي هڪڙي ڪليءَ سان ٻڌي ڇڏيون، ۽ پوءِ چيائينس تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ اُها ڪلي ڪاٺ مان تاڃيءَ سميت پٽي ڪڍيائين. 15تڏهن هن چيس تہ تون ڪيئن چئي ٿو سگهين تہ تنهنجي مون سان محبت آهي، جڏهن تہ تنهنجي دل مون سان ناهي؟ تو هي ٽي ڀيرا مون سان ٺٺوليون ڪيون آهن، ۽ مون کي نہ ٻڌايو اٿئي تہ تنهنجو زور ڇا ۾ آهي. 16۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ کيس روز بروز ڳالهين سان زور ڏيڻ لڳي، ۽ تنگ ڪيائينس، تڏهن هو اهڙو بيزار ٿيو جو ڀانيائين تہ ساهہ ٿو نڪريس. 17تڏهن هن انهيءَ کي پنهنجي دل جي سڄي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس تہ منهنجي مٿي تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گهمي آهي، ڇالاءِ جو ماءُ جي پيٽ کان وٺي آءٌ خدا جو نذير ٿي رهيو آهيان: جيڪڏهن منهنجو مٿو ڪوڙيو ويندو تہ منهنجو زور مون مان هليو ويندو، ۽ آءٌ ڪمزور ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس. 18جڏهن دليلہ ڏٺو تہ هن کيس پنهنجي دل جو حال کولي ٻڌايو آهي، تڏهن هن فلستين جي سردارن کي ڪوٺي چيو تہ هن ڀيري وري اچو، جو هن مون کي پنهنجي دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي آهي. تڏهن فلستين جا سردار وٽس آيا، ۽ پنهنجي هٿ ۾ پئسا کڻي آيا. 19۽ هن انهي کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو گهرائي هن جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙايائين؛ پوءِ هن کي ستائڻ لڳي، ۽ هن جو زور وٽانئس ويندو رهيو. 20۽ هن کي چيائين تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ٻين وقتن وانگر ٻاهر ويندس ۽ پاڻ کي لوڏيندس، پر هن کي اها خبر نہ هئي تہ خداوند هن وٽان هليو ويو آهي. 21۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو. 22انهيءَ هوندي بہ مٿي ڪوڙجڻ کان پوءِ هن جا وار وري وڌڻ لڳا.
23۽ فلستين جا سردار اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي معبود دجون لاءِ هڪڙي وڏي قرباني چاڙهين، ۽ خوشيون ڪن: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي. 24۽ جڏهن ماڻهن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي معبود جي تعريف ڪرڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جو دشمن اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، جو اسان جي ملڪ جو ناس ڪندڙ هو؛ ۽ جنهن اسان منجهان گهڻن کي ماريو هو. 25۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن جون دليون خوش ٿيون، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ سمسون کي ڪوٺيو تہ مسخريون ڪري اسان کي وندرائي، ۽ هنن سمسون کي قيدخاني مان گهرايو؛ ۽ هن سندن اڳيان مسخريون ڪيون: ۽ انهن هن کي ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي ويهاريو. 26تڏهن جنهن ڇوڪريءَ سمسون کي هٿ کان جهليو هو، تنهن کي هن چيو تہ مون کي ڇڏ تہ جن ٿنڀن تي گهر بيٺل آهي تن کي هٿ لائي ڏسان ۽ مٿن ٽيڪ ڏيان. 27هاڻي اهو گهر مردن توڙي زالن سان ڀريو پيو هو؛ ۽ فلستين جا سڀ سردار اُتي هئا؛ ۽ کڏ تي اٽڪل ٽي هزار مرد توڙي زالون هيون جن سمسون جو تماشو پئي ڏٺو. 28۽ سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ياد ڪر، ۽ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اي خداوند، رڳو هن ڀيري مون کي زور ڏي تہ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان. 29پوءِ سمسون انهن ٻن وچ وارن ٿنڀن ۾ هٿ وڌا، جن تي گهر بيٺل هو، ۽ انهن تي ٽيڪ ڏنائين، ۽ هڪڙي کي ساڄي هٿ سان جهليائين ۽ ٻئي کي کٻي هٿ سان. 30۽ سمسون چيو تہ مون کي فلستين سان گڏ مرڻ قبول آهي. پوءِ پنهنجو زور ڏئي ڪنڌ جهڪايائين؛ تہ گهر انهن سردارن، ۽ ٻين سڀني ماڻهن تي ڪري پيو جي انهي ۾ هئا. انهيءَ طرح پنهنجي مرڻ مهل جيترا ماڻهو ماريائين، سي انهن کان وڌيڪ هئا جي پنهنجي جيئري ماريا هئائين. 31تڏهن هن جا ڀائر ۽ سندس پيءُ جو سڄو گهراڻو اُتي آيو، ۽ هن کي کڻي صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، سندس پيءُ منوحہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، ۽ هن اسرائيل جو ويهہ سال قاضي ٿي انصاف ڪيو.
Currently Selected:
قاضين 16: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.