عبرانين 9
9
1هاڻي پهرئين عهد ۾ بہ عبادت جا قانون هئا، ۽ انهي جي پاڪ جاءِ هن دنيا جي هئي. 2يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن. 3۽ ٻئي پردي جي پٺيان اُهو حصو هو جنهن کي پاڪ ترين جاءِ چوندا آهن؛ 4انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛ 5۽ اُنهي جي مٿان جلال جا ڪروبي هئا، جي ڪفارہ گاهہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو اسين هاڻي تفصيلوار بيان ڪري نٿا سگهون. 6هاڻي جڏهن اهي شيون اهڙيءَ طرح تيار ٿي چڪيون تہ پوءِ تنبوءَ جي پهرئين حصي ۾ ڪاهن هر وقت خدمت بجا آڻڻ لاءِ داخل ٿا ٿين؛ 7پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي. 8انهي مان پاڪ روح هي اشارو ٿو ڏئي، تہ جيستائين تنبوءَ جو پهريون حصو بيٺو آهي، تيستائين پاڪ جاءِ ۾ وڃڻ جي واٽ ظاهر نہ ٿي ٿئي. 9اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون، 10ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.
11پر جڏهن مسيح آيو، ۽ انهن چڱين نعمتن جو سردار ڪاهن ظاهر ٿيو، جي اچي پهتيون آهن، تڏهن اهڙي تنبوءَ جي رستي داخل ٿيو جو وڏو ۽ ڪامل آهي، ۽ جو نہ هٿن جو جوڙيل ۽ نہ هن جهان جو آهي، 12۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو. 13ڇالاءِ جو جيڪڏهن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت، ۽ وهڙيءَ جي رک، ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ ڪري جسم پاڪ ۽ صاف ٿي سگهي ٿو؛ 14تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو. 15۽ انهي ڪري هو نئين عهد جو درمياني آهي، تہ پهرئين عهد جي زماني ۾ جيڪي قصور ٿيا هئا تن جي معافيءَ لاءِ، اُهو موت جو هن سَٺو، تنهن جي وسيلي، جي ماڻهو سڏيل آهن، سي واعدي موجب هميشہ جو ورثو حاصل ڪن. 16ڇالاءِ جو جتي وصيعت نامو آهي، اتي وصيعت ڪندڙ جو موت بہ ثابت ڪرڻ ضرور آهي. 17ڇالاءِ جو وصيعت نامو تڏهن عمل ۾ ٿو اچي، جڏهن موت ٿئي؛ هن ڪري جو جيسين وصيعت ڪندڙ جيئرو آهي، تيسين وصيعت نامو ڪنهن ڪم جو نہ آهي. 18تنهنڪري پهريون عهد بہ رت کانسواءِ مخصوص نہ ڪيو ويو. 19ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو، 20۽ چيائين تہ ”جيڪو عهد خدا اوهان سان ڪيو آهي، تنهن جو نشان هي رت آهي.“ 21تنهن کانسواءِ هن تنبو ۽ عبادت جي سڀني ٿانوَن تي بہ ساڳيءَ طرح رت ڇٽڪاريو. 22۽ آئون ايترو بہ چئي سگهندس تہ شريعت موجب سڀ شيون رت سان پاڪ ٿيون ٿين، ۽ رت وهائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.
23تنهنڪري ضرور هو تہ آسمان جي شين جا نقل اهڙين رسمن جي وسيلي پاڪ ٿين؛ پر خود آسمان جون شيون انهن کان بهتر قربانين جي وسيلي. 24ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي. 25نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛ 26نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي. 27۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛ 28تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.
Currently Selected:
عبرانين 9: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: