عبرانين 7
7
1ڇالاءِ جو اهو ملڪ صدق، شاليم جو بادشاهہ، خدا تعاليٰ جو ڪاهن آهي، ۽ هميشہ ڪاهن رهندو ٿو اچي. جڏهن ابراهيم بادشاهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ موٽيو، تڏهن هو کيس گڏيو ۽ سندس لاءِ برڪت گهُريائين، 2۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛ 3جنهن جو نڪو پيءُ، نڪا ماءُ، نڪو نسب نامو آهي، جنهن جي عمر جي نہ شروعات آهي نہ حياتيءَ جي پڄاڻي، پر خدا جي فرزند جي مشابهہ ڪيو ويو آهي تہ هميشہ لاءِ ڪهانت ڪري.
4هاڻي خيال ڪري ڏسو تہ اهو شخص ڪهڙو نہ بزرگ هو، جو انهي کي قوم جي بزرگ ابراهيم غنيمت جي عمدي مال مان بہ ڏهون حصو ڏنو. 5۽ ليويءَ جي اولاد مان، جي کي ڪهانت جو عهدو مليو، تن کي حڪم آهي تہ شريعت موجب اُمت کان يعني پنهنجن ڀائرن کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اُهي ابراهيم جي اولاد مان ئي پيدا ٿيا هئا. 6پر جيڪو انهن جي نسب نامي مان ڪونہ هو، تنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، ۽ جنهن کي واعدا مليا هئا، تنهن لاءِ برڪت گهُريائين. 7هاڻي انهي ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ ننڍي کي وڏي کان برڪت ملندي آهي. 8۽ هتي فاني انسان ڏهون حصو ٿا وٺن، پر هُتي اُهو ٿو وٺي، جنهن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ جيئرو آهي. 9تنهنڪري چئبو، تہ جو ليوي ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن ابراهيم جي وسيلي پاڻ بہ ڏهون حصو ڏنو آهي؛ 10ڇالاءِ جو جڏهن ملڪ صدق ابراهيم کي گڏيو، تڏهن هو اڃا سندس اندر ۾ هو.
11هاڻي جيڪڏهن ليويءَ واري ڪهانت جي ڪري ڪماليت حاصل ٿئي ها (جو انهيءَ جي ماتحت اُمت کي شريعت ملي آهي،) تہ پوءِ ڪهڙي گهُرج هئي، تہ ٻيو ڪاهن ملڪ صدق جي طريقي جو پيدا ٿئي ۽ نہ هارون جي طريقي جو؟ 12ڇالاءِ جو جڏهن ڪهانت بدلجي ويئي، تڏهن ضرور شريعت بہ بدلجڻ گهرجي. 13۽ جنهن جي بابت اهي ڳالهيون ڪيون ويون، سو ٻئي قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪنهن بہ قربانگاهہ جي خدمت نہ ڪئي. 14ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ظاهر آهي، تہ اسان جو خداوند يهوداهہ جي قبيلي مان آهي، جنهن قبيلي بابت موسيٰ ڪاهنن جي نسبت ۾ ڪي ڪين چيو. 15۽ اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي ٿئي جو ملڪ صدق جهڙو هڪڙو ٻيو ڪاهن پيدا ٿيو، 16جو جسماني حڪم جي شريعت موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو. 17ڇالاءِ جو انهي بابت اِها شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي موافق هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“
18سو اڳيون حڪم ڪمزور ۽ بي فائدي هئڻ ڪري رد ٿيو آهي؛ 19(ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون. 20۽ اِهو قسم کڻڻ کانسواءِ مقرر نہ ٿيو آهي. 21جيڪي اڳي ڪاهن مقرر ٿيا هئا، سي قسم کانسواءِ مقرر ٿيا آهن؛ پر هي قسم سان انهي جي طرفان مقرر ٿيو آهي، جنهن سندس نسبت ۾ چيو، تہ ”خداوند قسم کنيو ۽ ڪڏهن ڪين ڦرندو، تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“ 22تنهنڪري يسوع هڪڙي بهتر عهد جو ضامن آهي. 23۽ بيشڪ هو تہ گهڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيا آهن، ڇالاءِ جو موت جي سببان هو قائم رهي نٿا سگهن؛ 24پر هن جي ڪهانت لازوال آهي، ڇالاءِ جو هو هميشہ تائين قائم آهي. 25تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.
26ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي، 27جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين. 28هاڻي شريعت تہ انهن ماڻهن کي سردار ڪاهن مقرر ٿي ڪيو، جي ڪمزور آهن؛ پر شريعت کانپوءِ جيڪو قسم وارو ڪلام ٿيو، سو انهي فرزند کي مقرر ٿو ڪري، جو هميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آهي.
Currently Selected:
عبرانين 7: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: