عبرانين 8
8
1هاڻي جيڪي ڳالهيون اسين پيا چئون، تن جو خاص مطلب هي آهي: تہ اسان جو سردار ڪاهن اهڙو آهي جو آسمانن تي قادر مطلق جي تخت جي ساڄي پاسي ويٺو آهي، 2تہ جنهن سچي خيمي کي ماڻهوءَ نہ، پر خداوند کوڙيو آهي، انهيءَ پاڪ جاءِ جو خادم ٿئي. 3ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن نذرن توڙي قربانين جي چاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيندو آهي: انهي ڪري ضرور آهي تہ هن سردار ڪاهن کي بہ چاڙهڻ جي لاءِ ڪي ڪجهہ هجي. 4هاڻي جيڪڏهن اڃا هو زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇالاءِ جو شريعت موجب نذرن ادا ڪرڻ وارا موجود آهن؛ 5جي آسماني شين جي نقل ۽ پاڇي جي خدمت ٿا ڪن. جهڙي طرح ڪ جڏهن موسيٰ تنبو ٿي جوڙيو، تڏهن خدا هدايت ڪيس: ڇالاءِ جو هو فرمائي ٿو تہ ”ڏس، جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو هو، انهي موجب سڀ شيون جوڙج.“ 6پر هاڻي مسيح ايتري قدر خادم جو درجو حاصل ڪيو آهي، جيتري قدر هو پاڻ بهتر عهد جو درمياني مقرر ڪيو ويو آهي، جو عهد بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي. 7ڇالاءِ جو جيڪڏهن اُهو پهريون عهد بي عيب هجي ها، تہ ڪنهن ٻئي جي لاءِ جاءِ نہ ٿئي ها. 8تنهنڪري هن جا عيب پڌرا ڪري هو چوي ٿو، تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا، جو آئون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداهہ جي گهراڻي سان نئون عهد ڪندس؛ 9نہ انهي عهد وانگر جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو، جڏهن مصر جي ملڪ مان کين ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جهليم؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي عهد تي قائم نہ رهيا، ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو. 10ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا: 11۽ هرڪو ماڻهو، پنهنجي هم وطن کي توڙي پنهنجي ڀاءُ کي هيئن چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سُڃاڻ: ڇالاءِ جو ننڍا توڙي وڏا سڀيئي مون کي سڃاڻندا. 12ڇالاءِ جو آئون سندن بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهہ وري ڪڏهن ياد نہ ڪندس.“
13جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.
Currently Selected:
عبرانين 8: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: