عبرانين 6
6
1تنهنڪري اچو تہ مسيح جي بابت ٻاراڻي تعليم ڇڏي ڪماليت ڏانهن وڌندا هلون، ۽ مُردار ڪمن کان توبهہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو وري بنياد نہ وجهون؛ 2نڪي بپتسمائن، ۽ هٿن رکڻ، ۽ مُئلن جي جي اُٿڻ، ۽ هميشہ جي عدالت جي تعليم جو بنياد وري وجهون؛ 3۽ جي خدا گهُريو تہ ائين ئي ڪنداسين. 4ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو هڪ دفعي روشن دل ٿيا، ۽ آسمان واريءَ بخشش جو سواد چکيائون، ۽ پاڪ روح حاصل ڪيائون، 5۽ خدا جي چڱي ڪلام، ۽ ايندڙ جهان جي طاقتن جو ذائقو چکي ڏٺائون، 6۽ پوءِ ڦري ويا، تن کي توبهہ جي لاءِ نئون بنائڻ ناممڪن آهي؛ ڇالاءِ جو اُهي خدا جي فرزند کي پاڻ لاءِ نئين سر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن کي ذليل ٿا ڪن. 7جيڪا زمين مينهن جو پاڻي وري وري ٿي پيئي، ۽ جيڪي منجهس پوک ٿا ڪن، تن لاءِ ڀاڄيون ڀتيون پيدا ٿي ڪري، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿي ٿئي. 8پر جي اُها ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ڪري تہ نڪمي آهي ۽ لعنتي ٿيڻ کي ويجهو آهي؛ ۽ نيٺ ساڙي وڃي ٿي.
9پر اي پيارو، جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون ڪريون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي نسبت ۾ نجات جي بهتر ڳالهين جو يقين ٿا رکون. 10ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو. 11۽ اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هرڪو پڇاڙيءَ تائين ڪامل اُميد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي؛ 12تان تہ اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جهڙا ٿيو، جي ايمان ۽ تحمل جي ڪري واعدن جا وارث ٿا ٿين.
13ڇالاءِ جو جڏهن خدا ابراهيم سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کانئس وڏو ڪو ڪونہ هو، جنهن جو قسم کڻي. تنهنڪري پنهنجو ئي قسم کنيائين، 14۽ چيائين تہ ”يقيناً آئون توکي برڪت پيو ڏيندس ۽ تنهنجو اولاد وڌائيندس.“ 15۽ اهڙيءَ طرح هن صبر ڪري اهو واعدو حاصل ڪيو. 16ڇالاءِ جو ماڻهو پاڻ کان وڏي جو قسم کڻندا آهن؛ ۽ سندن سڀ ڪنهن تڪرار ۾ قسم آخرين ثابتي آهي. 17تنهنڪري خدا جڏهن واعدي جي وارثن کي زيادہ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گهُريو تہ سندس ارادي ۾ ڪا ڦير گهير ڪانہ ٿيندي، تڏهن قسم کنيائين؛ 18تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون. 19اُها اُميد اسان جي جان جو اهڙو لنگر آهي، جو مضبوط ۽ قائم آهي، ۽ پردي جي اندر بہ پهچي ٿي؛ 20جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.
Currently Selected:
عبرانين 6: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: