يسعياہ 30
30
1خداوند فرمائي ٿو تہ انهن باغي ٻارن تي افسوس آهي، جيڪي صلاحون ڪن ٿا؛ پر مون سان نہ؛ جيڪي ڍڪ ڍڪين ٿا، پر منهنجي روح جو نہ؛ انهيءَ لاءِ تہ هو گناهہ تي گناهہ ڪندا وڃن. 2اهي مون کان پڇڻ کان سواءِ مصر ۾ ٿا وڃن؛ انهيءَ لاءِ تہ فرعون جي زور سان زوراور ٿين، ۽ مصر جي پاڇي تي ڀروسو رکن! 3تنهن ڪري مصر جو زور اوهان جي لاءِ شرم ٿيندو، ۽ مصر جي پاڇي جو ڀروسو اوهان لاءِ مونجهارو ٿيندو. 4ڇالاءِ جو هن جا سردار ضعن ۾ آهن، ۽ هن جا ايلچي حنيس ۾ آيا آهن. 5اهي سڀيئي انهي قوم کان شرمندا ٿيندا، جا انهن کي ڪوبہ فائدو نٿي پهچائي، جنهن ۾ ڪابہ مدد ۽ قاعدو ڪونهي؛ پر فقط شرمندگي ۽ خواري آهي.
6ڏکڻ جي جانورن بابت ڪلام
تڪليف ۽ مصيبت جو ملڪ، جتان شينهن ۽ شينهڻ، نانگ ۽ اُڏامندڙ آتشي سپ ٿا اچن، تنهن منجهان هو پنهنجي دولت گڏهن جي پٺيءَ تي، ۽ پنهنجا خزانا اُٺن جي ٿوهن تي کڻي انهيءَ اُمت ڏانهن ٿا وڃن، جنهن مان انهن کي ڪوبہ فائدو نہ رسندو. 7ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي. 8هاڻي وڃي اهو هن جي اڳيان هڪڙيءَ تختيءَ تي لک، ۽ هڪڙي ڪتاب ۾ داخل ڪر، تہ هو ايندڙ وقت لاءِ، ۽ هميشہ جي واسطي قائم رهي. 9ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن: 10اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو. 11رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو. 12تنهن ڪري اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ڪلام جي حقارت ٿا ڪريو، ۽ ظلم ۽ ڏنگائيءَ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهي تي ٽيڪ ٿا ڏيو؛ 13تنهن ڪري هيءَ بڇڙائي اوهان لاءِ اهڙي ٿيندي جهڙي ڦاٽل ڀت جا ڪِرڻ تي هجي، يا وڏي ڀت جنهن جو پيٽ ٻاهر نڪتل هجي، جا هڪڙي ئي لحظي ۾ اوچتو ئي اوچتو ڀڄي ڪري پوي. 14هو انهي کي ڪنڀار جي ٿانوَ وانگر ڀڃندو، ۽ انهي کي ڪين ڇڏيندو، پر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو؛ ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ اهڙو ٺڪر ڪونہ لڀندو، جنهن ۾ چلهہ مان ٽانڊو کڻجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍجي. 15ڇالاءِ جو خداوند خدا، اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ موٽي اچڻ ۽ صبر ۾ رهڻ ڪري اوهان جي سلامتي آهي، خاموشيءَ ۽ ڀروسي ۾ اوهان جي طاقت آهي: پر اوهان ائين ڪرڻ نہ گهريو. 16اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا. 17هڪڙي جي ڌمڪيءَ سان هڪ هزار ڀڄندا؛ پنجن جي ڌمڪيءَ سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ اوهين جبل جي چوٽيءَ تي روشنيءَ جي مينار وانگر ۽ ٽڪريءَ تي نشان وانگي رهجي ويندا. 18تڏهن بہ خداوند اوهان تي مهرباني ڪرڻ لاءِ ترسندو؛ ۽ اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ سرفراز ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند عادل خدا آهي؛ جيڪي هنجا منتظر آهن سي سڀ مبارڪ آهن.
19اي يروشلم ۾ صيون تي رهندڙ اُمت، تون اڳتي نہ رئندينءَ؛ هو تنهنجي دانهن جو آواز ٻڌي ضرور توتي رحم ڪندو؛ هو ٻڌندو ۽ توکي جواب ڏيندو. 20جيتوڻيڪ خداوند اوهان کي مصيبت جي ماني ۽ ڏک جو پاڻي ڏيندو، تڏهن بہ اڳتي تنهنجا استاد لڪايا نہ ويندا، بلڪ تنهنجون اکيون تنهنجن اُستادن کي ڏسنديون. 21جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو. 22۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو. 23۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو. 24ڏاند توڙي جوان گڏهہ، جي زمين ٿا کيڙين، سي ڪوڏر ۽ سپ سان وائريل سوادي چارو کائيندا. 25۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا. 26انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.
27ڏسو، خداوند جو نالو غصي جي باهہ ۽ گهاٽي دونهين سان، پري کان ٿو اچي: هن جا چپ ڪاوڙ سان ڀريل آهن، ۽ هن جي زبان تباهہ ڪندڙ باهہ وانگي آهي. 28هن جو دم نديءَ جي اُٿل وانگي آهي، جا ڳچيءَ تائين ٿي پهچي تہ قومن کي فنا ڪرڻ واري پرڻ سان ڇاڻي ۽ اُمتن جي ڄاڙين ۾ گمراهہ ڪندڙ لغام وجهي. 29جيئن عيد جي رات گيت ڳائبا آهن، تيئن اوهين گيت ڳائيندا؛ ۽ جيئن ڪو ماڻهو بانسري وڄائيندي خداوند جي جبل تي، يعني اسرائيل جي ٽڪر تي ويندو آهي تيئن اوهين دل ۾ خوش ٿيندا. 30۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو. 31ڇالاءِ جو خداوند جي آواز جي ڪري اسور ڀڄي پرزا پرزا ٿيندو، هو انهي کي لٺ سان ماريندو. 32جيڪا مقرر ڪيل لٺ خداوند هن کي هڻندو، تنهنجي هر هڪ ڌڪ سان دف ۽ بربط وڄندا: ۽ سخت لڙاين سان هو انهن سان وڙهندو. 33ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.
Currently Selected:
يسعياہ 30: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.